سنڌ جي شاگردن جي تاريخي ۽ جمھوري جدوجھد جا سياسي ثمرات
پاڪستان جي تاريخ اڪثر وقت جي حڪمرانن، اشرافيه، سرڪاري ميڊيا ۽ نالي ماتر مفڪرن ۽ دانشورن جي نظريي ۽ تعصب واري سوچ تحت بيان ڪئي وئي آهي، پر حقيقت ۾ هن ملڪ جي جمهوري روح جي ڌڙڪن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي راهدارين ۾ ٻڌڻ ۾ ايندي هئي. ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين سنڌ جا شاگرد قوم جي ضمير جو ڪردار ادا ڪندا رهيا. سندن جدوجهد رڳو فيسن يا ڪيمپس جي سهولتن لاءِ نه هئي، پر هڪ نئين ملڪ جي روح ۽ مستقبل لاءِ هئي. جيئن مشهور ناول نگار ميلان ڪنڊيرا چيو هو، “طاقت خلاف جدوجهد دراصل يادگيريءَ جي وسارڻ خلاف جدوجهد آهي.” 1953ع، 1967ع ۽ 1984ع جا سال اسان کي اُن دور جي ياد ڏيارين ٿا، جڏهن نوجوان ظلم ۽ آمريت جي آڏو مضبوط ديوار بڻجي بيٺا هئا. 1953ع جي شروعات ۾، ملڪ جي قيام کان رڳو پنج سال پوءِ، ڪراچيءَ ۾ هڪ اهڙي شاگرد تحريڪ جنم ورتو، جنهن ايندڙ ڪيترن ئي ڏهاڪن جي سياسي جدوجهد جي رخ جو تعين ڪيو. انهن شاگردن ڪنهن انقلابي تبديليءَ جو مطالبو نه ڪيو؛ سندن گهرجون نهايت ساديون هيون: مناسب في جو ڍانچو، لائبريرين جو قيام، سائنسي تعليم لاءِ ليبارٽريون ۽ روزگار بابت يقين ڏيارڻ. شاگردن ڪا تڪڙ ڪري احتجاج جو رستو اختيار نه ڪيو. هنن ان وقت جي مرڪزي وزير تعليم فضل الرحمان کي بار بار اپيلون ڪيون، پر سندن آواز بي حسيءَ جي ڀت سان ٽڪرائجي موٽي آيو. جڏهن ڳالهين جا سڀ در بند ٿي ويا، تڏهن انٽر ڪاليجيئيٽ باڊي (ICB) ۽ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (DSF) جي گڏيل پليٽ فارم تان 7 جنوري کي “مطالبن جو ڏينهن” قرار ڏنو ويو. ان ڏينھن شاگردن جو جلوس مڪمل طور پرامن هو، پر رياست جو رد عمل انتهائي سخت ۽ غير ضروري هو. ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ پيراڊائيز سينيما ڀرسان پوليس بنا هٿيار شاگردن جي جلوس تي فائرنگ ڪئي، جنھن سان علائقي جون گهٽيون رت سان رڱجي ويون. سرڪاري انگن اکرن موجب مري ويلن جو تعداد 8 ٻڌايو ويو. جڏهن ته روزاني “امروز” سترهن شاگردن جي شھيد ٿي وڃڻ جي خبر ڏني. هي ظلم شاگردن کي خاموش نه ڪري سگهيو؛ ڪراچي جي شاگردن جي ان جدوجهد ۽ قرباني سان سڄي ملڪ ۾ جمھوري حلقن کي نئون حوصلو مليو. 7 جنوري واري واقعي جو درد پنجاب جي تعليمي ادارن ۽ اوڀر پاڪستان جي مک شھر ڍاڪا تائين پهتو. ضروري آهي ته ان تاريخي جدوجھد جي شاگرد اڳواڻن بابت معلومات کي درست ڪري لکيو وڃي. رجعت پسند قوتن DSF تي “ملڪ دشمن” هجڻ جا الزام هنيا، پر محمد سرور، هارون احمد ۽ مرزا ڪاظم جهڙن اڳواڻن ڪڏهن به پاڪستان خلاف نعرا نه هنيا. سندن جدوجهد اهڙي پاڪستان لاءِ هئي، جيڪو پنهنجن مفڪرن کي عزت ڏئي ۽ راءِ جي اظھار تي پابندي نه ھجي.
سرد جنگ جا پاڇا ۽ NSF جو عروج: 1950ع واري ڏهاڪي جي وچ ڌاري پاڪستان بغداد پيڪٽ ذريعي مغربي اتحاد جو حصو بڻيو. ان سان گڏ رياست جو رويو به وڌيڪ سخت ٿي ويو. ترقي پسند شاگرد سياست کي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو ويو. فيبروري 1954ع ۾ حڪومت DSF تي پابندي لڳائي ۽ ان جي قيادت کي جيلن ۾ وڌو، پر جيئن چوڻي آھي ته خيالن کي قيد نٿو ڪري سگهجي. شاگردن پاڻ کي نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن (NSF) جي صورت ۾ ٻيهر منظم ڪيو. هي تنظيم جلد ئي جمهوري جدوجهد جي علامت بڻجي وئي. ڪراچي يونيورسٽي کان وٺي سنڌ جي مختلف شھرن جي سڀني يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ شاگرد يونين چونڊن ۾ رجعت پسند گروهن کي شڪست ملندي رهي. NSF اهڙا دانشور، سماجي اڳواڻ ۽ سياسي ڪارڪن پيدا ڪيا، جن ۾ ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي، عابد حسن منٽو ۽ معراج محمد خان جهڙا نالا شامل آهن.
4 مارچ 1967ع: قومي جدوجھد جو شاندار آغاز: جڏهن ڪراچي احتجاج جو مرڪز هو، تڏهن سنڌ جي اندروني علائقن ۾ هڪ ٻي باهه ٻري رهي هئي. هتي جدوجهد جو مرڪز “ون يونٽ” اسڪيم خلاف مزاحمت هئي، ان تحريڪ وڏا ۽ نامور شاگرد رھنما پيدا ڪيا.
مارچ 1967ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو تاريخي مزاحمت جو مرڪز بڻجي وئي. لياقت ميڊيڪل ڪاليج، انجنيئرنگ ڪاليج ۽ زرعي ڪاليج ٽنڊو ڄام جي شاگردن گڏجي جدوجهد ڪئي. هنن نه صرف پنهنجي يونيورسٽيءَ جي حقن لاءِ، پر سنڌ جي عوام جي حقن لاءِ آواز بلند ڪيو. وائيس چانسلر حسن علي عبدالرحمان جي غير قانوني برطرفي ۽ حيدرآباد جي ڪمشنر مسرور حسن خان جي سنڌ يونيورسٽي ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ مداخلت خلاف شاگرد متحد ٿي بيٺا. ھتي به ڪراچي انتظاميه وانگر ڳالهين بدران ڏنڊو استعمال ڪيو ويو. اڳوڻي راجپوتانا اسپتال حيدرآباد ڀرسان 207 شاگرد گرفتار ڪيا ويا. انهن تي تشدد ڪيو ويو ۽ پوءِ حيدرآباد سينٽرل جيل موڪليو ويو. ان واقعي کانپوءِ سنڌ جي سياست ۾ نئون جوش ۽ جولان پيدا ٿيو. شاگردن جون مختلف تنظيمون ٺھيون جيئن حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن، سنڌ آزاد ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن، اين ايس ايف، جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ سپاف. شاگردن ۾ يوسف لغاري، مسعود نوراني، ڄام ساقي، اعجاز قريشي، محبوب شيخ، لالا قادر، رفيق صفي، ڪامل راڄپر، فضل سليمان قاضي، غلام نبي مغل، غازي صلاح الدين، عبدالحئي پليجو، مھر حسين شاھ، مجيب پيرزادو، علي محمد ڏاھري، عثمان ڪيريو، خضر حيات، سڪندر پٺاڻ، يوسف ميمڻ، نواز علي ڀٽو، شڪور دائود پوٽو ۽ ٻين جا نالا سنڌ جي مزاحمت جي علامت بڻجي ويا. اھي ئي شاگرد ھئا جن جيل ڪاٽيا ۽ مارون کاڌيون. ون يونٽ کي ٽوڙائڻ واري تحريڪ ۾ بنگالي، بلوچي، پختون ۽ سنڌي سياستدانن سان ان ڏينھن تائين گڏ بيٺا رھيا، جيستائين ون يونٽ وارو عذاب ختم نه ٿيو. جھڙوڪ: سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجو، شيخ عبد المجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، حيدر بخش جتوئي، غلام محمد لغاري، سوڀو گيانچنداڻي، امان الله شيخ وغيره. جن اديبن ۽ دانشورن حصو ورتو انھن مان ڪي ھئا: ابراھيم جويو، شيخ اياز، تنوير عباسي، عبدالڪريم گدائي، اياز قادري، فتاح ملڪ، حميد سنڌي، جمال رند، عمر ميمڻ، جمال ابڙو، غلام رباني آگرو وغيره.
1978ع ۾ آل پاڪستان مهاجر اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن (APMSO) جي قيام سان شاگرد سياست جو منظرنامو تبديل ٿي ويو. الطاف حسين ۽ سندس ساٿين پاران قائم ڪيل هيءَ تنظيم جلد ئي ڪراچي يونيورسٽي ۽ ٻين ادارن ۾ اثرائتي قوت بڻجي وئي. ان کان اڳ، ڪراچي جي تقريبن سڀني ادارن ۾ جماعت اسلامي جي شاگرد تنظيم اسلامي جميعت طلبه (IJT) جو مڪمل قبضو ھو، انھن وٽ ھٿيار، پئسو ۽ سرڪاري پٺڀرائي ھئڻ ڪري ھنن سان ڪنھن کي به مقابلو ته ٺھيو، پر سامھون اچڻ جي ھمت ئي نه ھئي. پوءِ الطاف حسين ۽ سندس ساٿين اھو ڪم ڪري ڏيکاريو جنھن جو ڪنھن کي وھم ۽ گمان به نه ھو. ٻنھي تنظيمن ۾ باقائده ويڙھ ٿي، جنھن ۾ ھتيارن جو استعمال ٿيو ۽ ڪجهھ شاگرد مارجي ويا. آخر ڪار جميعت کان ڪراچي يونيورسٽي ۽ ڪاليج خالي ڪرائي ورتائون.
جميعت جو اھو حشر ڏسي جنرل ضياءُ الحق جي مارشل لا حڪومت شاگرد تنظيمن کي پاڻ لاءِ خطرو محسوس ڪيو. آخرڪار 9 فيبروري 1984ع تي شاگرد يونينن تي پابندي لڳائي وئي. بينظير ڀٽو جي دور ۾ اها پابندي ٿوري عرصي لاءِ ختم ٿي، پر 1993ع ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي شاگرد يونينن جي بحاليءَ جا در عملي طور بند ڪري ڇڏيا.
اي پي ايم ايس او اڳتي ھلي سياسي پارٽي ايم ڪيو ايم ۾ تبديل ٿي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ڀرپور مدد ۽ تعاون سان ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ نوابشاھ وارن اردو ڳالھائيندڙ تڪن تان وڏي ڪاميابي حاصل ڪري سنڌ ۾ پ پ کانپوءِ ٻئي نمبر تي سياسي قوت ٿي اڀري ۽ اڄ ڏينھن تائين وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جو حصو رھندي پئي اچي. افسوس جو انھن پر تشدد ۽ ڀتا خوري واري سياست جو بنياد وڌو، جنھن جو شڪار سندن پنھنجا ئي ووٽر ۽ سپورٽر رھيا.
شاگرد يونينن جي خاتمي سان هڪ نئين ۽ وڌيڪ خطرناڪ دور جي شروعات ٿي. تاريخي طور شاگرد يونينون قومي قيادت جون نرسريون هونديون هيون. اهي نوجوانن کي بحث، تنظيم سازي ۽ جمهوري قيادت سيکارينديون هيون.
جڏهن اهو جمهوري رستو بند ٿيو ته مختلف دٻاءُ وارا گروهه وجود ۾ آيا. چونڊن جي احتساب کانسواءِ ڪيمپس سياست، تشدد ۽ جهيڙن ڏانهن مائل ٿي ويا. هٿيار ڪيمپس ۾ داخل ٿيا ۽ جمهوري روايتن جي جاءِ طاقت ورتي.
ان جا سماجي اثر به گهرا هئا، تعليمي ادارن ۾ هراسان ڪرڻ جا واقعا وڌيا. شاگردياڻيون وڌيڪ غير محفوظ ٿي ويون. حيدرآباد، ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي جهڙن شهرن ۾ قتل جا واقعا به سامهون آيا، سپاف ۽ جيئي سنڌ ۾ جھيڙا ٿيا، جيڪي کاٻي ڌر جي ڊي ايس ايف ۽ اين ايس ايف جي جمهوري شاگرد تحريڪن جي دور ۾ ناياب هئا.
يادگيريءَ جو فرض: مون هن مضمون جي پڄاڻي لاءِ “يادگيريءَ جو فرض” جو عنوان ان ڪري چونڊيو آهي، جيڪو تاريخ ٻڌائي ٿي ته ماضيءَ جي بيوروڪريٽن ۽ اڄ جي حڪمرانن جو رويو گهڻو مختلف ناهي. 1953ع ۾ ڪمشنر نقوي هجي يا 1967ع ۾ ڪمشنر مسرور حسن، طريقو ساڳيو رهيو: احتجاج کي چيڀاٽيو، شاگردن کي جيل موڪليو ۽ ڳالهين کان پاسو ڪيو. 1947 ۾ آزادي کان وٺي ھن مھل تائين ڪيئي فوجي ۽ سويلين حڪومتون آيون، پر بيوروڪريٽس جو اختيار برقرار رھيو. سينيئر ليول تي ھنن وقت جي صدر ۽ وزيراعظم کي غلط مشورا ڏئي پنھنجو محتاج بڻائي رکيو ۽ ھيٺين سطح تي انھن عوام کي چيڀاٽي ماريو ۽ جيلن ۾ بند رکيو.
7 جنوري 1953 ۽ 4 مارچ 1967 جي شاگرد جدوجهد سنڌ جي اجتماعي يادگيريءَ ۾ هميشه زنده رهندي. اهي تاريخون رڳو احتجاج جون نه، پر ان يقين جون علامتون آهن ته نوجوان گڏيل جدوجهد وسيلي دنيا بدلائي سگهن ٿا. جيڪڏهن اسان انھن تاريخن کي وساري ڇڏينداسين ته مستقبل کي به خطري ۾ وجهي ڇڏينداسين. شاگرد يونينن جي جمهوري ثقافت جي بحاليءَ کانسواءِ نوجوانن کي قيادت، شهري ذميواري ۽ عوامي خدمت سکڻ جو موقعو نه ملندو. اسان تي فرض آهي ته انهن ڊاڪٽرن، وڪيلن، دانشورن ۽ ڪارڪنن کي ياد رکون، جن پنهنجي جواني جيلن ۾ گذاري ته جيئن ايندڙ نسل آزاديءَ سان ڳالهائي سگهن.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟