مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌي ڪهاڻيءَ جو الميو

Arif Chandio

استاد، ڪالم نگار، شاعر، ڪهاڻيڪار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

انسان پنهنجي خيالن، سوچن، احساسن ۽ جذبن کي آواز ڏيڻ لاءِ لکندو آهي. اُنهيءَ ڪري هو، شاعري، افسانا، ڪٿا ۽ ڪهاڻيون لکندو آهي، پر ڪهاڻي صرف احساسن جي ترجماني نه آهي. ڪهاڻي واقعن، جذبن ۽ تجربن کي لفظن ذريعي بيان ڪرڻ جو هڪ فن آهي. اھو هڪ تخليقي عمل آهي. ڪهاڻي جي صنف ڏاڍي پيچيده ۽ وڻندڙ آهي. ڪهاڻي لکڻ لاءِ ذهني پختگي جو هئڻ لازمي عمل آهي. ڪهاڻي لکڻ جو ڏانءُ انساني تاريخ وانگر قديم رهيو آهي. اهو چيو وڃي ٿو ته لکڻ جي شروعات انسانن غارن مان ڪئي. ٻڌايو هيئن وڃي ٿو ته انسانن غارن جي ڀتين تي تصويرون چٽيل ڏٺيون ۽ اُتان لکڻ جي دور جي شروعات ٿي. ائين ئي مختصر ڪهاڻي لکڻ جي شروعات به تمام پراڻي آهي. بريٽنڪا انسائيلوپيڊيا مطابق “مختصر ڪهاڻيءَ جي ارتقا انسانن جي لکڻ کان اڳ شروع ٿي. ڪهاڻيون ٺاهڻ ۽ ياد ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ، شروعاتي ڪهاڻيڪار گهڻو ڪري مختلف جملن، مقرر تال ۽ نظم تي ڀاڙيندا هئا. نتيجي طور، دنيا ۾ ڪيترين ئي پراڻين ڪهاڻين، جهڙوڪ: قديم بابل جي ڪهاڻي گلگاميش جو رزميو، گيت واري صورت ۾ آهن. درحقيقت، قديم وچ اوڀر جون سڀ کان وڏيون ڪهاڻيون گيت ۾ هيون: “خدائن جي جنگ”، “اداپا جي ڪهاڻي” (ٻئي بابلي)، “آسماني ڪمان” ۽ “بادشاهه جيڪو وساريو” (ٻئي ڪنعاني). اهي آکاڻيون ٻئي هزارين قبل مسيح دوران مٽيءَ تي قلمي شڪل ۾ لکيل هيون.”
ڪهاڻي جي فن ۽ جوڙجڪ متعلق ليکڪن ۽ نقادن مختلف رايا ڏنا آھن. جيئن ايڊگر ايلن پو آمريڪي ليکڪ ۽ نقاد پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو ته “مختصر ڪهاڻي جي وصف اُھا آھي ته پڙهندڙ اُن کي ھڪ ئي ويهڪ ۾ پڙهي سگهي.” جڏهن ته ايڇ جي ويلز مختصر ڪهاڻي جو مقصد بيان ڪندي ھيئن لکيو “هڪ مزاحيا فن، جيڪو هڪ لکڻيءَ کي خوبصورت بڻائي ۽ تحرڪ ۾ آڻي؛ اُهو ڀوائتو به ٿي سگهي ٿو يا مزاحيه يا زبردست راهه ڏيکاريندڙ، جيڪو ھن جو خاص مقصد آهي ته اُن کي وڏي آواز سان پڙهڻ ۾ پندرهن کان پنجاھ منٽ صرف ٿين. جديد مختصر ڪهاڻين جو ماھر ۽ عظيم ڪهاڻيڪار اينتن چيخوف جنهن جو مڃڻ هو ته هڪ ڪهاڻي کي نه ڪا شروعات هئڻ گهرجي نه ئي ڪو انت. اُهو صرف زندگيءَ جو ٽڪرو هجڻ گهرجي، جنهن کي اشاري طور پيش ڪيو وڃي ۽ اينتن چيخوف حقيقتن ڪمال جو ڪهاڻيڪار هو. هن جي ڪهاڻين ۾ ڪمال  جي هڪ خوبي اها به هئي ته هو ڪهاڻين مان نتيجو اخذ نه ڪندو هو، پر هو پنهنجن پڙهندڙن کي پنهنجي ڪم جي تعبير ڪرڻ لاءِ ڪافي سمجھدار سمجھندو هو، اڪثر ڪهاڻي يا مضمون جو آخر ۾ نتيجو پڙهندڙن تي ڇڏي ڏيندو هو.
دنيا جي هر ٻوليءَ ۾ عظيم ادب بلڪه عظيم ڪهاڻيون رهيون آهن. ائين ئي سنڌي ادب ۾ به شاهڪار ڪهاڻيون رهيون آهن. سنڌي ادب ۾ ڪهاڻين جا ڪمال جا ليکڪ رهيا آهن؛ جئين جمال ابڙو، نسيم کرل، مھتاب محبوب، نور الهديٰ شاهه، امر جليل، اياز قادري، شيخ اياز، غلام رباني آگرو، آغا سليم، شوڪت حسين شورو، ماڻڪ، علي بابا، طارق اشرف، غلام نبي مغل وغيره، پر هن وقت سنڌي ادب ۾ مختلف مختصر ڪهاڻيون پڙهي افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته ادب ۾ مختصر ڪهاڻي جو دور پنھنجي پڄاڻي تي پهتو آهي. تقريبن 1960 کان 1990 جي ڏهاڪي تائين سنڌ ۾ مختصر ڪهاڻيءَ جو عروج وارو دور رهيو آهي. شايد اُن ڪري جو هندستان پاڪستان جو ورهاگَو، ون يونٽ جو لڳڻ، اُن جو ٽٽڻ، اولھه پاڪستان مان بنگلاديش جو ٺھي نمودار ٿيڻ، بنگال ۾ ٿيل خونريزي، پاڪستان ۾ گھٽ ۽ ٻوسٽ وارو دور هو؛ شايد احتجاجن جدت پسند ۽ ترقي پسند ڪهاڻي ۽ ادب جو جنم ٿيو. نتيجي ۾ سنڌ ۾ ڪمال جو ادب پيدا ٿيو.
جڏهن ته هن وقت سنڌ ۾ مختصر ڪهاڻي جو مڪمل زوال اچي چڪو آهي. هن وقت ليکڪ ڪھاڻي صرف شايد نانءُ، شھرت، سماجي رتبي برقرار رکڻ لاءِ لکي ٿو نه ڪي فن ۽ ادب کي جيئارڻ خاطر. ڪجھه وقت کان مون همسري ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مختصر ڪهاڻيون پئي پڙهيون؛ پڙهندي ائين محسوس ٿو ٿئي ته مختصر ڪهاڻين ۾ جذباتيت جو عمل دخل ضرورت کان وڌيڪ آهي. ڪهاڻي لکڻ وقت ليکڪ ڪھاڻي جي جوڙجڪ، بناوٽ وغيره تي ڌيان ڏيڻ بجاءِ جذباتيت جو شڪار ٿئي ٿو. ته ٻئي طرف ڪھاڻيءَ ۾ ھٿرادو عمل ضرورت کان سوايو ٿو وڌو وڃي. نه صرف اهو، پر ڪهاڻي بناوٽي ۽ ڪوڙي ٿي لکي وڃي، ڇو ته هن وقت سنڌي سماج مڪمل طور تي اخلاقي، سماجي، سياسي، مذهبي ۽ معاشي بگاڙ ۽ جمود جو شڪار آهي. برائي، تعصب، نفرت، اڻبرابري، مذهبي تعصب، اخلاقي پستي ۽ انفرادي مفاد اسان جي سماج جي حقيقت آهن؛ جڏھن ته ٻئي پاسي، سنڌي ڪهاڻين ۾ ايڏا ڀلا ڪردار گهڙڻ، کوکلي اُميد، فرشتي نما ڪردار جوڙڻ سماج کي وڌيڪ اونداهي ۾ وجھڻ جي برابر آهي ۽ پنهنجي فن سان دوکو آهي.
منهنجي خيال ۾ ليکڪ کي نه صرف ڪهاڻيءَ ۾، پر هر صنف ۾ حقيقت کي پيش ڪرڻ گهرجي. اُميدون پوکڻ ڀلي ڳالھه آهي، پر فن ۾ ھٿرادو اثر کي گهٽائڻ گهرجي. هڪ ڪهاڻي جو مقصد زخم ڏيکارڻ هئڻ گهرجي نه ڪي خواب. هڪ ڪهاڻي کي نه صرف آئيني وانگر خوبصورتيءَ کي ڏيکارڻ گهرجي، پر اُن کي زخمن تي به روشني وجھڻ گهرجي ته جيئن اسان پنهنجي زخمن کي قبولي اڳتي وڌي سگھون ۽ سماج کي بهتري طرف وٺي وڃي سگهون، ٻي صورت ۾ هي الميو جاري رهندو.
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو