ڪيٽي بندر جو سمنڊ: سفري ڪٿا جا يادگار لمحا
Azam Bhatti
صحافي، ڪالم نگار
ڪيٽي بندر رڳو ڪو ماڳ يا ڪو شهر ناهي، ڪيٽي بندر سنڌ جي سڃاڻپ جو انوکو ساز آهي. منفرد سڃاڻپ آهي، جتي سنڌو پنهنجي هزارين ميلن جو ٿڪ لاهي، سمنڊ جي ڇاتي تي ماءُ پٽ وانگر ڀاڪر پائي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ وڃائي سمنڊ ٿي وڃي ٿو. اسان جو قافلو ڪو عام قافلو نه هو. هي ڪنهن روايتي پڪنڪ جو قافلو نه هو. هي مطالعاتي ۽ مشاهداتي نشست به هئي، ٿي سگهي ٿو ان سفر کي هر ڪنهن پنهنجي اک سان ڏٺو ۽ پرکيو هجي، پر ان قافلي ۾ شامل سڀ ذاتي دوست، دل وارا ماڻهو هئا، جن ۾ انيڪ نالا آهن جيڪي گاڏين ۾ ويٺل رڳو وجود نه هئا، پر ذهنن جي پختگيءَ، خيالن جي سچائيءَ ۽ دلين جي جذبن جي هڪجهڙائيءَ جو قافلو هو. ٺٽي کان اڳتي جڏهن ڪيٽي بندر جي رستي تي لهڻ لڳاسين ته شهر پوئتي رهجي ويو. ڪيترائي ٽاور، رستا، سگنلز جي سڃاڻپ، فيس بڪ، ٽڪ ٽاڪ ۽ واٽس ايپ جي وٺ وٺان واري دنيا عارضي طور ختم ٿيندي محسوس ٿي. اڳتي صرف سنڌوءَ جو موهه هو، سمنڊ جي گهرائي هئي ۽ لوڻاٺيل هوا هئي، جيڪا وجود کي کارو ڪري، پر روح کي مٺو ڪري رهي هئي. سامونڊي رستي جي ٻنهي پاسن کان تمر جا ڪي سڙيل ته ڪجهه ساوا ٿڙ، کاري ڇاڻ جي اڇي چادر ۽ وچ ۾ ڪٿي ڪٿي اڪيليون بيٺل جهوپڙيون، ڄڻ ته صدين کان اسان جي ئي انتظار ۾ هيون. ڪيٽي بندر کي ڏسڻ کان اڳ ان جي تاريخ کي ٻنهي هٿن سان سلام ڪرڻ ضروري بڻجي پوي ٿو. تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڪراچيءَ کان اڳ سنڌ جو سڀ کان وڏو بندرگاهه ڪيٽي بندر ئي هو. 1840ع تائين هتي سمنڊ ۾ بادبان ئي بادبان نظر ايندا هئا. سنڌ جو چانور، ساريون، ڪڻڪ، ڪپڙو، ڪاشي ۽ ٻيا انيڪ هنر ۽ ڪاروبار جي ڏي وٺ هتان ئي جهازن ذريعي ممبئي، مسقط، بحرين، زنگبار ۽ ٻين ڪيترن ئي ڏيهي توڙي پرڏيهي علائقن ڏي رواني ٿيندي هئي. پوءِ گورو انگريز آيو. هن پنهنجي مفاد لاءِ ڪراچيءَ جي اٿل بندر کي سڌاريو ۽ ڪيٽي بندر کي وساري ڇڏيو. 1850ع جي قيامت خيز ٻوڏ ۽ پوءِ سمنڊ جي مسلسل چاڙهه هن شهر، عظيم بندر ۽ ان جي خوشحال آباديءَ کي ڄڻ ڳڙڪائي ڇڏيو ھو. چوندا آهن ته پراڻو ڪيٽي بندر ۽ کارو ڇاڻ اڄ به سمنڊ جي پيٽ ۾ دفن ٿيل آهي. مهاڻا اڄ به چون ٿا ته سمنڊ ۾ گهڙڻ سان پراڻي دور جي جهازن جو گوڙ ڄڻ ته وجود ۾ لرزي ٿو ۽ ان ڳالهه جو احساس ٿئي ٿو ته ڇا ته بندر هو، ڇا ته سمنڊ هو، ڇا ته سنڌوءَ جي خوشحالي جي تاريخ هئي. هي اهو واحد هنڌ آهي جتي شاهه بندر، لاهري بندر ۽ ڪيٽي بندر، جاتي بندر جهڙا تاريخي بندر، هڪ ئي ڊيلٽائي پٽيءَ جيان هڪٻئي ۾ سمايل آهن. ماضيءَ جي مٿين سامونڊي قبرن تي اڄ موجوده سمنڊ جي موج ڄڻ ته عقيدت سان فاتح پڙهي ٿي. سنڌوءَ جون ست شاخون هتي اچي سمنڊ ۾ لانئون لهن ٿيون. مقامي ملاح ٻڌايو ته “سائين! هتي ٻه سمنڊ آهن، هڪ مٺو آهي ته وري ٻيو کارو آهي، جتي سنڌو ملي ٿو اتي پاڻي مٺو ۽ ٿورو اڳتي سمنڊ پنهنجي اصليت تي اچي کارو ٿي وڃي ٿو.” يعني هتي ٻن دنيائن جو سنگم آهي. ھتي ٻن جهانن جي تاريخ آهي، هتي ٻن دورن جي حقيقت جي تدفين ٿيل آهي. اسان ننڍڙي هوڙي وسيلي سمنڊ جي پيٽ ۾ گهڙي وياسين. مقامي مهاڻو جنهن جي دل ۽ دماغ ۾ سمنڊ جو لوڻ ۽ اکين ۾ سمنڊ جي اونهائي هئي! جنهن چيو ته “سائين! سمنڊ ۾ گهڙي ڏسجي ٿو ته جنم ڏسجن ٿا، جنمن جا جنم ڳالهائين ٿا.” مسلسل ستن ڪلاڪن جي سامونڊي سفر ۾ اسان کي هر لمحي جو پنهنجو رنگ ۽ پنهنجي تاريخ محسوس ٿي. چوڌاري پاڻي ئي پاڻي، ڪنارو ڄڻ ته غائب، زمين ختم، آسمان ۽ پاڻي جو هڪ ٿي وڃڻ واري گهڙي به عجيب آهي. ڇا ته سج جو تپندڙ ۽ لهي ويندڙ عڪس، چنڊ جون چلولايون دل لڀائيندڙ منظر محبوب جيان ٿي لڳا. هوڙي جي انجڻ جو گوڙ به آهستي آهستي تبديل ٿي هر ماڻهو جي اندر ۾ لهي ٿي ويو. ڄڻ سمنڊ اسان سان ڳالهائڻ ٿي لڳو. کاري ڇاڻ جي تباهي کان وٺي تمر جي ٻيلن جي تباهي تائين، ڊيلٽا جي اجڙڻ کان وٺي ڪيٽي بندر جي وسري ويل رونق تائين، سمورو ماضي اسان کي يادن، خيالن ۽ گمانن ۾ گهلڻ لڳو. ڪٿي اڇا پکي سمنڊ مٿان اڏامي پنهنجي پرن سان پاڻي کي چمڻ ٿي لڳا. ڪٿي ڪَتي جو مسلسل ترندو رهڻ جهڙو عجب نظارو هو، ڪٿي مڇين جا نسل، جيڪي ٽپا ڏئي ٻاهر نڪري وري اندر هليا ٿي ويا. ڪٿي پري کان ايندڙ ٻيڙيون، جن تي مختلف رنگن جا جهنڊا، خاص طور ساوا جهنڊا هوا ۾ ڦڙڪي پنهنجي آمد ۽ رخصتيءَ جا اشارا ڪري رهيا هئا. هر موج سان رنگ بدلجي رهيو هو. ڪڏهن اڇو، ڪڏهن نيرو، ڪڏهن سائو، ڪڏهن خاڪي. يعني سمورا رنگ ملي پنهنجي هڪ خوشبو، پنهنجو هڪ منفرد عڪس، پنهنجي هڪ بهترين ياد، پنهنجو هڪ داستان جوڙي رهيا هئا. اسان مان هر ڪنهن ڄڻ ته پنهنجي اندر جي اک سان سمنڊ ٿي ڏٺو. ڪنهن کي پنهنجي ويجهن عزيزن جون ڳالهيون ياد آيون، ڪنهن کي پنهنجي محبوب جو وڇوڙو، ڪنهن کي وڇڙي ويل يارن جي سار جون ساروڻيون ته ڪن کي پنهنجي وڏڙن جا پراڻا قصا، جيڪي هو سياري جي راتين ۾ ويهي ٻڌندا ۽ ٻڌائيندا هئا. ڪيٽي بندر پهچڻ سان ئي جيڪا ڳالهه دل کي وندرائي وئي، سا اها هئي ته اسانجي ميزبانن پاران سنڌ جي شاندار روايتي مهمان نوازي، جنهن ڄڻ ته عروج ۽ زوال جا ڪيترائي دور ورائي ڇڏيا. نه ڪا هوٽل، نه ڪو شاندار اوطاق، پر ميزبانن جا ذاتي گهر ۽ آستانا پنهنجي جاهه و جلال سان اسان لاءِ پناهه گاهه ۽ دستر خوان بڻيل هئا، جيڪي حقيقت ۾ اسان کي پنهنجا ئي آستانا لڳي رهيا هئا. منجهند جي مانجهاندي ته ڪمال ئي ڪري ڇڏيو. اهو مانجهاندو هڪ ٻي هوڙي وسيلي جڏهن اسان جي سفري هوڙي تي پهتو ته ڪڪڙ، مڇي، بصر، چانور ۽ مٿان گجرن ۽ ونگن جي ڇانوَ. اهڙي ته شاندار رويي، احساس ۽ عزت سان پيش ڪئي وئي جو اسان ننڍڙي شهر جا ننڍڙا ماڻهو شرمندا ٿي وياسين. مٿان پاڻي جون بوتلون، ٿڌي مشروبات اندر کي ٺاري پئي ڇڏيو. ائين محسوس ٿيو ته ميزبان دلي طور ائين چئي رهيا هجن ته “سائين! اوهان اسان جا مهمان آهيو. سمنڊ رڳو اسان جو ناهي، سمنڊ اوهان جو به آهي، هي سنڌ جو سمنڊ آهي، جتي سنڌو ۽ سنڌ ئي اسان جي محبتن جو مرڪز ۽ روايتن جي امين ڌرتي آهي.” هي اها جڳهه آهي جتي اڄ به مهمان کان پئسا ناهن ورتا ويندا، دعائون ۽ نيڪ تمنائون ۽ نيڪ نيتون ئي ڏي وٺ جو وسيلو بڻيل رهنديون آهن. ستن ڪلاڪن کانپوءِ جڏهن ڪناري تي واپس موٽياسين ته اسان ڪي صفا ٿڪل نه هئاسين، تازا توانا هئاسين. شهر جي گوڙ جو دٻاءُ، نوڪرين جا خفا، ذاتي ڪم ڪار، روز جي ڪرت جي ڪڻا، وقتي پريشانيون سڀ جو سڀ ڄڻ ته سمنڊ پاڻ سان گڏ کڻي ويو. اسان کي ڏئي ويو ته رڳو تازگيءَ ۽ مرڪن جا گلاب، جيڪي من اندر کي معطر ڪري رهيا هئا. اتي سمجهه ۾ آيو ته زندگي جي لطافت وڏي گاڏي يا بنگلي ۾ ناهي، پر زندگيءَ جي لطافت دلي، ذهني ۽ روحاني سڪون ۾ آهي، جيڪو ڪيٽي بندر جي سمنڊ ۽ سامونڊي سفر جي ميزبانن اسان کي ارپيو. توڙي جو ڪيٽي بندر هاڻي اها قديم ۽ وڏي واپار لاءِ وسندڙ بندرگاهه ناهي رهي، پر اها سنڌ جي دل جهڙي شاندار بندرگاهه اڄ به آهي، جيڪو هڪ ڀيرو ڪيٽي بندر جو سمنڊ ڏسي ٿو، اهو وري ڪڏهن به سمنڊ کي صرف پاڻي نٿو سمجهي. اهو سمجهي ٿو ته زندگي جي لطافت جا ڪيڏا نه وسيع رنگ آهن، جيڪي رڳو سمنڊ ئي ڏيکاري سگهي ٿو ۽ اهي منفرد رنگ ڪڏهن به وسرڻ جهڙا ناهن…!!
هي مضمون ڪيئن رهيو؟