ذهانت جو نظريو ۽ فرد جون لڪل صلاحيتون!
Muhi uddin Jokhio
تعليمدان، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار
هر انسان پنهنجي اندر صلاحيتن جو هڪ وسيع جهان کڻي هن دنيا ۾ اچي ٿو، پر هر صلاحيت ساڳئي نموني ظاهر نٿي ٿئي. ڪو ٻار انگن ۽ دليلن ۾ اڳتي هوندو آهي، ڪو لفظن ۽ ڳالهائڻ ۾، ڪو موسيقيءَ ۾، ڪو تخليق ۽ تصور ۾، جڏهن ته ڪو ماڻهو ٻين انسانن کي سمجهڻ يا فطرت جي مختلف نمونن کي سڃاڻڻ ۾ غير معمولي صلاحيت رکي سگهي ٿو. اصل سوال اهو ناهي ته ٻار ذهين آهي يا نه، پر اصل سوال اهو آهي ته هن جي ذهانت ڪهڙي ميدان ۾ آهي؟
1983ع ۾ هارورڊ يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر هاورڊ گارڊنر (Howard Gardner) پنهنجي مشهور ڪتاب Frames of Mind: The Theory of Multiple Intelligences ذريعي Theory of Multiple Intelligences پيش ڪئي. گارڊنر شروعاتي طور ستن ذهانتن جو تصور پيش ڪيو، جڏهن ته پوءِ Naturalistic Intelligence کي به هن نظريي ۾ شامل ڪيو ويو.
گارڊنر جو بنيادي خيال اهو هو ته انسان جي ذهانت کي صرف IQ، رياضي يا ٻوليءَ جي صلاحيتن تائين محدود نٿو ڪري سگهجي. انسان مختلف قسمن جون ذهانتون ۽ صلاحيتون رکي سگهي ٿو ۽ هڪ فرد ۾ هڪ کان وڌيڪ ذهانتون گڏيل طور موجود ٿي سگهن ٿيون. هن نظريي مان هڪ اهم سبق اهو ملي ٿو ته ڪوبه ٻار صرف ان ڪري ناڪارا ناهي، جو هو روايتي امتحانن يا ڪنهن هڪ مضمون ۾ بهتر ڪارڪردگي نٿو ڏيکاري. ٿي سگهي ٿو ته هن جي اصل صلاحيت ڪنهن ٻئي ميدان ۾ هجي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٻار جي دلچسپي، صلاحيت ۽ ذهانت کي سڃاتو وڃي ۽ ان کي مناسب موقعو ڏنو وڃي.
انهن صلاحيتن کي سڃاڻڻ ۾ استاد، والدين، اسڪول ۽ ماحول اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. خاص طور تي استاد ٻار جي مختلف سرگرمين، سوالن، دلچسپين ۽ سکڻ جي انداز کي ڏسي سندس صلاحيتن کي بهتر نموني سمجهي سگهي ٿو. ان ڪري اڄ جي استاد لاءِ گارڊنر جوMultiple Intelligences Theory سمجهڻ انتهائي اهم آهي.
اهي اٺ ذهانتون هيٺ ڏجن ٿيون:
1. منطقي-رياضياتي ذهانت: اهو فرد يا ٻار جيڪو مسئلن کي منطقي ۽ عقلي انداز سان سمجهي ۽ پرکي سگهي، دليل ۽ سبب جي بنياد تي نتيجا ڪڍي سگهي، مسئلن جا حل ڳولهي سگهي، منصوبابندي ڪري سگهي ۽ رياضي، انگن اکرن ۽ منطقي لاڳاپن کي سمجهڻ جي خاص صلاحيت رکي، ان ۾Logical-Mathematical Intelligence نمايان ٿي سگهي ٿي.
اهڙو فرد سوالن جي پٺيان موجود منطق کي سمجهڻ، تجربا ڪرڻ، تجزيو ڪرڻ ۽ مسئلا حل ڪرڻ ۾ بهتر ٿي سگهي ٿو. هن قسم جي ذهانت رکندڙ فرد مستقبل ۾ رياضي دان، سائنسدان، انجنيئر، ڪمپيوٽر پروگرامر، اڪائونٽنٽ، شماريات دان يا محقق بڻجي سگهي ٿو.
2. لفظي- لساني ذهانت: هر اهو فرد يا ٻار جيڪو ٻوليءَ کي موثر نموني استعمال ڪري سگهي، ڳالهائڻ ۽ لکڻ ۾ مهارت رکي، ماڻهن کي پنهنجي ڳالهه سمجهائي ۽ مختلف موقعن مطابق لفظن ۽ اندازِ بيان جو مناسب استعمال ڪري سگهي، ان ۾ Verbal-Linguistic Intelligence موجود ٿي سگهي ٿي.
جنهن کي مناسب موقعي ۽ صورتحال مطابق ڳالهائڻ، لکڻ، پڙهڻ، دليل ڏيڻ ۽ خيالن کي لفظن ۾ پيش ڪرڻ جو فن اچي، اهو هن ذهانت ۾ بهتر صلاحيت رکي سگهي ٿو.
اهڙي ذهانت رکندڙ فرد مستقبل ۾ اديب، شاعر، ليکڪ، صحافي، وڪيل، استاد، مترجم، مقرر يا ليکڪ/ايڊيٽر بڻجي سگهي ٿو.
3. موسيقي واري ذهانت: اسان کي پنهنجي آسپاس اهڙا ڪيترائي ماڻهو ملندا جن ۾ موسيقي، آواز، سُرن، تال ۽ ترنم کي سڃاڻڻ ۽ سمجهڻ جي غير معمولي صلاحيت هوندي آهي. ڪجهه ماڻهو آواز جي فرق کي جلدي محسوس ڪري سگهن ٿا ۽ ڪجهه ماڻهو سُرن ۽ تال کي تخليقي انداز ۾ استعمال ڪري سگهن ٿا.
گارڊنر جيMusical Intelligence مان مراد اها صلاحيت آهي، جنهن جي ذريعي فرد سُر، تال، آواز ۽ موسيقيءَ جي نمونن کي سڃاڻي، سمجهي، ياد رکي يا تخليقي انداز ۾ استعمال ڪري سگهي.
اهڙي ذهانت رکندڙ فرد مستقبل ۾ موسيقار، ڳائڻو، ساز وڄائيندڙ، موسيقيءَ جو استاد، ڪمپوزر، موسيقيءَ جو پروڊيوسر يا موسيقيءَ جو محقق بڻجي سگهي ٿو.
4. بصري ذهانت: هر اهو فرد يا ٻار جنهن جو ذهن بصري ۽ جڳهي شين کي بهتر نموني سمجهي سگهي، شڪلين، فاصلن، جڳهين ۽ تصويري تصورن کي ذهن ۾ ترتيب ڏئي سگهي ۽ ڪنهن شيءِ کي مختلف رخن کان تصور ڪري سگهي، ان ۾ Visual-Spatial Intelligence نمايان ٿي سگهي ٿي.
اهڙو فرد شين کي ڏسي انهن جي شڪل، بناوت، ترتيب ۽ جڳهه کي سمجهڻ ۾ بهتر ٿي سگهي ٿو. اهڙي صلاحيت فنڪارن، مصورن، ڊزائنرن، آرڪيٽيڪٽن ۽ انجنيئرن ۾ نمايان نظر اچي سگهي ٿي.
اسان جي سماج ۾ ڪيترن شاعرن ۽ اديبن ۾ به تصوراتي صلاحيت نمايان هوندي آهي، پر Visual-Spatial Intelligence کي صرف شاعري يا ادب تائين محدود ڪرڻ درست نه ٿيندو.
اهڙي ذهانت رکندڙ فرد مستقبل ۾ مصوّر، آرڪيٽيڪٽ، گرافڪ ڊزائنر، فوٽوگرافر، فيشن ڊزائنر، نقشا ٺاهيندڙ يا سول انجنيئر بڻجي سگهي ٿو.
5. جسماني- حرڪتي ذهانت: هر اهو فرد يا ٻار جيڪو پنهنجي جسماني حرڪتن کي موثر نموني استعمال ڪري سگهي، هٿن سان مختلف ڪم ڪرڻ، شيون ٺاهڻ، جسماني توازن، حرڪت ۽ عملي مهارتن ۾ بهتر هجي، ان ۾ Bodily-Kinesthetic Intelligence موجود ٿي سگهي ٿي.
هن ذهانت جو تعلق جسم ۽ هٿن جي حرڪت کي مقصد ۽ مهارت سان استعمال ڪرڻ سان آهي. اهڙو فرد عملي ڪم، جسماني سرگرمين ۽ هٿ جي هنر ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري سگهي ٿو.
رانديگرن، ڊانسرن، اداڪارن، ڪاريگرن، سرجنن ۽ مختلف عملي هنر رکندڙ ماڻهن ۾ هيءَ ذهانت نمايان ٿي سگهي ٿي.
اهڙي ذهانت رکندڙ فرد مستقبل ۾ رانديگر، سرجن، ڊانسر، اداڪار، ڪاريگر، فزيوٿراپسٽ، مڪينڪ يا مختلف فني شعبن جو ماهر بڻجي سگهي ٿو.
6. ذاتياتي ذهانت: هر اهو فرد يا ٻار جيڪو پنهنجي اندر جي احساسن، سوچن، مقصدن، قوتن ۽ ڪمزورين کي چڱيءَ ريت سمجهڻ جي صلاحيت رکي، پنهنجي جذبن کي سڃاڻي سگهي ۽ پنهنجي عملن تي غور ڪري سگهي، ان ۾ Intrapersonal Intelligence نمايان ٿي سگهي ٿي.
اهڙو ماڻهو پنهنجي ذات، پنهنجي احساسن، پنهنجي پسند ۽ ناپسند ۽ پنهنجي مقصدن بابت شعور رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. پنهنجي غلطين مان سکڻ ۽ پنهنجي رويي کي سمجهڻ به هن ذهانت سان لاڳاپيل آهي.
هي ذهانت رکندڙ فرد مستقبل ۾ ليکڪ، محقق، فلسفي، نفسيات جي شعبي سان لاڳاپيل ماهر، صلاحڪار، استاد يا اهڙو پروفيشنل بڻجي سگهي ٿو، جنهن جي ڪم ۾ خود آگاهي ۽ ذاتي غور و فڪر اهم هجي.
7. بين الشخصي يا بين الافرادي ذهانت: اهو فرد يا ٻار جيڪو ٻين ماڻهن جي احساسن، ارادن، ضرورتن ۽ روين کي سمجهڻ جي صلاحيت رکي، ماڻهن سان بهتر لاڳاپا قائم ڪري سگهي، ٽيم ورڪ ۾ بهتر نموني ڪم ڪري سگهي ۽ مختلف ماڻهن سان موثر رابطي ۾ رهي سگهي، ان ۾ Interpersonal Intelligence نمايان ٿي سگهي ٿي.
اهڙو فرد ٻين جي نقطهءِ نظر کي سمجهڻ، ماڻهن سان تعاون ڪرڻ ۽ گروهه ۾ بهتر نموني ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکي سگهي ٿو. اهڙي صلاحيت اڳواڻي ۽ سماجي رابطي لاءِ به اهم ٿي سگهي ٿي.
اهڙي ذهانت رکندڙ فرد مستقبل ۾ استاد، سماجي ڪارڪن، نفسياتي صلاحڪار، مئنيجر، اڳواڻ، سفارتڪار، انساني وسيلن جو ماهر يا ڪميونيڪيشن اسپيشلسٽ بڻجي سگهي ٿو.
8. قدرتي ذهانت: گارڊنر بعد ۾ Naturalistic Intelligence کي به پنهنجي نظريي ۾ شامل ڪيو. اها ذهانت فطرت، ٻوٽن، جانورن ۽ قدرتي ماحول ۾ موجود شين ۽ نمونن کي سڃاڻڻ، انهن ۾ فرق ڪرڻ ۽ انهن بابت سمجهڻ جي صلاحيت سان لاڳاپيل آهي.
هونئن ته فطرت سان هر انسان جو لاڳاپو هوندو آهي، پر ڪجهه ماڻهو اهڙا هوندا آهن جيڪي فطرت جي مختلف شين کي وڌيڪ غور سان سمجهي ۽ سڃاڻي سگهندا آهن. انهن کي وڻن، ٻوٽن، جانورن ۽ قدرتي ماحول بابت خاص دلچسپي ۽ سڃاڻپ هوندي آهي.
اهڙي قدرتي ڏات رکندڙ فرد مستقبل ۾ نباتات جو ماهر، زراعت جو ماهر، ماحولياتي ماهر، جانورن جو ماهر، باغبان، فطرت جو محقق يا حياتيات جو ماهر بڻجي سگهي ٿو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته اهي سڀئيIntelligences ڪنهن هڪ فرد ۾ به مختلف درجن ۾ موجود ٿي سگهن ٿيون، يا ڪنهن فرد ۾ انهن مان هڪ يا وڌيڪ ذهانتون وڌيڪ نمايان ٿي سگهن ٿيون. ڳالهه فقط انهن صلاحيتن کي سڃاڻڻ، انهن کي مناسب ماحول ڏيڻ ۽ انهن جي واڌ ويجهه جا موقعا پيدا ڪرڻ جي آهي.
ترقي يافته تعليمي نظامن ۾ ٻارن جي مختلف صلاحيتن کي سڃاڻڻ، انهن کي مختلف سکيا جا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي دلچسپين مطابق اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڏيڻ تي زور ڏنو وڃي ٿو. جڏهن فرد پنهنجي صلاحيت کي سڃاڻي ان کي مناسب تعليم ۽ تربيت سان گڏ استعمال ڪري ٿو ته هو پنهنجي ذات سان گڏ پنهنجي سماج ۽ قوم لاءِ به ڪارآمد بڻجي سگهي ٿو.
سماج کي اڏڻ ۾ استاد جو ڪردار بنيادي اهميت رکي ٿو. ان ڪري اسان جي تعليم يافته، باشعور ۽ باصلاحيت استادن کي گهرجي ته هو ٻارن کي صرف ڪتابي علم ۽ امتحاني نتيجن جي بنياد تي نه پرکن، پر انهن جي مختلف ذهانتن، دلچسپين ۽ صلاحيتن کي به سمجهڻ جي ڪوشش ڪن.
استاد جيڪڏهن ٻار جي اندر موجود صلاحيت کي سڃاڻي، ان کي سوال ڪرڻ، سوچڻ، تجربو ڪرڻ، تخليق ڪرڻ ۽ پنهنجي صلاحيت کي استعمال ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪري ته اهو ٻار پنهنجي حقيقي صلاحيتن مطابق اڳتي وڌي سگهي ٿو. استاد جو ڪم صرف سبق پڙهائڻ نه، پر ٻار جي اندر موجود امڪانن کي سڃاڻڻ ۽ انهن کي صحيح رخ ڏيڻ به آهي.
آخرڪار، تعليم جو مقصد صرف ٻار کي امتحان پاس ڪرائڻ نه، پر ان کي پنهنجي صلاحيت سڃاڻڻ، پنهنجي ذهانت کي استعمال ڪرڻ ۽ سماج لاءِ ڪارآمد انسان بڻجڻ جو موقعو ڏيڻ آهي. هر ٻار پنهنجي اندر هڪ امڪان کڻي اچي ٿو؛ ضرورت صرف ان امڪان کي سڃاڻڻ ۽ سنوارڻ جي آهي. جيڪڏهن اسان جو استاد هر ٻار کي هڪ ئي ترازو سان پرکڻ بدران سندس منفرد ذهانت ۽ صلاحيت کي سمجهڻ شروع ڪري، ته اسان نه رڳو بهتر شاگرد، پر بهتر ماهر، بهتر پروفيشنل ۽ وڌيڪ باشعور شهري پيدا ڪري سگهنداسين. اهڙي تعليم ئي هڪ اهڙي سماج جي بنياد بڻجي سگهي ٿي، جيڪو پنهنجي صلاحيتن تي ڀروسو ڪري ترقي ۽ خود مختياريءَ جي منزل ڏانهن وڌي سگهي۔.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟