سنڌ جي سياست، ادب، صحافت جي عمل جو دائرو
Shabir Khokharr تجزيه نگار، ليکڪ، ڪالم نويس، سينئر صحافي
ايم فل اسڪالر، شاعر، تجزيي نگار، نقاد، محقق، اٺ ڪتابن جو ليکڪ، مضمون نگار، ڪالم نويس.
سنڌ سياست، ادب ۽ صحافت سان منھنجو اختلاف اصولي عملي ۽ عقلي آهي، سياسي پارٽين سان سندن ايجنڊا، گس تي اختلاف آهي، اديبن سان سندن حسن سلوڪ، ادبي ڪردار ادا نه ڪرڻ، دريافت ۽ معرفت تي اختلاف آهي، صحافت تي سندن روايتي صحافت تي اختلاف آهي، ڪو نئون چھرو متعارف نه ڪرائڻ، گھربل سوال نه ڪري سگهڻ تي آهي.
سياست تي اختلاف: سياسي پارٽين جو شخصي بنياد تي قائم ٿيڻ ۽ تاحيات قيادت طور ڪم ڪرڻ، ھڪڙي شخص تي ڀاڙڻ، پوئلڳ ٿي رهڻ، اختلاف راءِ نه رکڻ، سمورا فيصلا شخصي بنياد تي ٿي رهيا آهن. سنڌ ۾ ڪنهن به سياسي پارٽيءَ وٽ درست ايجنڊا ناھي رڳو روايتي سياست تي گذارو آهي. سموريون کاٻي ڌر جون سياسي پارٽيون ھڪڙي پارٽي اڳواڻ جي مرضيءَ سان ھلڻ تي مجبور آهن. مرڪزي ڪميٽي ۾ شامل اڳواڻن جي صلاح، مشاورت، گڏيل موقف اختيار ڪرڻ، گڏيل موقف تي جدوجھد ڪرڻ جو ڪو مثال نٿو ملي. ھر پارٽي ھڪڙي قيادت تي انحصار ڪندڙ آھي، جيڪو عمل سياسي پارٽين جي ناڪامي جو وڏو سبب ٿي سگهي ٿو.
ھر پارٽي رڳو مظلوم ڪارڪن ڀرتي ڪرڻ کي ڪافي سمجھي ٿي، جيڪي پارٽي جي جلسي، احتجاج جو ڪم سرانجام ڏيئي سگھن. ڪابه پارٽي ڪڏھن ڪنھن سياسي شعور، الڳ موقف رکندڙ دانشور فرد کي پارٽي ۾ شموليت لاءِ رسمي دعوت يا مذاڪرو، تقريب جو بندوبست نٿي ڪري، نه وري ڪڏھن اھڙي ضرورت جو اظھار ڪيو آھي. سڀ کان وڏو الميو پارٽي جي شخصي سڃاڻپ، ھڪ شخص جي ھدايت موجب ھلڻ جي پابندي، جنھن ۾ گڏيل فيصلي جي ڪابه گنجائش نٿي رکي وڃي، جنھن جي ڪري اھڙين سياسي پارٽين ۾ ڪوبه سياسي شعور رکندڙ فرد شموليت اختيار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. سنڌ ۾ اھڙين نظرياتي شخصي سياسي پارٽين جي کوٽ ناهي، ھر شھر ۾ ھر پارٽيءَ جا ڪجھه ڪارڪن ملي سگھن ٿا.
ادب تي اختلاف: ادب ۾ ھڪڙي مخصوص لابي جنھن کي سرڪاري سرپرستيءَ هيٺ مسلط ڪيو ويو آهي، جنھن جو بيانيو روايتي مدي خارج، مخصوص نظرياتي، کاٻي ڌر جي سياست جي اثرن تحت تاريخي باقيات طور بچيو آهي. اھڙي ادبي لابي ادب تي پنھنجي راءِ ڏيڻ تبصرو تذڪرو ڪرڻ بجاءِ رڳو پنھنجو پاڻ کي ٻڌندڙن تي ٿاڦڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، جيڪا لابي اديبن جي معرفت دريافت ڪرڻ بجاءِ رڳو پنھنجي روايتي بيانيي کي برقرار رکڻ لاءِ استعمال ٿي رھي آھي. جنھن جي ڪري ادب جمود جو شڪار بڻجي ويو آهي. ڪنھن به نئين بيانيي جي حوصلا افزائي نٿي ڪئي وڃي، نه وري ان تي ڳالھائڻ، راءِ ڏيڻ، تبصرو يا تذڪرو ڪيو وڃي ٿو. مسلط ٿيل لابي مخالف بيانيي کي اڀرڻ يا اڳتي اچڻ کان روڪڻ لاءِ ان کي مڪمل طور نظرانداز ڪرڻ جي حربي تي عمل پيرا آهي. ھن لابي کي سرڪاري سرپرستيءَ حاصل ھجڻ ڪري تمام ادارن جي تقريبن پروگرامن ۽ ميڊيا جي ڪوريج تائين رسائي حاصل رھي آھي. جڏهن ته اختلاف راءِ رکندڙ ادب کي اھڙي ڪابه سرپرستيءَ يا سھڪار حاصل نه ھجڻ ڪري ھو نظرانداز ٿيل پسمنظر ۾ موجود آهي.
ادب کي سياسي وابستگي، سرڪاري سرپرستيءَ سان گڏ اديبن جي لابنگ، گروھه بندي، حسد، انا، خود غرضي تمام گھڻو نقصان پھچايو آھي، جنهن ادب کي سياست ھٿان ھڪ باندي بڻايو آهي. ادب پنھنجي آزادي وڃائي ويٺو آهي. ادب ڪڏھن به پنھنجي لاءِ ڪجھه حاصل ڪرڻ بجاءِ رڳو سياست طور استعمال ٿيندو رهيو آهي، ترقي پسند تحريڪ، کاٻي ڌر سان وابستگي ان جا واضح مثال آھن. سنڌي ادب دنيا جو واحد ادب جيڪو ھڪڙي وقت سرڪاري توڙي مخالف ڌر جي سرپرستي طور ڪم ڪري ٿو.
صحافت تي تنقيد: سڀ کان پھريون اعتراض اخبار يا نيوز چينل جي اداري طرفان صحافي جي غير پيشه وراڻي ميرٽ جي خلاف ڀرتي ڪرڻ آهي، جتان صحافت جي سرپرستي، معيار، آزادي متاثر ٿئي ٿي. جيڪي صحافي بنا پگھار جي رضاڪار طور ڀرتي ٿيندا آھن ڪھڙو ڪردار ادا ڪري سگهندا. ھيٺئين طبقي جي معمولي، مالي طور غير مستحڪم فردن، گھٽ تعليم يافته، غير نمايان شخصيت کي نمائندي طور ڀرتي ڪرڻ سان صحافت پنھنجو گھربل ڪردار ادا ڪرڻ کان قاصر آهي. اھڙا صحافي رڳو رسمي، روايتي خبرون ھلائڻ، انٽرويو وٺڻ تائين محدود آھن. اھڙن صحافين مان کوجنائي، دريافت، سوال ڪرڻ واري صحافت جي اميد نٿي ڪري سگھجي.
وزير، مخالف ڌر جي اڳواڻ، آفيسرن جي بريفنگ، پريس ڪانفرنس ۾ سوال پڇڻ لاءِ اھڙن روايتي صحافين کي سوال ڪرڻ به نه ايندو آهي، رڳو موقف معلوم ڪرڻ تائين محدود ھوندا آھن. جڏھن ته اھڙن موقعن تي سوال پڇڻ جي اھميت ھوندي آھي، جيڪو صرف پروفيشنل اعليٰ تعليم يافته صحافي ڪري سگھي ٿو. عام صحافي وڏن ماڻهن کان سوال ڪرڻ جي همت ئي نٿو رکي، سوال ڪيئن ممڪن آهي. سنڌي اخبارن، چينلن جا مالڪ پروفيشنل صحافي ڀرتي ڪرڻ جي مالي طور مستحڪم حالت ئي نٿا رکن، ھو رڳو رضاڪار، وڻڪاري صحافي مقرر ڪن ٿا، جيڪي جڳاڙي صحافت جو تجربو رکن ٿا. سڀني تقريبن، پروگرامن ۾ صحافي ويچارن جو ھليو، شخصيت، ظاھري شڪل صورت ڏسي افسوس ٿيندو آهي. ان کان وڌيڪ افسوس اخبار، نيوز چينل، اداري جي مالڪن تي ٿيندو آهي. کين اهڙي حالت ۾ ڏسي ڏاڍو افسوس ٿيندو آهي.
نتيجو: ادب صحافت سماج لاءِ تڏھن لاڀائتا ۽ ڪارائتا ثابت ٿي سگهن ٿا، جڏھن ھي سياسي وابستگي، سرپرستيءَ کان انڪار ڪري اڳتي وڌن. ان کانسواءِ ھن جو ڪردار محدود نوعيت جو رھجي وڃي ٿو. ادب کي مڪمل آزادي، صحافت کي مڪمل طور پروفيشنل ٿيڻ سان ئي ڪاميابي وارا نتيجا ملي سگھن ٿا.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟