مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪاروبار کان پاسيرو سنڌي سماج، خاموش معاشي خودڪشي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

​ڪنهن به زنده ۽ متحرڪ قوم جي وجود جو دارومدار رڳو ان جي سياسي نعري بازي، شاعريءَ جي لهرن يا ماضيءَ جي تاريخي عظمتن تي نه، پر ان جي اقتصادي مضبوطي، بازار تي ڪنٽرول ۽ پورهئي جي تنظيم تي هوندو آهي. سنڌ، جيڪا صدين کان پنهنجي جاگرافيائي اهميت، سنڌو درياءَ جي زرخيزي ۽ شاهراهه ريشم سان جڙيل واپاري رستن جي ڪري پورٽ سٽي ۽ واپار جو مرڪز رهي آهي، اها اڄ پنهنجي ئي ديس ۾ معاشي ۽ تجارتي طور تي بنا ڪنهن بنياد جي معذور نظر اچي ٿي. اڄ ڪراچي ۽ حيدرآباد جهڙا وڏا صنعتي شهر ته پري جي ڳالهه آهي، پر سنڌ جي ننڍن ٻهراڙيءَ وارن شهرن جهڙوڪ: دادو، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو، سکر، نوابشاھ ۽ سڪرنڊ جي چوواٽن تي به ڪنهن سنڌيءَ جي هٿ جو پورهيو نٿو ڏسڻ ۾ اچي. روڊ جي ڪناري تي لڳل ٽائر پنڪچر جو دڪان هجي، چانهه جو هوٽل هجي، ڀاڄي ۽ ميون جو ريڙهو هجي، يا گرميءَ جي موسم ۾ ٿاڌل کپائڻ وارو هجي، اهي سڀ ڪم ڪندڙ گهڻو ڪري غير سنڌي نظر ايندا. هن صورتحال پٺيان ڪو رياستي يا بيروني جبر ناهي، پر سنڌي قوم جي پنهنجي نفسياتي ڪاهلي، پورهئي جي وقار کان انڪار، نقصان ٿيڻ جو حد کان وڌيڪ خوف ۽ سرڪاري نوڪريءَ واري “ڪمفرٽ زون” جي ڊوڙ آهي. تاريخي طور تي ورهاڱي کان اڳ سنڌ جي اقتصاديات جو هڪ وڏو حصو هندو سنڌي واپارين جي هٿن ۾ هو. شڪارپور جا واپاري، جن جا بئنڪنگ نيٽ ورڪ وچ ايشيا تائين پکڙيل هئا، اهي سنڌي هئا، پر ۱۹۴۷ع ۾ جڏهن هندن جي وڏي پيماني تي لڏپلاڻ ٿي ته سنڌ جي مڙني شهرن جو تجارتي، علمي ۽ بئنڪنگ سسٽم هڪ ئي جهٽڪي ۾ خالي ٿي ويو. ​مقامي سنڌي مسلمان آبادي، جيڪا گهڻو ڪري ٻهراڙيءَ جي زرعي نظام تائين محدود هئي، ان وٽ اها سوچ ۽ سگهه ئي نه هئي ته اها اڳتي وڌي ان شهري خلا کي ڀري ها، پر پنهنجي آرام پسند مزاج ۽ شهري واپاري پيچيدگين کان دوري جي ڪري، سنڌين ان خلا کي خالي ڇڏي ڏنو. سنڌي سماج جو سڀ کان وڏو الميو پورهئي جي وقار (Dignity of Labor) کان انڪار ڪرڻ پڻ آهي. صدين جي جاگيرداري راڄ اسان جي ذهنن ۾ هيءَ بيماري ويهاري ڇڏي آهي ته ڪمين ڪاسبين وارا ڌنڌا گهٽ ذاتين جا آهن. اسان وٽ دستڪاري، دڪانداري، ريڙهو هلائڻ يا ڪنهن به قسم جو هٿ جو پورهيو ڪرڻ عيب ۽ بدنامي سمجهيو ويندو آهي.
اسان جي معاشري جو هڪ ٻيو به الميو آهي ته غريب خاندان سان جڙيل هڪ سنڌي نوجوان گهر ۾ بيروزگار ويهندو، اوطاقن تي ويهي سياسي ۽ ادبي بحث ڪندو، موبائل فون تي وقت ضايع ڪندو، پر پنهنجي شهر جي ڪنهن موڙ/چوڪ تي چانهه جو ڪيبن، سبزيءَ جو دڪان يا ڪو ٻيو ننڍو ڪاروبار ڪونه کوليندو. ڇاڪاڻ ته ان ۾ کيس سماجي بي عزتي محسوس ٿيندي آهي ته ماڻهو ڇا چوندا! ان جي برعڪس، ٻاهران آيل ماڻهو بغير ڪنهن انا جي صبح جو سوير اٿي ٿو، پنڪچر لڳائي ٿو، بوٽ پالش ڪري ٿو، ٻُهارو ڏئي ٿو ۽ شام تائين عزت جو پئسو ڪمائي اڳتي هلي پنهنجي لاءِ وڏي مارڪيٽ قائم ڪري ٿو. اها انا جيڪا پورهئي کي گهٽ سمجهي، اصل ۾ تباهيءَ جو رستو آهي. نتيجي طور، هندستان مان آيل نئين هجرت ڪندڙ آبادي ۽ بعد ۾ پختونخواهه توڙي پنجاب مان ايندڙ محنت ڪش طبقن ان پوري معيشت کي پنهنجي هٿن ۾ ورتو. اسان جو هاري پنهنجي ٻنيءَ تائين محدود رهيو ۽ شهرن ۾ واپار جو لاڙو غير سنڌين جي هٿ چڙهي ويو. ان کان علاوه اسان سنڌين جي نفسيات گهڻو ڪري ڪاروبار ۾ نقصان جي خوف کان به گهٻرائجي ان ميدان کان ٻاهر رهي ٿي، حالانڪه ڪاروبار جو پهريون اصول آهي نقصان جي قبوليت ۽ خطرن سان کيڏڻ آهي. دنيا جو ڪوبه ڪاروبار بنا جوکم جي اڳتي نٿو وڌي سگهي، پر سنڌي نوجوان جي نفسيات ۾ خوف، ذيان يا نقصان جو ڊپ تمام گهڻو اندر ۾ ويٺل آهي. اسان کي اهڙو رستو گهرجي جتي ڪوبه لوڏو نه اچي، ڪوبه خطرو نه هجي. ​ان خوف جو ئي نتيجو سرڪاري نوڪريءَ جو جنون آهي. کڻي اها نوڪري ڏهين گريڊ جي هجي يا پٽيوالي جي، پر ان ۾ مهيني جي آخر ۾ مقرر پگهار جي پڪ هوندي آهي. سنڌي نوجوان ۽ سندس والدين پنهنجي لکين رپين جي زرعي زمين يا گهر وڪڻي رشوت ڏئي هڪ معمولي نوڪري وٺندا، پر ان رقم مان ڪو دڪان يا ڪاروبار شروع نه ڪندا. اهي اهو نٿا سوچين ته جنهن زمين کي اهي وڪڻي رهيا آهن، اها کين هڪ آزاد زندگي ڏئي ٿي، جڏهن ته نوڪري کين سڄي عمر لاءِ ذهني غلام بڻائي ڇڏيندي. هن پڪي سرڪاري نوڪري واري ڪمفرٽ زون اسان کي پڙهڻ، تخليقي ڪم ڪرڻ ۽ وڏا معرڪا سر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. ​سنڌ جي تعليمي ادارن پڻ نوجوانن کي ڪاروبار واري ذهنيت ڏيڻ بدران صرف بيوروڪريسيءَ جو پڇ بڻائڻ تي زور ڏنو آهي. يونيورسٽين جو سڄو زور ڊگريون وڪڻڻ تي آهي، جتي نوجوان کي پنهنجي ذاتي تخليقڪاري يا ڪاروباري اڳواڻي ۽ سڀاڻي لاءِ تيار ڪرڻ بدران صرف نوڪرين جي اشتهارن جو رستو ڏيکاريو وڃي ٿو. ان سلسلي ۾ ڪوٽا سسٽم جنهن شروعاتي طور تي ته ٻهراڙيءَ جي نوجوان کي ڪجهه سهولت ڏني هئي، تنهن اڳتي هلي اسان کي نقصان رسايو. ان تحفظ جي احساس سنڌ جي نوجوان مان مقابلي جو روح کسي ورتو. نوجوان محنت، ڏاهپ ۽ مهارت کي تيز ڪرڻ بدران سفارش ۽ مخصوص سيٽن جي آسري تي ويهي رهيو، جنهن ڪري هو کليل مارڪيٽ جي مقابلي مان مڪمل طور آئوٽ ٿي ويو. پوءِ جڏهن ڪنهن به ديس جا مقامي ماڻهو پنهنجي ديس جي مارڪيٽ وڃائي ويهندا آهن ته اهي پنهنجي سياسي سڃاڻپ ۽ قومي وقار به برقرار رکي نه سگهندا آهن. اڄ سنڌي پنهنجي ئي صوبي جي وڏن شهرن ۾ مالي طور تي غير بڻيل آهن.
​نتيجي ۾ بازار مان ٿيندڙ روزاني جي ڪمائي ۽ منافعو سنڌ کان ٻاهر منتقل ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ ته ڪاروبار ڪندڙن جي اڪثريت غير سنڌين يا ٻاهرئين طبقن جي آهي.​ ان عمل جو قوم کي ڪاپاري ڌڪ لڳي ٿو. ڇاڪاڻ ته معيشت تي جيڪڏهن ڪنٽرول نه هوندو ته ملڪ جي يا صوبي جي پاليسين ۾ به اوهان جو ڪو آواز نه هوندو. جڏهن اوهان رڳو ٽيڪس ڏيندڙ يا ننڍا ملازم هوندؤ ۽ مالڪ ٻيو ڪير هوندو ته حڪمراني به ان جي ئي هوندي. هن سنگين صورتحال مان نڪرڻ جو هڪ ئي رستو آهي، پنهنجي نفسياتي بيمارين جو سڌو سنئون اعتراف ۽ عملي ميدان ۾ لهڻ. جيڪڏهن اسان هاڻي به هوش ۾ نه آياسين ته تاريخ اسان کي رڳو ڪم ڪندڙ جي شڪل ۾ ياد رکندي، جن وٽ پنهنجي ڌرتي ته هئي، پر کين پنهنجي ڌرتي تي پورهيو ڪرڻ جي غيرت ۽ سگهه نه هئي. هن تبديليءَ لاءِ ڪجهه عملي قدم کڻڻ انتهائي ضروري آهن. سماجي طور تي اديبن، دانشورن ۽ نوجوانن کي گڏجي هڪ اهڙي فڪري تحريڪ هلائڻ گهرجي جتي هر هٿ جي پورهئي (چاهي اهو بوٽ پالش جو هجي يا چانهه جي ڪيبن جو) کي عزت جي نظر سان ڏٺو وڃي. سنڌي نوجوانن کي گهرجي ته اهي وڏي نوڪريءَ جي لکين رپين جي رشوت ڏيڻ بدران ان پئسي سان ننڍو، پر ذاتي ڪاروبار شروع ڪن. ياد رکڻ گهرجي ته هڪ ننڍو دڪان، هڪ وڏي غلاميءَ کان هزارين ڀيرا بهتر آهي. وقت جي اهميت کي سمجهڻ ۽ صبح جو سوير اٿي محنت ڪرڻ جو رواج پنهنجي گهرن مان شروع ڪرڻو پوندو. ​معاشي جنگ ۾ ڪوبه هٿيار ڪم نٿو اچي، سواءِ اوهان جي محنت، صبر ۽ مستقل مزاجي واري جذبي جي. سنڌ کي هاڻي نوڪريءَ جي ڪوڙي بقا مان نڪري، ڪاروبار جي کليل ميدان ۾ پنهنجو پاڻ کي ثابت ڪرڻو پوندو، ٻي صورت ۾ اسان جي مظلوميت جا داستان تاريخ جي رديءَ واري ٽوڪريءَ جو حصو بڻجي ويندا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو