مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

نار وارو لنگهه، ڊونلڊ ٽرمپ جي نئين حڪمت عملي ۽ پاڪستان تي ان جا اثر

Dr Nazir Ahmed Abro محقق، تعليمدان، ليکڪ

پي ايڇ ڊي ماڪڙ جي حياتياتي ڪنٽرول بيجنگ چين مان. پيسٽيسائيڊ جي نقصانن تي تحقيق ڪندڙ. سامي فائونڊيشن عمرڪوٽ ۾ پروجيڪٽ مينيجر.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

عالمي سياست ۽ معيشت ۾ هن وقت هڪ نئون طوفان برپا ٿيل آهي، جنهن جو مرڪز وچ اوڀر جو سڀ کان اهم ۽ حساس آبي نار وارو لنگهه آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هميشه پنهنجي غير متوقع ۽ تڪراري بيانن جي ڪري عالمي ميڊيا جي توجهه جو مرڪز رهندو آهي، پر تازو ئي فوڪس نيوز جي پروگرام (Fox & Friends) ۾ ڏنل هن جو بيان صرف هڪ بيان ناهي، پر هڪ نئين عالمي بليڪ ميلنگ يا وري “ڪاروباري سفارتڪاري” جو کليو اعلان آهي. هن واضح لفظن ۾ چيو آهي ته آمريڪا هاڻي نار واري لنگهه جو ڪنٽرول پاڻ سنڀاليندو، ان جو محافظ بڻبو ۽ ان جي بدلي ۾ دنيا جي امير ملڪن کي آمريڪا کي وڏو معاوضو ڏيڻو پوندو. هُن ان نئين سياسي ۽ فوجي حڪمت عملي کي “نار جو محافظ فرشتو” جو نالو ڏنو آهي. هن بيان جي اڀياس مان پتو پوي ٿو ته ٽرمپ عالمي سياست کي گڏيل قومن جي اصولن يا امن امان جي نظرئي سان نه، پر هڪ خالص تجارتي ڊيل جي نظر سان ڏسي ٿو. هن کان اڳ به هو “نيٽو” ملڪن کان دفاعي خرچن جو مطالبو ڪندو رهيو آهي، پر تيل جي سڀ کان وڏي شاهراهه تي قبضي ۽ ان جي حفاظت جي نالي تي ڪميشن گهرڻ جو هي پهريون کليو اعلان آهي. سندس چوڻ آهي ته دنيا جا ڪيترائي امير ملڪ، جيڪي آمريڪا جا اتحادي آهن، اهي تيل جي هن لنگهه تان اربين ڊالرن جو فائدو کڻن ٿا، تنهنڪري آمريڪي فوج هاڻي انهن جي حفاظت مفت ۾ نه ڪندي. مطلب ته ايران جيڪو معاوضو وٺندو ان مان 20 سيڪڙو ٽرمپ ايران کان گهريو آهي، جنهن جي لاءِ ايران انتظاميه اهو اعلان ڪيو آهي ته اهو حصو تمام گهڻو آهي. ان بيان جو پسمنظر انتهائي حساس ۽ خطرناڪ آهي. گذريل ڪجهه عرصي کان ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ عروج تي پهچي چڪي آهي. ميزائيلن ۽ ڊرون حملن جي هڪ نئين سلسلي عالمي تيل جي مارڪيٽ ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي ۽ تيل جون قيمتون تيزيءَ سان مٿي وڃي رهيون آهن. ايران پاران اڳ ۾ ئي تجارتي جهازن کي نشانو بڻائڻ ۽ هن آبي لنگهه تان گذرندڙ ٻيڙين تي في لڳائڻ جو اشارو ڏنو ويو هو، جنهن جي جواب ۾ ٽرمپ انتظاميا هاڻي اڳتي وڌي سڄي لنگهه جو انتظام پنهنجي هٿن ۾ وٺڻ جي ڳالهه ڪري رهي آهي. هيءَ صورتحال عالمي طاقتن، خاص طور تي چين، جاپان ۽ يورپي ملڪن لاءِ سخت پريشاني جو سبب بڻجندي. ڇاڪاڻ ته دنيا جي تيل جي ڪل رسد جو لڳ ڀڳ پنجون حصو (20 سيڪڙو) صرف هن ننڍڙي پر اهم آبي لنگهه تان گذري ٿو. جيڪڏهن ايران کانپوءِ آمريڪا ان تي ڪنٽرول حاصل ڪري ٿو ۽ پنهنجي مرضيءَ جا ٽيڪس يا ڪميشن وٺي ٿو ته ان سان عالمي معيشت تي وڏو بار پوندو. ٽرمپ جو هي قدم “آمريڪا فرسٽ” (America First) واري پاليسيءَ جو تسلسل آهي، پر ان سان گڏوگڏ وچ اوڀر ۾ هڪ نئين جنگ ۽ معاشي بحران جو خطرو پڻ وڌي ويو آهي.
نار واري لنگهه ۾ پيدا ٿيندڙ هيءَ صورتحال ۽ تيل جي عالمي سياست پاڪستان جهڙي ڪمزور ۽ ترقي ڪندڙ معيشت لاءِ ڪنهن طوفان کان گهٽ ناهي. پاڪستان پنهنجي توانائيءَ جي ضرورتن، خاص طور تي پيٽروليم مصنوعات ۽ ايل اين جي جي فراهمي لاءِ مڪمل طور تي نار وارن ملڪن (سعودي عرب، يو اي اِي، قطر) تي ڀاڙي ٿو ۽ هي سمورو تيل هن ئي آبي لنگهه مان گذري پاڪستان پهچي ٿو. هن نئين صورتحال جا پاڪستان جي معيشت تي تمام گهرا اثر پوندا، جن ۾ سڀ کان پهريون پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ ۽ مهانگائيءَ جو نئون طوفان آهي. ڇاڪاڻ ته تيل مهانگو ٿيڻ سان شين جي ترسيل ۽ بجليءَ جا اگهه سڌو سنئون وڌي ويندا. ٻئي پاسي پاڪستان جو درآمدي بل وڌڻ ڪري ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌي ويندو، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا گهٽبا ۽ ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي تي دٻاءُ وڌي ويندو. جيتوڻيڪ هي بحران هڪ چئلينج آهي، پر پيٽروليم جي هن لنگهه تي خطري سبب چين ۽ پاڪستان جي اقتصادي لنگهه (CPEC) جي اهميت وڌي ويندي. ڇاڪاڻ ته گوادر پورٽ تيل جي فراهمي لاءِ هڪ متبادل ۽ محفوظ خشڪيءَ وارو رستو بڻجي سگهي ٿو. ان سان گڏوگڏ پاڪستان لاءِ ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ توازن برقرار رکڻ هڪ وڏو سفارتي امتحان هوندو. ڇا عالمي برادري آمريڪا جي هن “محافظ فرشتي” واري ڪردار کي قبول ڪندي يا وري هڪ نئون عالمي ٽڪراءُ جنم وٺندو. پاڪستان لاءِ هي وقت رڳو تماشو ڏسڻ جو ناهي، پر پنهنجي توانائيءَ جي متبادل ذريعن کي هٿي ڏيڻ ۽ معاشي حڪمت عملي کي تبديل ڪرڻ جو آهي ته جيئن پيدا ٿيندڙ عالمي بحران جي نقصانن کان بچي سگهجي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو