سنڌي ٻوليءَ جي بچاءُ ۽ واڌ ويجهه ۾ سنڌي مائرن ۽ ليکڪائن جو ڪردار
Rukhsana Preet
ڊاڪٽر، ليکڪه، شاعره، سوشل ايڪٽوسٽ، وومين ايڪشن فورم جي ميمبر
مادريءَ ٻوليءَ جي اھميت ۽ افاديت ڇا آھي؟ اھو ھڪ اھم سوال آھي ۽ شايد ان ئي سوال تي بحثن مباحثن کانپوءِ يونيسڪو جھڙي عالمي اداري ھر سال ايڪيھين فيبروري جي تاريخ کي سڄي دنيا ۾ مادري ٻولين جو عالمي ڏينھن ڪري ملھائڻ جو طئي ڪيو. مادري ٻولي نه صرف ھڪ قوم جي، ھڪ خطي جي ثقافتي سڃاڻپ ھوندي آھي، پر اھا قومن جو تھذيبي اھڃاڻ پڻ آھي. جڏھن کان انسان پيدا ٿيو کيس ڪيترين ئي ڏکين آزمائشن مان گذرڻو پيو آھي، جن ۾ جيئڻ جو جتن سڀني کان اھم امتحان رھيو آھي. ڏسجي ته ھڪ طرف وجود جو سوال ته ٻئي طرف پنھنجي علاقائي، تاريخي، ثقافتي ۽ قومي سڃاڻپ کي زنده رکڻ واري ڇڪتاڻ ھميشه انسان لاءِ ھڪ وڏو امتحان رھي آھي. دنيا جي بدلجندڙ سياسي سماجي ۽ ڪلچرل صورتحال ۾ ھڪڙن ملڪن ۽ ثقافتن جي غلبي سبب ڪيترين ئي نسبتن گهٽ ڳالھايون ويندڙ ٻولين کي خطرا رھيا آھن، جڏھن ڪجھه قومن جون ثقافتون سامراجي حربن ڪالونائيزيشن ۽ لٽ مار سان شاھوڪار بڻجي ڪلچرل مٿڀرائي حاصل ڪري وٺنديون آھن ته پوءِ يقينن انھن جو وڌيل اثر، تعليمي سيليبس، روزگار جي ذريعن، ادب ۽ آرٽ جي ميدان ۾ ويندي مارڪيٽ جي ٻوليءَ طور نظر ايندو آھي. اھڙي عالمي صورتحال جي تناظر ۾ پنھنجي مادري ٻوليءَ جو بچاءُ ڪنھن ھڪ مورچي تان نه، پر گهڻ پاسائون ڪرڻ جو سوچڻو پوندو. آمريڪا جي مشھور قانوني اسڪالر اوليور وينديل ھومس چيو ھو ته “مادري ٻولي روح ۾ ڊوڙندڙ رت جيان آھي، جنھن جي وھڪري ۾ خيال ڊوڙن ٿا ۽ پنھنجي واڌ ويجھه ڪن ٿا.”
چئلينجز جي ور چڙھيل ۽ امڪاني خطرن ۾ ھجڻ جي صورت ۾ مادري ٻوليون ڪيئن بچنديون ان لاءِ ھڪ مورچو ماءُ جي ھنج پڻ آھي. بائيلاجيڪل سائنس تمام گهڻي ترقي ڪئي آھي. مصنوعي ذھانت کان پڇڻ تي اھو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته ٻارڙو ساڍن چئن کان پنجن مھينن جي عمر ۾ ماءُ جي پيٽ اندر ٻڌڻ جي صلاحيت رکي ٿو، جيڪڏھن ائين آھي ته پوءِ جنم وقت ٻارڙي جون سمعي قوتون ڪافي بھتر ھونديون ۽ ھو زندگيءَ جي بلڪل شروعاتي مرحلن ۾ ئي آوازن سان ھم آھنگ ٿي ويندو ھوندو. اھڙيءَ طرح لفظن سان شناسائي ڪري انھن کي سمجهڻ جي جستجو ٻارڙي پاران تمام ننڍڙي عمر کان ئي شروع ٿي ويندي ھوندي. ھن مرحلي ۾ پھرين ماءُ ۽ پوءِ والدين ۽ سمورن گهر ڀاتين جو ڪردار شروع ٿي وڃي ٿو، ھتي سماج جو ڪردار پڻ سُڻائي سگهجي ٿو. ماءُ جي ڳالھائڻ ٻولھائڻ کان ويندي سندس لھجي جي نفاست، ادائگي گفتگوءَ جا موضوع ۽ آسپاس جو ماحول سڀئي ملي ڪري ٻار جي ٻولي سکڻ جي نشونما تي اثر انداز ٿين ٿا. ٻار جي بنيادي درسگاھ ھجڻ جي صورت ۾ ماءُ ۽ آسپاس جي گهرو فردن کي گهرجي ته ٻار سان ڪھڙي به عمر ۾ صاف، چٽي ۽ ھلڪي آواز سان گفتگو ڪن، مادري زبان ۾ ڳالھائين ۽ اھو پڻ خيال ڪن ته آسپاس ۾ موجود آواز مثلن ميوزڪ يا ٽيليويزن تي ھلندڙ شو، ڊراما پڻ گهڻي ڀاڱي مادري زبان جا ھجن ته جيئن ٻارڙو ٻوليءَ جي وشالتا سان شناسا ٿيندو وڃي ۽ آھستي آھستي ان کي سمجهڻ جي ڪوشش به ڪندو ھلي. ٻار جي جسماني شعور ۽ سندس ٻولي سکڻ واري سگھه جي نشونما لاءِ ماحول جو خوشگوار ۽ وابستگيءَ سان ڀرپور ھجڻ نھايت ضروري آھي.
شيخ اياز جو خوبصورت بيت آھي:
جيڪا ٻولي ٿڃ سان، تنھنجي پيٽ پَئي،
سا تو ڪيئن ڪئي، اڄڪلھه آھي اوپري-(شيخ اياز)
ماءُ جيڪڏهن پڙھيل لکيل آھي ته ھوءَ ٻاراڻن ڪتابن مان مختلف گيت، بيت يا سوشل ميڊيا تان مختلف ٻارڙن لاءِ ڳايل اسم ٻارڙي جي سماعتن تائين پڄائي سگهي ٿي. ھتي وري سوال شھري ۽ ڳوٺاڻي ماحول جو پڻ اھم آھي. ٻھراڙيءَ جي پسمنظر ۾ ٻار کي نج مادري ٻوليءَ سان شناسائي ٿي ئي وڃي ٿي. ڇاڪاڻ ته اتي ٻين ٻولين جو واھپو گهٽ ٿو ملي ۽ ٻار کي ماءُ ۽ ٻيا گهر ڀاتي لوليءَ جي صورت ۾ لوڪ گيت، ڪلاسيقي شاعري ۽ ڪجهه ثقافتي تمثيلون ٻڌائيندا رھن ٿا، جنھن جي ڪري اتي مادري ٻوليءَ کي شھرن جي نسبت گهٽ چئلينج آھن. جڏهن ته شھري زندگي گهڻ ٻولين جي وچ ۾ گذري ٿي. رياست جي ٻولي، تعليمي ميڊيم جي ٻولي ۽ مادري ٻولي، ھن صورتحال ۾ ماءُ پيءُ ۽ گهر جي ٻين فردن جي ذميواري پڻ ٻيڻي ٿي وڃي ٿي، نه صرف مادري ٻوليءَ جو بچاءُ ڪرڻو آھي، پر ان کي گاڏڙ ٿيڻ يا ٻين ٻولين جي غير ضروري آميزش کان پڻ پري رکڻو آھي. ان ڪري شھر ۾ رھندي والدين کي مادري ٻوليءَ جي واھپي تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي.
ماءُ کي نه صرف صاف چٽي لھجي ۾ ٻار سان ڳالھائڻ گھرجي، پر کيس مادري ٻوليءَ ۾ لکڻ توڙي پڙھڻ ۾ پڻ سندس مدد ڪرڻ گھرجي. ماءُ انيڪ حوالن سان ٻار جي ويجهو رھندي سندس تربيت جو حصو رھي ٿي. ٻولي، تعليمي تربيت ويندي انسيت، بي انتھا پيار، زندگي گذارڻ جا طور طريقا، شروعاتي طور تي ماءُ کان ئي ٻار ڏي منتقل ٿين ٿا. ماءُ جو اولاد وٽ نھايت نفيس اميج ھوندو آھي، ان ڪري سندس بھترين ابلاغي قوت سان ٻار نج ۽ سھڻي مادري ٻولي ڳالھائڻ جي سگھه حاصل ڪري سگهي ٿو.
جيجل آھي دعا تنھنجي لوليءَ جي،
سنڌي ٻوليءَ جي چولي ميري نه ٿئي-(ادل سومرو)
ٻوليءَ جي واڌ ويجھه ۽ بچاءُ لاءِ ھڪ ليکڪا ڪھڙو ڪردار ادا سگهي ٿي. ھيءَ اھا ئي ذميواري آھي، جيڪا مرد توڙي عورت تي ھڪجھڙي عائد ٿئي ٿي. ليکڪا وٽ ڏات آھي، خيال آھي، قلم ڪاغذ آھي. گڏوگڏ جديد ڪميونيڪيشن جو سامان پڻ آھي. ھوءَ سماج جا عڪس ڌرتيءَ جي پاتالن کان وٺي پولارن جي ڪيفيتن تائين چٽيندي رھي ٿي. ھوءَ سماج جي سونولوجسٽ آھي ۽ ڪنھن به قوم ۽ سماج جو تحفظ پنھنجي مادري ٻوليءَ ۾ پڻ لڪل ھوندو آھي. ليکڪائن جي اھم ذميواري آھي ته ھو پھرين پنھنجي ٻوليءَ ۾ خيالن کي اظھارين،گهڻ رخو مطالعو ڪري پنھنجي سموري تخليقي پورھئي کي ادب جي تاريخ ۾ ڊاڪيومينٽ ڪري محفوظ ڪنديون وڃن. بعد ۾ ھو ڪنھن به ٻوليءَ ۾ لکي سگهن ٿيون، ڇو ته ٻوليون سڀئي خوبصورت ۽ اھم ھونديون آھن، پر قومي، سماجي، ثقافتي ۽ سياسي سڃاڻپ لاءِ مادري ٻوليءَ جو شاھوڪار ھجڻ نھايت ضروري ھوندو آھي. مادري ٻوليءَ ۾ جيڪا ٻار کي ڳالھائڻ ۾ رواني ملي ٿي ان سان سندس شعور جي جاڳرتا جلد ۽ گهڻي ٿئي ٿي، جنھن سان ھو دنيا جا علم آسانيءَ سان پڙھي ۽ پرجھي سگهي ٿو.
جيڪڏهن ٻاراڻي ادب جي حوالي سان ڳالھائجي ته منھنجي مشاھدي ۾ اھا ڳالھه اچي ٿي ته سنڌ جي سنڌي ڳالھائيندڙ ليکڪا ٻاراڻي ادب تي گهٽ ڌيان ڏنو آھي. زيب نظاماڻيءَ ۽ پروين موسيٰ ميمڻ جا نالا ملن ٿا. جڏھن ته ادي تنوير جوڻيجو ڪجهه ٻاراڻيون ڪھاڻيون چونڊ ڪري ترجمو ڪيون آھن. انھن جي ڀيٽ ۾ مرد ليکڪن جو ٻاراڻي ادب تي چڱو تخليقي ڪم نظر اچي ٿو. عورت ليکڪائون جيئن ته ڪجهه مخصوص حالتن ۾ زندگي گذارين ٿيون ۽ نيم جاگيرداري ۽ واضح طور تي صنفي مت ڀيڌ وراي سماجي ڍانچي جو اثر ھر عورت سان گڏ عورت ليکڪائن تي پڻ ٿئي ٿو. ادب جي تاريخ تي نظر وجهجي ٿي ته عورت تخليقڪارن جو مجموعي تعداد پڻ نسبتن گهٽ ئي نظر اچي ٿو. ان صورتحال ۾ انھن جو ٻاراڻو ادب گهٽ تخليق ڪرڻ جو سبب رياست، ثقافت ۽ ٻوليءَ تي ڪم ڪندڙ ادارن جي اتساھ جي ڪمي پڻ ڳڻائي سگهجي ٿو. عورت ليکڪائن کي جيترو اڳيان آندو ويندو، آن بورڊ ورتو ويندو، کين گهربل جاءِ ڏني ويندي، ھو بھترين ادب تخليق ڪرڻ سان گڏ ٻاراڻي ادب تي پڻ طبع آزمائي ڪنديون ۽ ٻوليءَ جي نرسري ليول تي ٻار جي شعور جي جاڳرتا لاءِ بھترين ڪردار ادا ڪري سگھنديون.
ھڪ عورت ليکڪا، گهڻي ڀاڱي ماءُ جو ڪردار پڻ نڀائيندي نظر اچي ٿي. ان ڪري ھوءَ ٻن مورچن تي ٻوليءَ کي بچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، ھڪ پاڻ ماءُ ھجڻ ناتي پنھنجي ٻارڙن لاءِ بنيادي سکيا جي اداري طور ۽ ٻيو ھڪ ڏات ڌڻيءَ جي حيثيت ۾ ٻوليءَ جي بنيادي سکيا لاءِ سموري قوم جي نئين نسل لاءِ ٻاراڻا ڪتاب لکي، جيڪي ٻار جي شروعاتي شعور جي نشونما ڪندي پنھنجي ٻوليءَ ۾ سوچڻ، محسوس ڪرڻ ۽ ڳالھائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟