مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اديب جي ڪاميابي جا راز

Azhar Azad Mughal

استاد، مترجم، شاعر، ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

تحرير: ڊاڪٽر خالد سھيل
گذريل مھيني ھڪ نوجوان اديب جو ادبي محبت نامو موصول ٿيو. لکيو ھئائين ڊاڪٽر سھيل اوهان ھڪ ڪامياب اديب آهيو. اوهان پنهنجي زندگيءَ ۾ ستر کان وڌيڪ ڪتاب ۽ گذريل ستن سالن ۾ 700 کان وڌيڪ ڪالم لکيا آهن. مان به ھڪ ڪامياب اديب بڻجڻ چاھيان ٿو. اوهان جي نظر ۾ اديب جي ڪاميابي جا ڪھڙا راز آهن؟
مان اھڙن ڪيترن ئي اديبن، شاعرن ۽ دانشورن کي سڃاڻان ٿو جيڪي پنهنجي بيپناھ تخليقي صلاحيتن جي باوجود ان جو ڀرپور اظهار نه ڪري سگهيا ۽ ھاڻي تائين تخليقي سن ياس Creative Menopause تائين پھچي چڪا آهن ۽ ھڪ اداس ۽ غمگين زندگي گذاري رهيا آهن. اھي ڪيترن ئي پڇتائن جو راز پنهنجي ڪلھن تي کڻي گهمن ٿا. انهن کي زندگيءَ ڪيترائي موقعا فراهم ڪيا، پر انهن اُھي موقعا ضايع ڪري ڇڏيا. ڇاڪاڻ جو انھن غير دانشمنداڻا فيصلا ڪيا تنھنڪري ھاڻي اُھي پنهنجي غلط فيصلن جي نتيجن کان خوفزدہ آهن. مان پنهنجي نوجوان دوست کي چيو ته اديبن، شاعرن ۽ دانشورن جي ڪاميابي جو بنيادي ۽ راز تخليقي آزادي حاصل ڪرڻ آهي ۽ تخليقي آزادي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٽن ٻين آزادين جي ضرورت پوندي آهي. مان انهن ٽن آزادين جي باري ۾ ھن ڪالم ۾ ڪجھه لکڻ چاهيان ٿو ته جيئن اُهي به ان حوالي سان ڪجهھ سنجيدگي سان سوچي سگهن.
پھرين آزادي معاشي آزادي آهي. اھي اديب ۽ فنڪار جيڪي معاشي مسئلن جو شڪار رھندا آھن ۽ ڏينهن رات گھرواري ٻارن جي کائڻ پيئڻ ۽ گهر جي ڪرائي متعلق پريشان رھندا آھن اُھي اھڙي صورتحال ۾ دل لڳائي تخليقي ڪم نٿا ڪري سگهن. ھاڻي يورپ جا ڪيترائي فائن آرٽس جا اسڪول ۽ ڪاليج سنجيدگي سان سوچي رهيا آهن ته اھي پنهنجي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي فنون لطيفه جي تعليم ۽ تربيت سان گڏوگڏ ھڪ اھڙو ھنر به سيکارين جيڪو انھن جي معاشي مسئلن جو حل ھجي. اھي ھڪ ڳائڻي، پينٽر ۽ اداڪار کي واڍو ۽ اليڪٽريشن به بڻائيندا ته جيئن اھي شاگرد جيڪي پنهنجي فن جي ڪري تنگ دستي جا شڪار ھجن ته اھي پنهنجي ھنر مان فائدو وٺن ۽ عزت سان پنهنجي زندگي گذاري سگهن.
ٻي آزادي جذباتي آزادي آهي. جن اديبن، شاعرن ۽ دانشورن کي نفسياتي آزادي حاصل ناهي ھوندي اھي جڏهن غير روايتي انداز سان سوچيندا آهن ته ندامت ۽ ڦڪائي جي احساس سان گڏ گناھ جي احساس جو شڪار ٿي ويندا آهن. اھڙا اديب مذهب، جنس ۽ سياست جھڙن منع ٿيل موضوعن تي لکندي ڏڪندا، شرمائيندا ۽ گهٻرائيندا آهن. مشھور وجودي فلسفي سورن ڪرڪيگارڊ پنھنجي ڊائري ۾ لکي ٿو ته اڪثر شاعر ۽ فنڪار اظھار ۽ گفتار جي آزاديءَ لاءِ جنگيون وڙھندا رھندا آھن، پر اھو نه ڄاڻندا آهن ته سڀ کان وڌيڪ املھه خيال ۽ فڪر جي آزادي آهي. فڪر جي آزادي اظهار ۽ گفتار ۽ ڪردار جي آزادي کان تمام گهڻو قيمتي آهي. اھڙي داخلي آزادي جي لاءِ ڪنھن خارجي پابندي کان آزادي جي ضرورت ناهي. نفسياتي آزادي ان وقت حاصل ٿيندي آهي جڏهن ڪوبه اديب، شاعر ۽ دانشور پنهنجي عھد ۽ سماج کي نسل در نسل جي غير فطري روايتن ۽ غير انساني پابندين کان ذھني آزادي حاصل ڪري ڇڏيندو آهي. منهنجو ھڪ شعر آهي:
اس درجه روايات ڪي ديوارين اٺائين،
نسلون سي ڪسي شخص ني باهر نهين ديکا.
ٽين آزادي سماجي آزادي آهي، سماجي آزادي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اديبن، شاعرن ۽ دانشورن کي اھڙن دوستن جو حلقو بڻائڻو پوندو آهي جيڪو انھن جي غير روايتي تخليقن کي سمجهي به ساراھي به. اھڙي آزادي حاصل ڪرڻ ڪنهن قدر آسان ٿي ويندو آهي جيڪڏھن اديب، شاعر ۽ دانشور ڪنهن آزاد منش سيڪيولر معاشري ۾ رھندو ھجي. جيڪڏهن اھي روايتي ۽ مذهبي ماحول ۾ وسندا ھجن ته انهن کي خدشو ۽ خطرو رهندو آهي ته ڪٿي انھن جي غير روايتي خيالن ۽ نظرين جي ڪري انهن کي قيد يا سنگسار يا ملڪ بدر نه ڪيو وڃي. مان تخليقي آزاديءَ جي حوالي سان پنهنجو پاڻ کي ھڪ خوشنصيب اديب سمجهان ٿو. معاشي آزادي حاصل ڪرڻ جي لاءِ مان ھڪ ڊاڪٽر بڻيس ته جيئن سڄي عمر مون کي روزمره جي خرچن جو فڪر نه رھي. جذباتي آزادي حاصل ڪرڻ جي لاءِ مان روايتي مذهب کي ڇڏي انسان دوستي جي فلسفي کي ڳلي لڳايو ته جيئن مان ندامت ۽ شرمساري ۽ گناھ جي احساس کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهان ۽ سماجي آزادي حاصل ڪرڻ جي لاءِ مان ڪئناڊا جھڙي آزاد منش ۽ سيڪيولر ملڪ ۾ اچي رهيس ۽ ھتي فيملي آف دا ھارٽ جھڙي انجمن جو بنياد وڌو جتي غير روايتي اديبن، شاعرن ۽ دانشورن جي آجيان ڪئي وڃي ۽ انهن جي غير روايتي تخليقن جي حوصلا افزائي ڪري سگهجي.
منهنجو نون ۽ نوجوان ليکڪن کي اھو مشورو آهي ته جيڪڏهن اھي تخليقي آزادي حاصل ڪري ھڪ ڪامياب اديب بڻجڻ چاھن ٿا ته انهن کي پنهنجي معاشي، نفسياتي ۽ سماجي آزادي جي باري ۾ سنجيدگيءَ سان سوچڻ گهرجي نه ته ٻي صورت ۾ اھي به پنهنجي تخليقي صلاحيتن جو ڀرپور اظهار ڪرڻ بغير ئي ادبي ۽ فني سن ياس تائين پھچي ويندا ۽ پوءِ پنهنجي ماضيءَ جي فيصلن متعلق پڇتائڻ جو شڪار ٿي ويندا.
حوالو: ھم سب. تاريخ:1 جون 2026

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو