مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

مادي ترقيءَ جي آئيني ۾ اڃايل انسان

Aijaz G R Jamali صحافي، صداڪار، ولاگر

لوڪ ورثي کي سهيڙڻ جو ڪم ڪري ڊجيٽل ميڊيا تي شايع ڪرڻ.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

دنيا تيزيءَ سان مادي ترقي ڪري رهي آهي. اڄ اسان جي هٿ ۾ اهو موبائل آهي جيڪو اسان کي دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ سان ڳنڍي ٿو. اڄ اسان جي شهرن ۾ اهي عمارتون بيٺيون آهن جيڪي ڪڪرن سان ڳالهيون ڪن ٿيون. اڄ اسان جا بينڪ، بازارون، روڊ ۽ جهاز سڀ ڪجهه اهو ٻڌائين ٿا ته انسان پنهنجي محنت سان دنيا کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ٽيڪنالاجي جي رفتار اهڙي آهي جو ڪالهه جو خواب اڄ حقيقت بڻجي ٿو ۽ اڄ جي حقيقت سڀاڻي پراڻي ٿي وڃي ٿي. اسان هر صبح هڪ نئين ايجاد، هڪ نئين ايپ، هڪ نئين سهولت سان اکيون کوليون ٿا ۽ پاڻ کي ترقي يافته چوڻ تي فخر ڪيون ٿا، پر رات جي اونداهي ۾ جڏهن شهرن جون بتيون وسامن ٿيون ۽ خبرن جون هيڊ لائنون بند ٿين ٿيون، تڏهن هڪ خاموش سوال دل جي ڪنهن ڪنڊ مان اٿي ٿو ته ڇا هيءَ سڄي ترقي واقعي اسان سڀني جي آهي؟ ڇا هن ترقيءَ جو ذائقو هر وات تائين پهتو آهي؟ ڇا هن ترقيءَ جي روشنيءَ ۾ غريب جي جهوپڙيءَ جي اونداهي به ختم ٿي آهي يا اها روشني رڳو انهن محلاتن جون ديوارون چمڪائي رهي آهي، جتي اقتدار جي چاٻي رکيل آهي؟
تاريخ شاهد آهي ته هر دور ۾ ترقيءَ جو تصور انهن ماڻهن طئي ڪيو آهي، جن وٽ وسيلا هئا. جڏهن زرعي انقلاب آيو ته زمين وارن جا فصل سون بڻيا ۽ بي زمين هاري اڃان به پنهنجي اڇل تي ننگا پير هلندا رهيا. جڏهن صنعتي انقلاب آيو ته ڪارخانن جا مالڪ ارب پتي بڻيا ۽ مزدور جي پگهار اڃان به مهيني جي 25 تاريخ تي ختم ٿي ويندي هئي. اڄ ٽيڪنالاجيءَ جو انقلاب آهي ته ڊيٽا جا مالڪ دنيا جا بادشاهه بڻيا آهن ۽ عام ماڻهو اڃان به پنهنجي ٻن وقت جي ماني لاءِ پورهيت آهي. مطلب صاف آهي ته ترقي پاڻ ۾ غير جانبدار نه آهي. ترقي جو رخ اهو طئي ڪري ٿو ته ڪير ان مان فائدو وٺندو ۽ ڪير ان جي هيٺان چيڀاٽيو ويندو.
اچو ته وڏين ڳالهين کي هڪ طرف رکون ۽ پنهنجي ملڪ، پنهنجي ڌرتي ڏانهن نظر ڦيرايون. اسان وٽ به آسمان ڇھڻ وارا ٽاور آهن، وڏيون وڏيون شاهراهون آهن، ملٽي نيشنل ڪمپنين جون آفيسون آهن، اربين رپين جا پروجيڪٽ آهن، پر انهن سڀني چمڪن جي وچ ۾ سنڌ جا ڪيترائي ڳوٺ اڃان به اهڙا آهن، جتي اڄ جي تاريخ ۾ به صاف پيئڻ جو پاڻي ميسر ناهي. عورتون اڃان به ميلن جا ميل پنڌ ڪري پاڻيءَ جو گهڙو کڻي اچن ٿيون ۽ ٻار اڃان به گدلو پاڻي پي بيمار ٿين ٿا. غريب جي علائقي مان خراب روڊ هجڻ جي ڪري ايمبولينس به ان کي وقت تي اسپتال نٿي پهچائي سگهي. بلوچستان جا جبل گواهي ڏين ٿا ته اتي اڃان به اهڙا علائقا آهن جتي رات ٿيندي ئي اونداهي پنهنجو راج قائم ڪري ٿي، ڇو ته بجلي جو نالو نشان ناهي. اتي اڃان به استاد شاگردن کي پٿر تي ويهاري پڙهائي ٿو، ڇو ته نه فرنيچر آهي ۽ نه ئي اسڪول جي ڇت آهي، اتي اڃان به نوجوان ڪنهن ٽڪريءَ تي چڙهي سگنل ڳولهي ٿو ته جيئن پنهنجي گهر وارن سان ڳالهائي سگهي. ڇو ته موبائل ۽ انٽرنيٽ جي سروس انهن وادين تائين پهچي ئي نه سگهي آهي. هيءَ ڪهڙي ترقي آهي، جيڪا آسمان تي سيٽلائيٽ ته پهچائي سگهي ٿي، پر هڪ ڳوٺ تائين موبائل ٽاور ۽ پاڻيءَ جو پائپ نه وڇائي سگهي؟
اصل مسئلو اهو آهي ته اسان ترقي کي صرف انگن ۽ اکرن ۾ ماپڻ لڳا آهيون، جي ڊي پي وڌي وئي ته اسان خوش ٿي وياسين. اسٽاڪ مارڪيٽ مٿي چڙهي وئي ته اسان سمجهيو ته ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي، پر اسان اهو نه ڏٺو ته اها جي ڊي پي ڪنهن جي کيسي ۾ وئي. اسان اهو نه ڏٺو ته اسٽاڪ جا شيئر ڪنهن جي پورهئي تي چڙهيا. ترقي جو اصل پيمانو اهو ناهي ته ڪيترا شاپنگ مال ٺهيا. اصل پيمانو اهو آهي ته ڪيترن غريب ۽ عام ماڻهن جي زندگيءَ ۾ تبديلي آئي آھي ۽ عزت، سهولت ۽ سڪون آيو. اصل پيمانو اهو آهي ته هڪ مزدور پنهنجي ٻار کي اسڪول موڪلي سگهي ٿو يا نه. هڪ هاري پنهنجي فصل جو صحيح اگهه وٺي سگهي ٿو يا نه. هڪ نوجوان پنهنجي تعليم جي بنياد تي نوڪري حاصل ڪري سگهي ٿو يا نه. جيستائين انهن سوالن جا جواب نه ملندا، تيستائين سڄي ترقي رڳو انگن اکرن جو گورک ڌنڌو آهي، هڪ سراب آهي جيڪو پري کان ته سمنڊ ٿو لڳي پر ويجهو وڃو ته رڳو واري آهي. هن سڄي راند ۾ سڀ کان وڏو نقصان عام ماڻهو جو آهي. ڇو ته ترقيءَ جو نعرو به سندس نالي تي لڳايو وڃي ٿو ۽ ترقيءَ جو خرچ به سندس کيسي مان ڪڍيو وڃي ٿو، پر فائدو؟ فائدو وري انهن تائين وڃي ٿو، جيڪي اڳ ۾ ئي طاقت ۽ اقتدار جي ڪرسي تي ويٺل آهن. اهي ماڻهو جن لاءِ عام انسان ڪيڙو ماڪوڙو آهي، جن لاءِ غريب جي محنت رڳو هڪ وسيلو آهي، اهي ئي ترقيءَ جي هر نئين لهر تي سواري ڪري اڳتي نڪري وڃن ٿا. انهن لاءِ دنيا جي ترقي جو مطلب آهي وڌيڪ آرام، وڌيڪ عيش، وڌيڪ آسائش. انهن لاءِ نئون موبائل ماڊل، نئين گاڏي، نئون ملڪ ۾ گهر خريد ڪرڻ ئي ترقي آهي ۽ انهن جي اندر جي تسڪين لاءِ پوري دنيا جون مشينون هلن ٿيون، پر ان مشين جي شور ۾ هڪ ماءُ جو سڏڪو دٻجي وڃي ٿو، جيڪا ٻار لاءِ کير خريد نه ڪري سگهي. هڪ پيءُ جي بيوسي دٻجي وڃي ٿي جيڪو بيمار ٻار لاءِ دوا نه وٺي سگهي. هڪ شاگرد جو خواب لٽجي وڃي ٿو، جيڪو في نه هئڻ سبب ڪاليج ڇڏي ڏئي ٿو. ظلم، جبر، ناانصافي ۽ اشتراڪيت جو زوال انهن سڀني مسئلن جي پاڙ آهي. جتي قانون صرف ڪمزور لاءِ آهي ۽ طاقتور لاءِ قانون پاڻ موڙجي ٿو، اتي ڪابه ترقي پائيدار نه ٿي سگهي، جتي وسيلن جي ورڇ انصاف جي بنياد تي نه، پر سفارش ۽ رشوت جي بنياد تي ٿئي، اتي روڊ به ٺهندا ته صرف انهن علائقن ۾ جتي بااثر رهن ٿا. اسڪول به کلندا ته صرف انهن شهرن ۾ جتي وزير جو گهر آهي. اسپتالون به ٺهنديون ته صرف ڪاغذن تي، فوٽو سيشن لاءِ ۽ پوءِ اسان حيران ٿيندا آهيون ته ماڻهو مايوس ڇو آهي؟ نوجوان ملڪ ڇو ڇڏي رهيا آهن؟ ڳوٺاڻا شهرن ڏانهن لڏپلاڻ ڇو ڪري رهيا آهن؟ جواب سادو آهي. ڇو ته انسان کي ماني کان اڳ عزت گهرجي. انسان کي عمارت کان اڳ اميد گهرجي ۽ جڏهن اميد مري وڃي ٿي ته پوءِ سڀ کان وڏي عمارت به قبرستان جهڙي لڳي ٿي.
مان اهو نٿو چوان ته ترقي بري شيءِ آهي. ٽيڪنالاجي، سائنس، سهولتون اهي سڀ انسان جي ڀلائي لاءِ آهن، پر مسئلو ترقيءَ ۾ ناهي، ان جي منصفاڻي ورهاست ۾ آهي، ان ذهنيت ۾ آهي، جيڪا ڪمزور کي مرڻ لاءِ اڪيلو ڇڏي ڏئي ٿي. سڀني کي سمجهڻو پوندو ته هڪ سچي سماج جي ترقيءَ جو مطلب اهو آهي ته سڀ کان ڪمزور فرد به پنهنجي زندگي عزت سان گذاري سگهي. جتي هڪ به ٻار بکيو نه سمهي، هڪ به مريض علاج کان بنا مري وڃي ۽ ڪوبه شاگرد تعليم کان محروم نه رهي، نه ته سمجهو ته ترقي اڌوري آهي، لولي، لنگڙي آهي، ٺڳي آهي. جتي مسئلا آهن اتي انهن جو حل به ڳولهڻ ضروري آهي. وڏيون تقريرون ان جو حل نه آهن، اسان سڀني کي پنهنجي ترجيحن کي بدلائڻو پوندو. اسان کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته اسان جو بجيٽ ڪنهن لاءِ آهي. ڇا ان جو وڏو حصو هٿيارن ۽ پروٽوڪولن تي خرچ ٿيندو يا تحقيقن، استادن ۽ ڊاڪٽرن جي پگهارن تي؟ ڇا اسان جا منصوبا صرف ڪاغذن تي مڪمل ٿيندا يا عملي طور نظر ايندا؟ اسان کي اهڙو سماج ٺاهڻو پوندو جتي نوجوان کي اهو يقين هجي ته محنت جو صلو ملندو آهي. اسان کي پنهنجن ادارن ۾ شفافيت لاڳو ڪرڻي پوندي، قانون سڀني جي لاءِ برابر هوندو. اسان کي پنهنجي ميڊيا، پنهنجي اسڪولن، پنهنجي گهرن ۾ اهو شعور ڏيڻو پوندو ته ڪاميابيءَ جو مطلب صرف پئسو نه آهي. ڪاميابيءَ جو مطلب آهي ته توهان جي ڪري ڪنهن جي زندگي آسان ٿي وڃي.
ياد رکو، تاريخ انهن قومن کي معاف نه ڪندي، جيڪي صرف ٽيڪنالاجيءَ ۾ ته اڳتي نڪري وڃن، پر انساني دوستي، اخلاقيات، همدردي ۽ ماڻهپي ۾ پوئتي رهجي وڃن. اهي قومون عروج حاصل ڪري سگهنديون، جيڪي پنهنجي آخري صف ۾ بيٺل ماڻهوءَ جو هٿ به پڪڙين ٿيون. اسان کي پنهنجي ترقيءَ جو آئينو غريب جي اکين ۾ ڏسڻو پوندو. جيڪڏهن اتي اميد جي روشني آهي ته پوءِ سمجهو اسان صحيح رستي تي آهيون ۽ جيڪڏهن اتي مايوسي نظر اچي ته پوءِ اسان جون سڀ بلند عمارتون، تيز جهاز، سڀ وڏا انگ اکر صرف ٺڳيءَ جو ٺاهه هوندا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو