شعور کي قيد ڪندڙ ٽي ڪارا پاڇا جاگيردار، وڏيرو ۽ پير!
سنڌ جي سونهاري ڌرتي اڄ ڪنهن ٻرندڙ باھ کان گهٽ ناهي، جتي هر ڏينهن پورهيت ماڻهوءَ جي ساهن، خوابن ۽ سڏڪن جو ڳلو گهوٽيو وڃي ٿو. اسان اڪثر اخبارن ۾ رڳو ويچارگي ۽ بدحاليءَ جون ڳالهيون پڙهندا آهيون، پر انهن ڳالهين جي پٺيان لڪل ماڻهوءَ جو درد ايترو ته گهرو ۽ روح کي ڇرڪائيندڙ آهي، جنهن جو اندازو ڪو بنگلن ۾ويهي نٿو لڳائي سگهي. هي سور هڪ اهڙي ماءُ جو آهي، جيڪا ٿر جي تپندڙ واريءَ تي پنهنجي بيماري کان ڪنجهندڙ ٻار کي هنج ۾ کنيو، ڪيترائي ڪلو ميٽر پيرين پيادي هلي ڪنهن سرڪاري دواخاني ۾ پهچي ٿي، جتي نه ڪو طبيب ۽ نه ڪا دوا ۽ سندس جگر جو ٽڪرو سندس هٿن ۾ دم ڏئي ٿو ۽ هوءَ بيوس ڏسندي رهي ٿي. اصل ۾ اهڙو ٻار ڪنهن بيماريءَ وگهي ناهي مرندو، پر ان جو ڳاٽو اهو وڏيرڪو راڄ مروڙي ڇڏي ٿو، جيڪو عوام جي حصي جي خوشحالي کائي پنهنجي ٻارن لاءِ وڏا شهر وسايو ويٺو آهي. هن ڌرتيءَ تي سڀ کان وڏو ظلم اهو آهي ته هتي غريب کي ماڻهو ئي ناهي سمجهيو ويندو. سنڌ جو هاري، جيڪو سڄو سال اونهاري ۽ سياري ۾ پنهنجو رت ولوڙي ٻنيءَ مان سونا سنگ اپائي ٿو، ان جي پنهنجي گهر جي حالت اها آهي جو ان جي ٻارن جي تن تي لٽو به ناهي هوندو. وڏيرڪو نظام ان کان ان جي سڄي سال جي محنت کسي وٺي ٿو. جيڪڏهن ڪو غريب پنهنجي حق لاءِ ڳالهائي ته مٿانس زمين تنگ ڪئي ويندي آهي. تهمتون، چغليون، ٿاڻن جا چڪر ۽ جيڪڏهن وڏيري جو من خراب ٿئي ته غريبن کي پنهنجي گهرن جي اندر ٻڌي رکيو ويندو آهي، جتي مٿن اهڙا ڪيس ڪيا ويندا آهن، جيڪي ٻڌي لڱ ڪانڊارجي وڃن. ماڻهن کي زنجيرن سان ٻڌي رکڻ ڪا پراڻي ڪهاڻي ناهي، پر اڄ جي سنڌ جي هڪ سچي ۽ شرمناڪ حقيقت آهي. ان مٿان وري پيري فقيريءَ جو اهو ڄار وڇايل آهي، جيڪو غريب جي کيسي مان ان جي سڃاڻپ به لٽي ٿو وڃي. جنهن سنڌ ۾ ڪڏهن تصوف ۽ لوڪ ادب ماڻهوءَ سان محبت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏيندو هو، اتي اڄ جا گادي نشين غريبن جي پگهر جي ڪمائيءَ تي پنهنجا محل چمڪائين ٿا. هڪ پاسي غريب جو ٻار پيٽ جي بک سبب پنهنجو ساهه ڏيڻ تي مجبور آهي ته ٻئي پاسي ساڳيو غريب پنهنجي ٻار جي شفا لاءِ پير صاحب جي درٻار تي سون جو نذرانو ۽ ديڳيون چاڙهڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو. پيرن ۽ ميرن جي هن گڏيل ياريءَ سنڌي ماڻهوءَ کي اها ذهني غلامي ڏني آهي، جنهن ۾ هو سمجهي ٿو ته اها خواري سندس نصيب آهي. پنهنجي حق لاءِ وڙهڻ بدران هو معجزن جون راهون تڪڻ شروع ڪري ٿو ۽ پوءِ کيس ڪڏهن به آزادي نصيب نٿي ٿئي.
هي ڪهڙو راڄ آهي، جتي ڳوٺن جا اسڪول وڏيري جي مال جا واڙا بڻيل آهن؟ جتي سيبتا نوجوان پڙهي لکي، نوڪرين لاءِ وڏيرن جي پيرن تي ڪرڻ تي مجبور آهن؟ جتي ڪنهن غريب جي نياڻيءَ جو پردو محفوظ ناهي. ڇو ته علائقي جو سڄو فيصلو وڏيري جي اوطاق تان ٿئي ٿو. سنڌ جو اصل درد اها جهالت ۽ ڊپ آهي، جيڪو غريب جي اکين ۾ ائين ويهاريو ويو آهي جو هاڻي هو پاڻ کي ٻين جيترو عزتدار نٿو سمجهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جي هن ڏکندڙ سور کي رڳو شاعريءَ يا نعرن ۾ بيان نه ڪجي، پر ان جي خاتمي لاءِ سڀ گڏجي اٿون. جيستائين اسان پنهنجن ذهنن کي پيرن جي آستانن ۽ وڏيرن جي اوطاقن کان آزاد نه ڪرائينداسين، تيستائين سنڌ جي مٽيءَ مان مظلومن جي رت جي بوءِ ايندي رهندي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟