سرڪاري نوڪري جي ڊوڙ ۽ نوجوانن جو مستقبل
Babo Khan Muhammad Brohi
ڪالم نگار
اڄڪلهه اسان جي معاشري جو هڪ وڏو مسئلو اهو آهي ته نوجوانن جي هڪ وڏي انگ جي سوچ جو مرڪز صرف سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ بڻجي ويو آهي. ڪيترائي نوجوان پنهنجي زندگيءَ جا قيمتي سال صرف ان انتظار ۾ گذاري ڇڏين ٿا ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان کين سرڪاري نوڪري ملي وڃي. سرڪاري نوڪري يقينن هڪ محفوظ ۽ باعزت روزگار جو ذريعو آهي، پر ڇا زندگيءَ جو مقصد صرف سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ تائين محدود هجڻ گهرجي؟ ڇا هڪ نوجوان پنهنجي قابليت، تعليم، هنر ۽ محنت جي بنياد تي ٻيا رستا اختيار نٿو ڪري سگهي؟ هي سوال اڄ جي نوجوان نسل لاءِ انتهائي اهم آهي. اسان جي سماج ۾ ڪيترائي نوجوان سرڪاري نوڪري جي تلاش ۾ پنهنجي عمر جي حد به پار ڪري وڃن ٿا. هو هڪ امتحان کان ٻئي امتحان، هڪ درخواست کان ٻي درخواست ۽ هڪ آسري کان ٻئي آسري تائين سفر ڪندا رهن ٿا. ان دوران سندن عمر وڌندي وڃي ٿي، موقعا گهٽجندا وڃن ٿا ۽ آخرڪار ڪيترائي نوجوان “اوور ايج” ٿي سرڪاري ملازمت جي بنيادي اميد کان محروم ٿي وڃن ٿا ۽ ٻيا موقعا به وڃائي ويهن ٿا. ان کان به وڌيڪ افسوسناڪ صورتحال اها آهي ته ڪيترائي نوجوان نوڪري جي اميد ۾ صبح کان شام تائين وڏيرن، سردارن، بااثر ماڻهن ۽ سياستدانن جي اوطاقن جا چڪر ڪاٽيندا رهن ٿا. ڪنهن کان سفارش ڪرائڻ، ڪنهن جي معرفت درخواست اڳتي موڪلائڻ ۽ ڪنهن بااثر شخص جي هڪ فون جي انتظار ۾ پنهنجي وقت ۽ توانائي ضايع ڪرڻ کي هو پنهنجي مستقبل جو واحد رستو سمجهن ٿا. هتي اسان جي سياسي ۽ سماجي نظام تي به سوال اٿي ٿو. جيڪڏهن روزگار جا موقعا ميرٽ ۽ قابليت بدران ذاتي لاڳاپن، سفارش ۽ اثر رسوخ جي بنياد تي ورهائبا ته پوءِ عام نوجوان آخر ڪيڏانهن ويندو؟ جيڪڏهن ڪنهن ضرورت مند ۽ قابل نوجوان جي جاءِ تي ڪنهن بااثر ماڻهوءَ جو ويجهو شخص موقعو حاصل ڪري ته ان نوجوان جي دل ۾ نظام بابت ڪهڙو احساس پيدا ٿيندو؟
بدقسمتيءَ سان اسان جي معاشري ۾ اهڙا مثال به ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جتي نوڪريون ضرورت مند نوجوانن بدران ذاتي اثر رسوخ رکندڙ ماڻهن جي ويجهن ماڻهن تائين پهچن ٿيون. ڪڏهن اهي موقعا خاندان اندر ورهائجن ٿا ۽ ڪڏهن انهن جو ذاتي مفادن لاءِ استعمال ٿئي ٿو. اهڙي صورتحال نوجوانن ۾ مايوسي ضرور پيدا ڪري ٿي، پر نوجوانن کي پنهنجي زندگيءَ جو فيصلو صرف اهڙي ماحول جي بنياد تي نه ڪرڻ گهرجي. نوجوانن لاءِ اصل رستو محنت، تعليم، قابليت ۽ مسلسل جدوجهد آهي. جيڪڏهن هڪ نوجوان واقعي سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ته کيس وڏيرن ۽ سياستدانن جي اوطاقن جا چڪر ڪاٽڻ بدران پنهنجي پڙهائي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. مقابلي وارن امتحانن جي تياري ڪرڻ گهرجي، انگريزي زبان تي عبور حاصل ڪرڻ گهرجي، ڪمپيوٽر ۽ جديد ٽيڪنالاجي سکڻ گهرجي ۽ پنهنجي شعبي ۾ اهڙي قابليت پيدا ڪرڻ گهرجي جو هو ميرٽ تي مقابلو ڪري سگهي. اڄ جي دور ۾ معلومات تائين رسائي اڳ جي ڀيٽ ۾ تمام آسان آهي. موبائل فون، انٽرنيٽ، آن لائين ڪورس، يوٽيوب، ڊجيٽل لائبريريون ۽ مختلف تعليمي پليٽ فارم نوجوانن لاءِ سکيا جا بي شمار دروازا کولي چڪا آهن. ضرورت صرف ان ڳالهه جي آهي ته نوجوان پنهنجي موبائل فون کي وقت ضايع ڪرڻ جو ذريعو بڻائڻ بدران پنهنجي مستقبل ٺاهڻ جو اوزار بڻائين. ساڳئي وقت نوجوانن کي سرڪاري نوڪري کان ٻاهر موجود روزگار جي وسيع دنيا کي به ڏسڻ گهرجي. پرائيويٽ شعبي ۾ به ڪيترين ئي ڪمپنين، ادارن، بينڪن، تعليمي ادارن، اسپتالن، ٽيڪنالاجي ڪمپنين ۽ ٻين شعبن ۾ روزگار جا موقعا موجود آهن. خاص طور تي اهي نوجوان جن جي انگريزي سٺي آهي، ڪمپيوٽر جو علم آهي ۽ پنهنجي ڪم ۾ مهارت رکن ٿا، اهي مختلف خانگي ادارن ۾ پنهنجي قابليت مطابق بهتر روزگار جا موقعا حاصل ڪري سگهن ٿا. اسان جي ننڍن شهرن ۾ ڪيترائي نوجوان صرف ان ڪري محدود موقعن ۾ ڦاٿل رهن ٿا. ڇاڪاڻ ته هو وڏن شهرن ڏانهن وڃڻ کان ڊڄن ٿا. حقيقت اها آهي ته وڏن شهرن ۾ خرچ به وڌيڪ هوندا آهن، پر ساڳئي وقت تعليم، روزگار، تربيت ۽ ترقي جا موقعا پڻ وڌيڪ هوندا آهن. جيڪڏهن نوجوان پنهنجي مستقبل لاءِ سنجيده آهي ته هو پنهنجي ننڍڙي شهر جي محدود دائري مان نڪري اسلام آباد، ڪراچي، لاهور، حيدرآباد يا ٻين وڏن شهرن جو رخ ڪري سگهن ٿا. شروعات ۾ جيڪڏهن سٺي نوڪري نه ملي ته مايوس ٿيڻ جي ضرورت ناهي. نوجوان پڙهائي سان گڏ پارٽ ٽائيم ڪوبه ٻيو ڪم ڪري يا ٽيوشن پڙهائي پنهنجي خرچ جو ڪجهه حصو پورو ڪري سگهي ٿو. آن لائين ڪم، فري لانسنگ، تدريس، لکڻ پڙهڻ، گرافڪ ڊزائين، وڊيو ايڊيٽنگ، ڊجيٽل مارڪيٽنگ ۽ ٻين مهارتن ذريعي پڻ پنهنجي آمدني جو ذريعو پيدا ڪري سگهي ٿو. اهم ڳالهه اها آهي ته انسان پنهنجي قابليت کي استعمال ڪرڻ شروع ڪري. اسان کي پنهنجي نوجوانن جي ذهنن مان اهو تصور ڪڍڻو پوندو ته “سرڪاري نوڪري نه ملي ته زندگي ختم ٿي وئي.” زندگي سرڪاري نوڪري کان تمام گهڻي وسيع آهي. دنيا انهن ماڻهن لاءِ موقعن سان ڀري پئي آهي جيڪي سکڻ، محنت ڪرڻ ۽ مسلسل اڳتي وڌڻ لاءِ تيار آهن. سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ هڪ مقصد ٿي سگهي ٿو، پر زندگيءَ جو واحد مقصد نه. جيڪڏهن ميرٽ تي موقعو ملي ته ضرور حاصل ڪيو، پر ان جي انتظار ۾ پنهنجي عمر ۽ صلاحيتون ضايع نه ڪريو. پنهنجي تعليم جاري رکو، انگريزي بهتر ڪريو، ڪمپيوٽر ۽ جديد هنر سکو، نيون مهارتون حاصل ڪريو ۽ روزگار جا متبادل رستا ڳولهيو. نوجوان ڪنهن جي اوطاق جو محتاج نه، پنهنجي قابليت جو مالڪ هجڻ گهرجي. سفارش جي دروازي تي بيهڻ بدران علم ۽ محنت جي دروازي تي دستڪ ڏيڻ گهرجي. ڇو ته سفارش شايد ڪنهن هڪ ڏينهن جو دروازو کولي سگهي ٿي، پر قابليت انسان لاءِ زندگيءَ جا ڪيترائي دروازا کولي ٿي.
پيارا نوجوانو! پنهنجي خوابن کي ڪنهن وڏيري، سردار، سياستدان يا سفارش جي رحم و ڪرم تي نه ڇڏيو. پنهنجي وقت جي قدر ڪريو، پنهنجي تعليم تي ڌيان ڏيو ۽ اهڙي قابليت پيدا ڪريو جيڪا دنيا جي ڪنهن به هنڌ توهان جي سڃاڻپ بڻجي سگهي. سرڪاري نوڪري لاءِ ڪوشش ضرور ڪريو، پر ان جي انتظار ۾ پنهنجي عمر ضايع نه ڪريو. جيڪڏهن هڪ دروازو بند ٿئي ته ٻيو دروازو ڳولهيو، جيڪڏهن نوڪري نه ملي ته مهارت حاصل ڪريو، جيڪڏهن ننڍڙي شهر ۾ موقعو گهٽ هجي ته وڏن شهرن ڏانهن قدم وڌايو. ياد رکو توهان جو مستقبل ڪنهن جي سفارش ۾ نه، توهان جي محنت، علم، قابليت ۽ مستقل مزاجي ۾ لڪل آهي. اڄ جو هڪ ڪلاڪ جيڪڏهن توهان پنهنجي تعليم ۽ مهارت لاءِ وقف ڪندا ته سڀاڻي اهوئي هڪ ڪلاڪ توهان جي زندگي بدلائڻ جي طاقت رکي سگهي ٿو. تنهنڪري اوطاقن جا چڪر گهٽايو، ڪتابن سان دوستي وڌايو، مهارتن کي پنهنجو ساٿي بڻايو ۽ پنهنجي مستقبل جي تعمير پاڻ ڪريو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟