جلال پور ڪئنال جا سنڌ تي پوندڙ ممڪنه اثر
ڪجهه ڏينهن اڳ بلاول ڀٽو زرداري پارٽي اڳواڻن کي هدايت ڏني ته “مرسون مرسون سنڌو نه ڏيسون” جي نعري هيٺ احتجاجي مظاهرا ڪيا وڃن، پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته بلاول زرداريءَ موديءَ جي خلاف احتجاج جي ڪال ڏني آهي، جيڪو سنڌ جو پاڻي پيو روڪي، جنهن ڏينهن احتجاج ٿي رهيو هو، ان ڏينهن پنجاب سنڌو درياءَ مٿان جلال پور ڪئنال ڪڍي سنڌ جو پاڻي چوري ڪيو. ايس يو پي اڳواڻ روشن ٻرڙو موجب جلال پور ڪينال سان پنجاب جي 2 لک ايڪڙ بنجر زمين آباد ٿيندي، جڏهن ته سنڌ جي 4 لک ايڪڙ زمين تباهه ٿيندي، جنهن خلاف 26 جولاءِ تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو ويو آهي. روشن علي ٻرڙو موجب، پهريان ٿل ڪئنال ڪڍيو ويو، هاڻي وري جلال پور ڪئنال ڪڍيو ويو آهي، سنڌو درياءِ سنڌ جي ريڊ لائين آهي، جلالپور ڪئنال ذريعي سنڌو مان هڪ هزار 300 ڪيوسڪ پاڻي کنيو ويندو ۽ سنڌ جِي چار لک زمين غير آباد ٿي ويندي. ماهرن جو چوڻ آهي ته جلال پور ڪينال (Jalalpur Canal) جي تعمير ۽ ان جي آپريشن جا سنڌ صوبي تي سڌي ۽ اڻ سڌي طرح ڪجهه اهم اثر پوندا، جن ۾:
سنڌو نديءَ ۾ پاڻي جي کوٽ (Water Scarcity) : جهلم ندي سنڌو نديءَ (Indus River) جو هڪ اهم معاون درياءَ (Tributary) آهي، جيڪو اڳتي هلي سنڌو نديءَ ۾ ملي ٿو. جلال پور ڪينال رسول بئراج (جهلم ندي) مان نڪري ٿو. هن ڪينال ذريعي جڏهن وڏي مقدار ۾ پاڻي پنجاب جي بنجر زمينن ڏانهن موڙيو ويندو ته ان سان قدرتي طور تي جهلم نديءَ مان اڳتي ويندڙ پاڻي گهٽبو. اهو پاڻي آخرڪار سنڌو نديءَ ذريعي سنڌ تائين پهچندو آهي، تنهنڪري سنڌ جي بئراجن (خاص ڪري گڊو ۽ سکر بئراج) تي پاڻي جي آمد تي اثر پوندو.
خريف جي فصلن تي اثر (Impact on Kharif Crops) : جلال پور ڪينال هڪ غير دائمي (Non-Perennial) ڪينال آهي، جيڪو صرف خريف جي موسم (اپريل کان آڪٽوبر) ۾ هلندو آهي. سنڌ ۾ خريف جي فصلن (جهڙوڪ ساريون، ڪپهه ۽ وونئڻ) جي پوکائي پنجاب جي مقابلي ۾ پهرين شروع ٿيندي آهي. اپريل ۽ مئي جي مهينن ۾ جڏهن سنڌ کي پاڻي جي سخت ضرورت هوندي آهي، ان ئي ڏينهن ۾ هن نئين واهه ۾ پاڻي ڇڏڻ سان سنڌ جي حصي جي پاڻي ۾ وڌيڪ شارٽيج (کوٽ) ٿيڻ جو خدشو رهي ٿو.
1991ع جي پاڻي معاهدي (Water Accord) : جي خلاف ورزي جو خدشو: پاڻي جي ماهرن موجب، 1991ع جي پاڻي معاهدي تحت سڀني صوبن جو حصو مقرر ٿيل آهي. سنڌ جو هميشه اهو موقف رهيو آهي ته جيسين سنڌو نديءَ ۾ معاهدي موجب سڀني صوبن کي پورو پاڻي نٿو ملي، تيسين ڪو به نئون آبپاشي چينل يا ڪينال نه ٺاهيو وڃي. جلال پور ڪينال جهڙن نون منصوبن سان معاهدي تحت سنڌ کي ملندڙ قانوني حصي تي دٻاءُ وڌندو.
سمنڊ جو اڳتي وڌڻ (Sea Intrusion) ۽ ڊيلٽا جي تباهي: اهو اڻ سڌي طرح پر تمام وڏو اثر آهي. جڏهن مٿيان واهه نڪرڻ ڪري ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ سنڌو نديءَ ۾ مٺو پاڻي گهٽجڻ يا بند ٿيڻ جي برابر ٿي ويندو ته عربي سمنڊ جو کارو پاڻي سنڌ جي ساحلي پٽي (ٺٽو، بدين، سجاول) جي زمينن کي ڳڙڪائيندو ويندو. جلال پور ڪينال جهڙا منصوبا نديءَ جي گڏيل وهڪري کي گهٽائي سمنڊ جي اڳتي وڌڻ واري عمل کي تيز ڪري سگهن ٿا.جيتوڻيڪ پنجاب حڪومت جو موقف آهي ته هي واهه صرف پنهنجي حصي جي پاڻي مان هلائي رهي آهي، پر سنڌ جي زراعت ۽ معيشت جو پورو دارومدار سنڌو نديءَ جي وهڪري تي آهي. ان ڪري، مٿان ڪو به نئون واهه نڪرڻ سان اڳ ئي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيندڙ سنڌ صوبي ۾ پاڻي جو بحران وڌيڪ شديد ٿيڻ جو خطرو آهي.
ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت کي جلال پور ڪئنال تي اعتراض آهن، سي سي آءِ ۾ اعتراضن بابت درخواست ڏئي ڇڏي آهي، هر صوبو پابند آهي، پاڻي ٺاهه جي حساب سان پنهنجو پاڻي کڻن. ارسا جي طريقيڪار تي اسان ڪيترائي ڀيرا اعتراض اٿاريو آهي. هن ڀيري سنڌ حڪومت ٽاسڪ فورس جوڙي رهي آهي، جيڪا سنڌ طاس معاهدي ۽ موسمياتي تبديلي جي نقصانن جو جائزو وٺندي، پهريان به سنڌ جي مفادن جو تحفظ ڪيو اڳتي به ڪندا رهنداسين. ڇو ته سنڌ کي پنهنجي حصي کان گهٽ پاڻي ملي رهيو آهي، ٽي صوبا پاڻي کوٽ کي منهن پيا ڏين، پنجاب وٽ واڌو پاڻي هوندو آهي، ٽاسڪ فورس جوڙي سنڌ جو موقف پيش ڪندا رهنداسين. وڏو وزير خوب ڄاڻي ٿو ته سنڌ جا ماڻهو پاڻيءَ لاءِ ترسي رهيا آهن ۽ ٻئي طرف پنجاب پنھنجا سڀ درياءَ ۽ ڪينال کولي ڇڏيا آھن. نا اھلي ۽ بدنيتي سان ڊيمن کي ڀري رھيا آھن. سنڌ حڪومت پنجاب ۽ وفاق سان ناانصافي تي احتجاج ڪرڻ بجاءِ مودي خلاف “مرسون مرسون سنڌو نه ڏيسون” جا نعرا هڻي سنڌي ماڻھن کي بيوقوف بنائي ۽ اسٽيبلشمينٽ کي خوش ڪري رهي آهي. سنڌي ماڻھو ھنن جي اهڙي رويي جي ڪري بري طريقي سان معاشي طرح مفلوج ٿي رھيا آھن. هي سوشل ميڊيا جو دور آهي ۽ ڪابه شيءِ لڪي نه ٿي سگهي ته پوءِ اربين رپين سان ٺهيل جلال پور ڪئنال بنا منظوريءَ جي ڪيئن ٺهي ويو. اسان جي حڪمرانن کي خبر ئي ناھي ڇو چشما جهلم ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال تعمير ٿيڻ وقت چيو ويو ته اھي فلڊ ڪئنال ھوندا يعني صرف ٻوڏ وقت ھلايا ويندا ته پوءِ گذريل ھڪ سال کان ڪھڙي ٻوڏ پئي ھلي جو اھي ڪينال لڳ ڀڳ 18-20 ڪيوسڪ پاڻي کڻي رھيا آھن، بلڪه ڪيترن ئي سالن ٻين صوبن جو پاڻي کڻي رھيا آھن. خبر ناهي انھن ماڻھن کي جلال پور ڪينال ۾ مسئلو ڇو نظر نه پيو اچي. رسول بخش پليجو چوندو رھيو ھو ته پنجاب 150 سالن کان سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو ھڻندو رھيو آھي ۽ ھميشه وعدا خلافي ڪندو رهيو آهي. پنجاب کي جلال پور ڪينال لاءِ پاڻي جھلم مان کڻڻو هو، پر ھن سنڌ جي حصي مان پاڻي کڻي پاڻيءَ تي ڌاڙو هنيو آهي. پنجاب چوي ٿو ته ھي ڪينال دائمي ناھي اھو ھڪ دوکو آھي. سنڌ سرڪار کي فوري طور تي ايڪشن ۾ اچڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌي قوم سراپا احتجاج هوندي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟