مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

واشنگٽن جو تهران تي ائٽمي حملي جو امڪان

Sufi Rahman Ali

ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

تاريخ جي افق تي جڏهن به عالمي طاقتن جي مفادن ۽ اقتدار جي اڻکٽ هوس جا ڪارا ڪڪر ڇائنجندا آهن، تڏهن انهن جي پهرين گجگوڙ جو شڪار ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ معصوم انسان ٿيندا آهن، انساني تاريخ جو الميو اهو رهيو آهي ته حڪمرانن جون جنگي حڪمت عمليون، طاقت جي نمائش ۽ سياسي انا جا فيصلا هميشه انهن ماڻهن جي زندگين تي لکيا ويندا آهن، جن جو جنگ جي اعلانن، سفارتي ميزن ۽ اقتداري سازشن ۾ ڪو به حصو نه هوندو آهي آمريڪي صحافي ٽڪر ڪارلسن (Tucker Carlson) پاران سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي شايع ٿيل تازي مضمون پوري دنيا خاص ڪري وچ اوڀر، واشنگٽن ۽ ڏکڻ ايشيا جي سياسي ايوانن ۾ زلزلو آڻي ڇڏيو آهي، ڪارلسن جي تجزيي جا چٽا اشارا ٻڌائين ٿا ته اسين صرف هڪ مقامي جنگ وٽ نه، پر تاريخ جي سڀ کان وڏي انساني تباهيءَ جي ڪناري تي بيٺا آهيون.
ڪارلسن جي تجزيي جو سڀ کان نازڪ نقطو مرڪزي ايران جو پِڪئيڪس جابلو علائقو آهي، دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته 300 فوٽ گهري نِج گرينائٽ جبل جي اندر ٺهيل ايراني فوجي سرنگهن جنھن ۾ امڪاني طور اتي ايٽمي مواد محفوظ ڪيو ويو آھي ان کي تباهه ڪرڻ لاءِ آمريڪا جو ڪوبه روايتي هٿيار بنڪر برسٽر ڪارائتو ثابت نه ٿي سگهيو آهي، ان فوجي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ وائيٽ هائوس اندر ائٽمي هٿيارن جي استعمال تي غور هلي رهيو آهي، جيڪڏهن آمريڪا ان تباهيءَ جي رستي تي قدم وڌائي ٿو ته ايران ۾ ڌماڪي بعد چند منٽن ۾ لکين ماڻهو اجل جو شڪار بڻجي موت جي منهن ۾ ھليا ويندا. ايران جي پاڙيسري ملڪن لاءِ ايٽمي حملي جي ڪارڻ خارج ٿيندڙ تابڪاري لکين ماڻهن کي چمڙي، ساھ ۽ ڪينسر جي بيمارين ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندي. جنھن سبب 1945ع کانپوءِ قائم ٿيل ائٽمي عدم استعمال وارو معاهدو (Nuclear Taboo) مڪمل طور تي پاش پاش ٿي ويندو، وچ اوڀر جي جنگ جي ميدان ۾ هي ننڍا ائٽمي بم رڳو سرنگهن کي ٽوڙي تباھ ته ڪندا، پر عالمي امن جي نازڪ ٿنڀن کي لوڏي ٽئين عالمي جنگ جي راھ هموار ڪري ڇڏيندا.
هن ٽڪراءَ جي پويان صرف جيو پوليٽيڪل مفاد ناهن، پر ان فردي بقا جي سياست نسلي مذهبي جنونيت پڻ شامل آهي، اسرائيلي وزيراعظم بينجامين نيتن ياهو داخلي طور تي سخت سياسي تحريڪ، پارلياماني اڪثريت جي کوٽ ۽ قانوني مقدمن جي گهيري ۾ وزيراعظم ٿيڻ جي ڊوڙ کان ٻاهر آهي سندس سياسي بقا ان ڳالهه تي منحصر آهي ته آمريڪا خطي ۾ هڪ نئين ۽ وڏي جنگ ۾ داخل ٿئي نيتن ياهو پاران وائيٽ هائوس، سيڪريٽري آف ڊفينس پِيٽ هيگسيٿ ۽ سي آءِ اي ڊائريڪٽر جان ريڊڪلف جهڙن سخت گير اڳواڻن تي مسلسل دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته ايران سان ٿيندڙ سمورن پرامن ٺاهن جيئن ويجھڙائي ۾ قطر دوحا ڳالهيون کي رد ڪري فوجي ڪارروائي ڪئي وڃي، جيتوڻيڪ آمريڪي انتظاميا اندر نئين نائب صدر جي ڊي وينس ۽ ايلچي اسٽيو وٽڪاف جهڙا آواز اڃان به سفارتڪاريءَ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، پر جنگ جا طبل تيزيءَ سان وڄي رهيا آهن.
ايراني نار کان هرمز لنگهه تائين وچ اوڀر جون باقي عرب رياستون خاص ڪري تيل گئس پيدا ڪندڙ اوپيڪ خليجي رياستون يو اي اي ابو ظهبي قطر هن نئين جنگي جنون کان سخت خائف آهن اٺن مهينن جي مسلسل تڪرار نار جي رياستن جي معيشت کي تباھي جي ڪناري تي بيھاري ڇڏيو آهي، تيل گئس انرجي سپلاءِ جي لاءِ سڀ کان وڏي واٽ آبنائي هرمز لنگهه ۾ ٽينڪرن مٿان ٿيل حملن عالمي توانائي مارڪيٽ ۽ ڀاڻ جي صنعت کي مڪمل طرح مفلوج ڪري ڇڏيو آهي، سڀ کان وڏو ماحولياتي خطرو ايران ۾ جبلن مٿان ٿيندڙ ائٽمي حملي کانپوءِ پيدا ٿيندڙ تابڪاري جو آهي، جيڪڏهن تابڪاري ايراني نار جي پاڻيءَ ۾ شامل ٿئي ٿي ته ان سان تقريبن 10 ڪروڙ (100 ملين) ماڻهن جي پيئڻ جو پاڻي زهريلو بڻجي ويندو، هي هڪ اهڙو انساني الميو ۽ تهذيبي بحران جنهن جو ازالو ڏهاڪن تائين ممڪن نه ٿيندو. روس اڳواٽ ئي چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ايران خلاف پهرين ائٽمي پيش قدمي ڪري ٿو، ته روس وٽ به يوڪرين خلاف ٽيڪٽيڪل ائٽمي هٿيار استعمال ڪرڻ جو شرعي ۽ قانوني جواز هوندو، ڏکڻ ايشيا ۾ اڳي ئي پاڪستان ۽ هندستان چئن جنگين جو تباھ ڪندڙ تجربو رکندا آهن، ڪشمير جو دائمي مسئلو ۽ سنڌو طاس معاهدو (Indus Waters Treaty) ڏکڻ ايشيا خطي لاءِ حياتياتي شريان آهن، ٻنهي ملڪن جو ائٽمي طاقت هجڻ ئي باهمي تباهيءَ جو يقين قائم رکيو آهي، پر جيڪڏهن عالمي سطح تي ائٽمي قانوني لڪيرون ٽٽن ٿيون ته ڪشمير يا سنڌ طاس جي پاڻيءَ واري تڪرار تي ڪنهن به بدامنيءَ جي صورت ۾ هي ائٽمي توازن لمحن ۾ تباهه ٿي ٽئين عالمي جنگ جي شروعات ٿي ويندي، وچ اوڀر جي سرزمين صدين کان عالمي معيشت، تهذيبن، مذهبن ۽ واپاري رستن جو مرڪز رهي آهي، هتي پيدا ٿيندڙ ڪنهن به وڏي فوجي بحران جا اثر عالمي توانائيءَ جي مارڪيٽ، خوراڪ جي فراهمي، صنعتي پيداوار ۽ بين الاقوامي واپار تائين پهچڻ لازمي آهن، پر انهن سڀني معاشي ۽ سياسي اثرن کان وڌيڪ اهم سوال انساني بقا جو آهي، تاريخ اسان کي بار بار اهو سبق ڏنو آهي ته سلطنتون پنهنجي طاقت جي نشي ۾ سرحدون فتح ڪنديون آهن، پر جنگين جي پڄاڻيءَ تي فتح ۽ شڪست جا سمورا نعرا انساني قبرن جي خاموشيءَ ۾ دفن ٿي ويندا آهن. ائٽمي هٿيارن جي هن دور ۾ شايد انسانيت جو سڀ کان وڏو الميو اهو ناهي ته دنيا وٽ تباهيءَ جا وسيلا موجود آهن، پر اصل الميو اهو آهي ته انهن وسيلن جي استعمال جو فيصلو اڃان تائين چند حڪمرانن جي سياسي خواهشن، اقتداري مفادن ۽ جنگي حڪمت عملين سان ڳنڍيل آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو