سنڌ جي فڪري دائري جي وسعت جو سوال
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کان جديد سماجي ۽ سياسي ڪهاڻين تائين سنڌ جي تخليقي منظرنامي ۾احساس ۽ فڪر جي ڪمي ڪڏهن به نه رهي، پر ڊجيٽل دور ۾ داخل ٿيڻ سان سنڌي لائبريرين ۽ اشاعتي دنيا ۾ هڪ نمايان ۽ حيران ڪندڙ خاموشي محسوس ٿئي ٿي: سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي نثر جي سخت اڻاٺ.
سنڌي سماج دلچسپ تضاد سان مالامال آهي. سنڌ جي پڙهيل لکيل ۽ ادبي حلقن جو هڪ وڏو حصو اعليٰ تعليم يافته ڊاڪٽرن، انجنيئرن، آءِ ٽي ماهرن، سائنسدانن ۽ محققن تي مشتمل آهي، پر ادبي دائري ۾ داخل ٿيندي ئي ڄڻ انجنيئر پنهنجو نقشو ڇڏي ڏئي ٿو، ڊاڪٽر پنهنجو اسٽيٿوسڪوپ پاسيرورکي ٿو ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو ماهر پنهنجي اسڪرين بند ڪري صرف شاعري، رومانوي ادب يا سماجي ۽ سياسي افساني ڏانهن موٽي وڃي ٿو. ادب يقينن سنڌي ورثي جي دل جي ڌڙڪن آهي، پر سائنس جديد سماج جو بنيادي سرشتو آهي. جديد دنيا جي معيشت، صحت، تعليم، مواصلات، زراعت، صنعت ۽ روزمره جي زندگي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ سان ڳنڍيل آهي. موجوده دور ۾ بي. اي، ايم.بي. بي. ايس، بي. ايس. سي انجنيئرنگ، آءِ ٽي يا پي. ايڇ. ڊي جهڙيون تعليمي قابليتون رکندڙ فردن لاءِ سندن علم رڳو روزگار جو ذريعو نه هجڻ گهرجي. اهو علم پنهنجي ٻوليءَ جي وسعت ۽ واڌاري جو وسيلو پڻ بڻجي سگهي ٿو. هر ڊاڪٽر، انجنيئر، پروگرامر يا محقق پنهنجي شعبي مان اهڙو مواد سنڌيءَ ۾ آڻي سگهي ٿو، جيڪو عام پڙهندڙ لاءِ علم جو نئون در کولي.
تاريخي طور معياري ٽيڪنيڪي اصطلاحن جي کوٽ، محدود اشاعتي وسيلا ۽ مقامي علمي ماحول سنڌيءَ ۾ سائنس لکڻ لاءِ حقيقي رڪاوٽون رهيا آهن، پر موجوده دور ۾ انهن مان ڪيترائي عذر پنهنجي اهميت وڃائي چڪا آهن. علم تائين رسائي هاڻي رڳو وڏين لائبريرين يا مخصوص ادارن تائين محدود ناهي رهي. انٽرنيٽ، جديد قدرتي ٻولي پروسيسنگ ۽ جنريٽو هٿرادو ڏاهپ جا اوزار جديد ليکڪ جي ڪم ڪرڻ جو طريقو تبديل ڪري رهيا آهن. اڄ ڪنهن پيچيده ميڪانيڪي، طبي يا سائنسي اصطلاح جو سنڌي متبادل ڳولهڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي ته هٿرادو ڏاهپ هڪ گهڻ لساني پل جو ڪم ڪري سگهي ٿي. اها ممڪن سنڌي متبادلن جي تجويز، اصطلاح جي وضاحت، جملن جي جوڙجڪ ۽ مختلف علمي ذريعن جي ابتدائي ڇنڊ ڇاڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي. البته آخري لساني ۽ علمي تصديق ماهر ۽ ليکڪ جي ذميواري ئي رهندي.
ساڳيءَ طرح، هٿرادو ڏاهپ سائنسي ڪتاب جي بابن جو ابتدائي خاڪو تيار ڪرڻ، پيچيده خيالن کي عام فهم زبان ۾ بيان ڪرڻ يا هارڊ سائنس فڪشن لاءِ سائنسي بنيادن تي تخليقي خيال پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ٿي سگهي ٿي. البته اھو خيال رھي تھ اھڙن سمورن وسيلن کي مددگار طور ڪم آڻجي نڪي سڀ ڪم ڪار ان جي حوالي ڪري ڇڏجي.
سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪم ڪندڙ ادارا، جن ۾ عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لينگويج انجنيئرنگ جهڙا ادارا شامل آهن، ٻوليءَ لاءِ لساني وسيلا ۽ قدرتي ٻولي پروسيسنگ سان لاڳاپيل ڪم اڳتي وڌائي رهيا آهن. ساڳئي وقت ٽيڪسٽ ٽو اسپيچ ۽ اسپيچ ٽو ٽيڪسٽ جهڙيون ٽيڪنالاجيون پڻ سنڌيءَ ۾ علمي مواد جي تياري، پڙهڻ، ڊڪٽيشن ۽ ڊجيٽل رسائيءَ جا نوان رستا کولي رهيون آهن. هن تبديليءَ کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ سنڌيءَ جي پڙهيل لکيل طبقي کي پنهنجي پيشيوراڻي مهارت ۽ ادبي لاڙن جي وچ ۾ نئون پل اڏڻو پوندو.
جديد عالمي ادبي لاڙن مان سبق وٺي سگهجي ٿو. مثال طور: سائنسي ادب ۾ جديد تصورن کي مقامي تاريخ، ثقافت، ماحول ۽ سماجي حقيقتن سان ڳنڍي سگهجي ٿو. سنڌ جي تاريخ، موهن جي دڙي، سنڌو درياءَ، موسمي تبديلي، پاڻيءَ جي بحران، شهري زندگي ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ کي سائنسي افسانن ۽ مستقبل جي ڪهاڻين جو پسمنظر بڻائي سگهجي ٿو.
هڪ انجنيئر پنهنجي شعبي کي تخليقي افسانوي دنيا ۾ آڻي سگهي ٿو. هڪ پروگرامر مصنوعي ذهانت ۽ سائبر دنيا تي ڪهاڻي لکي سگهي ٿو. هڪ آثارِ قديمه جو ماهر موهن جي دڙي جي مستقبل سان لاڳاپيل تصوراتي ناول تخليق ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته هڪ ماحولياتي ماهر سنڌ جي پاڻي، گرمي پد ۽ موسمي تبديليءَ کي مرڪزي موضوع بڻائي سگهي ٿو.
اصل سوال اهو آهي ته سنڌي ادب ۾ سائنسدان، پروگرامر، ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ محقق ڪڏهن مرڪزي ڪردار بڻجندا؟ عوام ان شيءِ سان گهڻي دير تائين لاڳاپو قائم نٿو ڪري سگهي جنهن کي هو سمجهي نٿو. سنڌيءَ ۾ بنيادي درسي ڪتابن ۽ اعليٰ سطحي تحقيقي مقالن جي وچ ۾ هڪ وڏو خال موجود آهي. ان خال کي پُر ڪرڻ لاءِ عام پڙهندڙ لاءِ لکيل پاپولر سائنس ضروري آهي. هڪ ڊاڪٽر انساني جسم، حياتيات، مدافعتي نظام يا عام بيمارين بابت دلچسپ ۽ سائنسي بنيادن تي ڪتاب لکي سگهي ٿو. هڪ فلڪيات دان سنڌي نثر ۾ ڪائنات جي رازن تان پردو کڻي سگهي ٿو. هڪ ماحولياتي ماهر سنڌو ماٿريءَ جي ماحولياتي مستقبل تي عام فهم ڪتاب لکي سگهي ٿو. اهڙي ادب جو مقصد رڳو ڄاڻ ڏيڻ نه، پر سائنسي سوچ پيدا ڪرڻ پڻ هجڻ گهرجي.
ان لاءِ 400 صفحن جي ڪتاب سان شروعات ڪرڻ ضروري ناهي. ڊجيٽل دور جي پليٽ فارمن مان فائدو وٺندي هفتيوار يا ماهوار ڪالم به لکي سگهجن ٿا. مصنوعي ذهانت، خلائي تحقيق، جينياتي سائنس، موسمي تبديلي، ويڪسين ٽيڪنالاجي، روبوٽڪس يا نئين توانائيءَ جي شعبن ۾ ٿيندڙ عالمي اڳڀرائيءَ کي مختصر، عام فهم ۽ دلچسپ سنڌي مضمونن جي صورت ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو. روايتي سنڌي ڪهاڻين ۾ مرڪزي ڪردار گهڻو ڪري ڳوٺاڻو هيرو، شاعر، عاشق يا سياسي ڪارڪن رهيو آهي. هاڻي سنڌي ادب کي ڪردارن جي هن دنيا کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ جي ضرورت آهي.
سائنسدان، پروگرامر، ڊاڪٽر، انجنيئر، محقق ۽ ٽيڪنيشن به اهڙي ئي جذبي، ڊرامي ۽ انساني ڪشمڪش جا ڪردار ٿي سگهن ٿا، جهڙي ڪنهن سياسي يا سماجي ڪردار ۾ هوندي آهي. نوجوانن کي اهو ڏيکارڻ ضروري آهي ته ليبارٽريءَ ۾ گذاريل زندگي، ڪنهن مسئلي جو سائنسي حل ڳولهڻ، ڪوڊ لکڻ يا ڪنهن نئين ٽيڪنالاجيءَ تي ڪم ڪرڻ به تخليق، جدوجهد، ناڪامي ۽ ڪاميابيءَ سان ڀريل زندگي آهي. سنڌي ادب جي تاريخ ۾ مرزا قليچ بيگ جو مثال خاص اهميت رکي ٿو. هن مغربي علم ۽ ادب جي ڪيترن شعبن کي سنڌيءَ ۾ منتقل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس ڪم مان اهو سبق ملي ٿو ته ٻولي صرف جذبات جي اظهار سان زنده نٿي رهي ان کي علم، عقل، فڪر ۽ نئين دنيا سان مسلسل لاڳاپو رکڻو پوي ٿو.
اڄ اهو ڪم وڌيڪ وسيع پيماني تي ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته موجوده نسل وٽ انٽرنيٽ، ڊجيٽل لائبريرين، ترجمي جي اوزارن، هٿرادو ڏاهپ ۽ آواز تي ٻڌل ٽيڪنالاجين جهڙا وسيلا موجود آهن. ضرورت رڳو اها آهي ته انهن وسيلن کي تفريح ۽ ذاتي سهولت کان اڳتي وڌائي سنڌي ٻوليءَ جي علمي واڌ ويجهه لاءِ استعمال ڪيو وڃي. سنڌي سائنسي نثر جي تحريڪ ڪنهن هڪ اداري، هڪ ليکڪ يا ڪنهن هڪ ٽيڪنالاجيءَ سان وجود ۾ نه ايندي. ان لاءِ ڊاڪٽرن، انجنيئرن، سائنسدانن، استادن، محققن، ترجمي نگارن، ليکڪن، پبلشرن ۽ ٽيڪنالاجي ماهرن جي گڏيل ڪوشش گهربل آهي.
انٽرنيٽ ۽ هٿرادو ڏاهپ سان سنڌيءَ ۾ هڪ نئين سائنسي سجاڳيءَ جي شروعات ڪري سگهجي ٿي. سنڌ جي پڙهيل لکيل طبقي جو پيشيوراڻو علم جڏهن تخليقي قلم سان ملندو، تڏهن سنڌي ادب جي دنيا ۾ هڪ نئون باب کلي سگهندو. ان جو مکيھ مطلب سنڌي جي فڪري دائري جي وسعت سان ايندڙ نسلن جي ذهنن کي نوان سوال، نوان تصور ۽ نئين دنيا کي سمجهڻ جا نوان اوزار ملي سگهن ٿا ۽ ثابت ڪجي تھ سنڌي ٻولي انساني جسم کان ڪائنات تائين، موهن جي دڙي کان مصنوعي ذهانت تائين ۽ انساني خوابن کان ڪائنات جي قانونن تائين علم، عقل، تخيل ۽ تحقيق جي ترجماني جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟