جنيوا جو امڪاني امن معاهدو يا عارضي جنگبندي؟
جنيوا ۾ ايران ۽ آمريڪا جي امڪاني امن معاهدي جون خبرون هن وقت عالمي سياست جو مرڪزي موضوع بڻيل آهن. ڪيترن مهينن جي جنگي ڇڪتاڻ، معاشي پابندين، سفارتي دٻاءُ ۽ علاقائي غير يقيني صورتحال کانپوءِ هاڻي اهڙا اشارا ملي رهيا آهن ته ٻنهي ملڪن جا وفد هڪ اهڙي مسودي تي متفق ٿي ويا آهن، جيڪو جلد پنهنجي منطقي انجام تي پهچندو، جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته پوءِ هي رڳو ڏهاڪن کان ٻن مخالف ملڪن جي وِچ ۾ لاڳاپن جو معاملو نه هوندو، پر ان جا اثر وچ اوڀر جي سياسي منظرنامي، عالمي معيشت، توانائي جي مارڪيٽن ۽ بين الاقوامي سفارتڪاري تي به پوندا. اهڙي وقت ۾ جڏهن دنيا يوڪرين کان وٺي وچ اوڀر تائين مختلف تڪرارن ۽ بحرانن جي ور چڙهيل آهي، هر اهو قدم جيڪو جنگ بدران ڳالهين، مفاهمت ۽ سياسي حل ڏانهن وڌي ٿو ته اهو عالمي امن لاءِ هڪ مثبت قدم ثابت ٿيندو ان ڪري جنيوا ۾ ٿيندڙ هي سفارتي عمل رڳو هڪ معاهدي جي ڪوشش نه، پر عالمي سياست ۾ هڪ اهم موڙ جي حيثيت اختيار ڪري رهيو آهي. معاهدي بابت سامهون ايندڙ تفصيلن موجب ايران ۽ عمان گڏجي اسٽريٽ آف هرمز ۾ سامونڊي ٽريفڪ جي نگراني ڪندا. جڏهن ته آمريڪا ناڪابندي ختم ڪرڻ ۽ ڪجهه معاشي پابندين ۾ نرمي آڻڻ تي راضي ٿيو آهي. ان سان گڏ ايران جا اربين ڊالرن جا ڄميل اثاثا بحال ڪرڻ ۽ تيل جي برآمدات لاءِ رستا کولڻ بابت به ڳالهيون ٿيون آهن. ايران لاءِ اهي شرط رڳو سفارتي ڪاميابي نه، پر معاشي طور به وڏي اهميت رکن ٿا. ڇاڪاڻ ته گذريل ڪيترن سالن کان پابندين سبب ان جي معيشت سخت دٻاءُ هيٺ رهي آهي. تيل جي برآمدات ۾ گهٽتائي، پرڏيهي سيڙپڪاري جي کوٽ ۽ عالمي مالياتي نظام تائين محدود رسائي ايران جي اقتصادي چئلينجن کي وڌيڪ پيچيده بڻايو آهي. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن پابندين ۾ حقيقي نرمي اچي ٿي ۽ عالمي مارڪيٽن تائين ايران جي رسائي بحال ٿئي ٿي ته اهو نه رڳو ان جي معيشت جي بحالي هوندي، پر ملڪ اندر روزگار، واپار ۽ مالي استحڪام لاءِ به نوان امڪان پيدا ڪري سگهي ٿو.
هن امڪاني امن معاهدي جو هڪ اهم پاسو لبنان سان به لاڳاپيل آهي، جتي حزب الله ۽ اسرائيل جي وچ ۾ 60 ڏينهن جي جنگبندي شامل هجڻ جون خبرون آهن. جيتوڻيڪ جنگبندي جو اعلان امن ڏانهن هڪ مثبت اڳڀرائي سمجهيو پيو وڃي، پر ان جي پائيداري بابت اڃان به ڪيترائي سوال موجود آهن. اسرائيلي قيادت بار بار واضح ڪري چڪي آهي ته هو پنهنجي قومي سلامتي ۽ سيڪيورٽي مفادن تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جڏهن ته حزب الله به پنهنجي علاقائي ۽ سياسي موقف تان پوئتي هٽڻ لاءِ راضي نظر نٿي اچي. اهڙي صورتحال ۾ لبنان واري محاذ تي ڪنهن به ننڍڙي ڇڪتاڻ يا غلط اندازي جو اثر رڳو ٻن ڌرين تائين محدود نه رهندو، پر اهو سڄي امن عمل کي به خطري ۾ وجهي سگهي ٿو. ان ڪري هن ڀيري به اصل امتحان صرف معاهدي تائين پهچڻ نه، پر ان تي مسلسل عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ هوندو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هن امڪاني معاهدي کي پنهنجي پرڏيهي پاليسي جي هڪ اهم ڪاميابي قرار ڏئي رهيو آهي. سندس چوڻ آهي ته هن معاهدي سان نه رڳو وچ اوڀر ۾ استحڪام پيدا ٿيندو، پر آمريڪا جا اسٽريٽيجڪ مفاد به وڌيڪ محفوظ ٿيندا. ٻئي طرف ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي جو موقف آهي ته ايران پنهنجي مزاحمت، سياسي ثابت قدمي ۽ سفارتي حڪمت عملي جي بدولت اهڙيون شرطون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي، جيڪي ان جي قومي مفادن سان هم آهنگ آهن. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته واشنگٽن ۽ تهران ٻئي هن امڪاني پيش رفت کي پنهنجي پنهنجي سياسي ۽ سفارتي ڪاميابي طور پيش ڪري رهيا آهن. هڪ ڌر ان کي دٻاءُ ۽ سفارتڪاري جي ڪامياب حڪمت عملي جو نتيجو قرار ڏئي ٿي ته ٻي ڌر ان کي پنهنجي ثابت قدمي ۽ مزاحمت جي فتح سمجهي ٿي. شايد سفارتڪاري جو حسن به اهوئي آهي ته اصل فتح ڪنهن هڪ ڌر جي نه، پر ڳالهين، مفاهمت ۽ امن جي عمل جي هوندي آهي. ڏٺو وڃي ته هن سڄي عمل ۾ سفارتڪاري هڪ ڀيرو ٻيهر جنگ جي متبادل طور سامهون آئي آهي. ڪيترن مهينن جي ڇڪتاڻ، فوجي ڪاررواين ۽ سخت بيان بازي کانپوءِ ڳالهين جو رستو اختيار ڪرڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته آخرڪار وڏا تڪرار به سفارتي رابطن ۽ سياسي تدبر ذريعي حل ٿي سگهن ٿا. هن سڄي سفارتي عمل ۾ پاڪستان جو نالو خاص طور تي سامهون آيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف موجب اسلام آباد ٻنهي ملڪن سان مسلسل رابطن ذريعي اعتماد جو ماحول پيدا ڪرڻ ۽ سفارتي رابطا برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس چوڻ آهي ته ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي ٿي چڪي آهي ۽ جلد ئي ٻئي ڌريون امن معاهدي تي صحيحون ڪري سگهن ٿيون. پاڪستان جي اها حيثيت ان ڪري به اهم آهي، جو هڪ طرف ان جا ايران سان تاريخي، مذهبي ۽ پاڙيسري لاڳاپا آهن. جڏهن ته ٻئي طرف آمريڪا سان به ڊگهي عرصي کان سفارتي، معاشي ۽ دفاعي تعلقات موجود آهن. جيڪڏهن جنيوا جو هي امن عمل ڪاميابي سان اڳتي وڌي ٿو ته پاڪستان لاءِ اهو رڳو هڪ سفارتي ڪاميابي نه هوندو، پر عالمي سطح تي هڪ ذميوار، متوازن ۽ تعميري ثالث جي حيثيت سان ان جي ساک کي به وڌيڪ مضبوط ڪندو. اهڙي پيش رفت پاڪستان لاءِ مستقبل ۾ علاقائي ۽ بين الاقوامي تڪرارن جي حل لاءِ وڌيڪ فعال ۽ اثرائتو سفارتي ڪردار ادا ڪرڻ جا نوان در به کولي سگهي ٿو.
جڏهن ته هن معاهدي کي معاشي نقطهءِ نظر کان ڏٺو وڃي ته ان جي اهميت رڳو ايران ۽ آمريڪا تائين محدود نٿي رهي، پر ان جا اثر عالمي معيشت تي به پوندا. اسٽريٽ آف هرمز دنيا جي اهم ترين سامونڊي لنگهن مان هڪ آهي، جتان عالمي تيل ۽ گئس جي فراهمي جو وڏو حصو لنگهي ٿو. جيڪڏهن معاهدي جي نتيجي ۾ هن سامونڊي رستي تي مڪمل اعتماد بحال ٿئي ٿو ته توانائي جي فراهمي سگهاري ٿي سگهي ٿي، جنهن سان عالمي مارڪيٽن ۾ غير يقيني گهٽجڻ ۽ تيل جي قيمتن تي دٻاءُ واري صورتحال بهتر ٿيندي. پاڪستان جهڙن درآمدي ملڪن لاءِ اها هڪ سٺي پيش رفت ٿي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي سان درآمدي بل، مهانگائي ۽ توانائي جي خرچن ۾ به لاٿ اچي سگهي ٿي، جنهن جو سڌو فائدو عام ماڻهن ۽ قومي معيشت کي پهچي سگهي ٿو. ساڳئي وقت چين، هندستان، جاپان ۽ يورپي ملڪن لاءِ به هي معاهدو وڏي اهميت رکي ٿو. ڇاڪاڻ ته انهن جون معيشتون توانائي جي مسلسل ۽ محفوظ فراهمي سان سان جڙيل آهن. ان ڪري جنيوا ۾ ٿيندڙ هيءَ سفارتي اڳڀرائي رڳو سياسي نه، پر عالمي معاشي استحڪام جي حوالي سان به هڪ اهم موڙ ثابت ٿي سگهي ٿي. هن وقت سڄي دنيا جون نظرون جنيوا ۾ امڪاني امن معاهدو تي کتل آهن جيڪو وچ اوڀر جي سياست ۾ هڪ اهم موڙ بڻجي سگهي ٿو، پر ان جي حقيقي ڪاميابي صرف صحيح ٿيڻ ۾ نه، پر ان تي ايمانداراڻي ۽ مڪمل عملدرآمد ۾ لڪل آهي. تاريخ شاهد آهي ته ايران ۽ عالمي طاقتن جي وچ ۾ ماضي ۾ به ڪيترائي معاهدا ٿيا، پر اعتماد جي کوٽ، سياسي اختلافن ۽ بدلجندڙ حالتن سبب انهن مان ڪيترائي ڊگهي عرصي تائين برقرار نه رهي سگهيا. هن ڀيري به سڀ کان وڏو امتحان ايران جي ايٽمي پروگرام بابت رهندو. ايران جو موقف آهي ته سندس ايٽمي پروگرام پرامن مقصدن لاءِ آهي. جڏهن ته اسرائيل ان کي پنهنجي قومي سلامتي لاءِ خطرو سمجهي ٿو. ان کان علاوه اسرائيل جو سخت موقف، آمريڪا جي اندروني سياسي مخالفت ۽ خطي جي پيچيده صورتحال به اهڙا عنصر آهن، جيڪي ايندڙ مهينن ۾ هن امن عمل جي مستقبل جو تعين ڪندا. اڄ جڏهن سياست جي عالمي منظرنامي کي ڏٺو وڃي ته سڀني جون نگاهون جنيوا تي لڳل آهن، جتي امن جي هڪ نئين اميد جنم وٺي رهي آهي. اها اميد حقيقت جو روپ اختيار ڪندي يا نه، ان بابت ڪابه آخري راءِ وقت کان اڳ چئبي. بهرحال ايترو ضرور چئي سگهجي ٿو ته ڳالهين جي ميز تي واپسي ۽ تڪرار بدران سفارتڪاري کي ترجيح ملڻ هڪ مثبت اڳڀرائي آهي. جيڪڏهن هي عمل ڪامياب ٿيو ته اهو نه رڳو ايران ۽ آمريڪا، پر سڄي وچ اوڀر لاءِ پائيدار امن ۽ استحڪام جو نئون باب کوليندو. في الحال سڀني خدشن ۽ چئلينجن جي باوجود امن ۽ بهتري جي اميد اڃان قائم ضرور آهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟