مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڳموري جو المناڪ حادثو- ذميوار ڪير؟

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڳوٺ ڳموري ۾ اسڪول جي ديوار ڪرڻ سبب ٽن معصوم نياڻين جو المناڪ موت صرف ھڪ حادثو نه، پر اسان جي تعليمي نظام، انتظامي نااھلي ۽ ذميوارن جي بي حسي جو جيئرو جاڳندو ثبوت آھي. جڏھن معصوم ٻار تعليم حاصل ڪرڻ بدران اسڪول جي ڀتين ھيٺان ڌٻجي پنھنجي جان وڃائين، تڏھن سوال صرف ھڪ اسڪول جو نه، پر پوري نظام جو بڻجي وڃي ٿو. جيڪڏھن حڪومت سنڌ ۽ تعليم کاتي پاران سرڪاري اسڪولن جي مرمت، بحالي ۽ بنيادي سھولتن لاءِ منظور ڪيل مخصوص بجيٽ وقت سر اسڪولن جي اڪائونٽن ۾ منتقل ڪيو وڃي ھا ۽ ان کي شفاف نموني استعمال ڪيو وڃي ھا، ته شايد اڄ ڳموري جھڙو سانحو پيش نه اچي ھا. افسوس جو ضلعي عمرڪوٽ جي ڪيترن ئي اسڪولن لاءِ مختص ڪيل رقم، جيڪا ھيڊ ماسترن ۽ تعليم کاتي حوالي ٿيل ھئي، وقت سر استعمال نه ٿي سگھي. ڄاڻ موجب ان بجيٽ کي استعمال ڪرڻ جي آخري تاريخ 15 جون مقرر ھئي، جنھن بعد استعمال نه ٿيڻ سبب اھا واپس ھلي وئي.
ھتي بنيادي سوال اھو آھي ته جڏھن اسڪولن جون عمارتون زبون حال ھيون، ديوارون ٽٽل ھيون ۽ ڇتيون به خطري ۾ ھيون، ته پوءِ بجيٽ وقت تي ڇو جاري نه ٿي؟ جيڪڏھن جاري ٿي ته استعمال ڇو نه ٿي؟ ۽ جيڪڏھن استعمال نه ٿي سگھي ته ان جا ذميوار ڪير آھن؟ ڇا انھن کان ڪو پڇاڻو ڪيو ويندو يا ھر ڀيري وانگر ڪجھه ڏينھن افسوس جو اظھار ڪري معاملو وساري ڇڏيو ويندو؟ ضلعي عمرڪوٽ جي چئن ئي تعلقن، عمرڪوٽ، سامارو، ڪنري ۽ پٿورو جي ڪيترن ئي سرڪاري اسڪولن جي حالت ڪنھن کان لڪل ناھي. ڪٿي عمارتون زبون حال آھن، ڪٿي باٿ روم ناھن، ڪٿي پيئڻ جو صاف پاڻي موجود ناھي، ڪٿي بجلي ۽ فرنيچر جي کوٽ آھي ته ڪٿي چارديواري به موجود ناھي. اڃان به ڪيترائي اسڪول سر زمين تي اهڙا موجود آهن جن جون ديوارون ۽ ڇتيون ڪنھن به وقت وڏي حادثي جو سبب بڻجي سگھن ٿيون. تعليم تي اربين رپيا خرچ ٿيڻ جون دعوائون ضرور ڪيون وڃن ٿيون، پر زميني حقيقت اھا آھي ته ڳوٺاڻن علائقن جا ڪيترائي اسڪول بنيادي سھولتن کان محروم آھن. جيڪڏھن ترقياتي فنڊ وقت سر خرچ نه ٿين يا رڳو ڪاغذن تائين محدود رھن، ته پوءِ اھڙن حادثن کي صرف حادثو چوڻ سان سماج کي انصاف ڪڏهن به نه ملي سگهندو. ھاڻي وقت اچي ويو آھي ته ڳموري سانحي جي صرف جاچ نه، پر ان سان لاڳاپيل ھر انتظامي غفلت جو احتساب به ڪيو وڃي. اھو معلوم ڪيو وڃي ته اسڪول جي عمارت جي حالت بابت اڳ ۾ ڪا رپورٽ موجود ھئي يا نه؟ مرمت لاءِ ڪا رٿابندي ڪئي وئي ھئي يا نه؟ ۽ جيڪڏھن بجيٽ موجود ھئي ته اھا ڇو واپس وئي؟ ضرورت ان ڳالھه جي به آھي ته ضلعي عمرڪوٽ جي سڀني سرڪاري اسڪولن جو فوري طور بلڊنگ سروي ڪرايو وڃي، خطرناڪ عمارتن کي بند ڪري مرمت يا نئين سر تعمير ڪيو وڃي ۽ ترقياتي فنڊ جاري ڪرڻ ۽ خرچ ڪرڻ جي نظام کي وڌيڪ شفاف ۽ جوابده بڻايو وڃي ۽ ويڪيشن دوران اهو ڪم مڪمل ڪيو وڃي. ٽن معصوم نياڻين جي حياتي ڪنھن به صورت ۾ واپس نٿي اچي سگھي، پر جيڪڏھن ھن سانحي مان سبق نه سکيو ويو ته شايد مستقبل ۾ اھڙا وڌيڪ المناڪ حادثا پيش اچي سگهن ٿا. رياست جي ذميواري آھي ته ھر ٻار کي محفوظ تعليمي ماحول فراھم ڪري، ڇو ته تعليم جو مرڪز خوف نه، پر تحفظ، اعتماد ۽ روشن مستقبل جي ضمانت ھجڻ گھرجي. جيڪڏھن بجيٽ جي واپسي، رقم يا ذميوارن بابت بيان ڪنھن سرڪاري جاچ يا دستاويز سان اڃان تائين ثابت نه ٿيو ھجي، ته انھن نقطن جي باقاعده ۽ غيرجانبدار جاچ ضروري آھي ته جيئن حقيقتن جي بنياد تي ذميواري جو تعين ٿي سگھي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو