مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

حضرت علي ڪرم الله وجهه ۽ حضرت امام حسين عليه السلام جي شاعري

Barkat Chandio تعليمدان، قانوندان، آر-جي، ليکڪ

ايم.اي (انگلش)، ايم.ايڊ، ايل ايل بي، گورنمينٽ ٽيچر.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

عربن جي تاريخ تي نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته شاعري سندن زندگيءَ جو اهم ترين حصو هئي. اسلام کان اڳ واري دور، جنهن کي “دورِ جاهليت” چيو وڃي ٿو، ۾ به شاعري نه رڳو تفريح جو ذريعو هئي، پر اها قبيلن جي عزت، بهادري، نسب ۽ تاريخ کي محفوظ رکڻ جو به وسيلو هئي. شاعر پنهنجي قبيلي جو ترجمان سمجهيو ويندو هو. عربن جي مشهور بازار “عڪاظ” ۾ شعر و ادب جون محفلون منعقد ٿينديون هيون، جتي نامور شاعر پنهنجو ڪلام پيش ڪندا هئا. عربي ادب جي تاريخ ۾ عرب شاعرن ۾ امرؤ القيس، زهير بن ابي سلمى، عنترة بن شداد، لبيد بن ربيعه، طرفة بن العبد ۽ نابغه ذبياني جا نالا وڏي اهميت رکن ٿا. عربن وٽ شعر فقط ادبي صنف نه پر عزت، غيرت، بهادري ۽ قومي سڃاڻپ جو اظهار پڻ هو.
اسلام جي ظهور کانپوءِ به شاعري پنهنجي اهميت برقرار رکي. البته ان کي اخلاقي ۽ فڪري مقصدن سان وابسته ڪيو ويو. قرآن مجيد فصاحت ۽ بلاغت جو اعليٰ نمونو پيش ڪيو، جنهن عربي ادب کي به نئون رخ عطا ڪيو. رسول الله ﷺ پاڻ به سٺي شاعري کي پسند فرمائيندا هئا ۽ حضرت حسان بن ثابتؓ جهڙا شاعر اسلام جي دفاع لاءِ شعر چوندا هئا. اهڙي ادبي ماحول ۾ اهل بيت اطهارؑ پڻ فصاحت ۽ بلاغت جي اعليٰ روايت جا وارث هئا، جن ۾ حضرت علي ڪرم الله وجهه ۽ حضرت امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه جي شخصيت قابل ذڪر آھي. ھتي اسان انهن ٻنهي عظيم ھستين جي ان دلچسپ پھلو جو الڳ الڳ جائزو وٺنداسين.
حضرت عليؑ ڪرم الله وجهه بحيثيت ھڪ شاعر:
جڏهن حضرت عليؑ ڪرم الله وجهه جو نالو ورتو وڃي ٿو ته ذهن ۾ هڪ عظيم مجاهد، عادل حڪمران، بلند پايه عالم، فقيه، مفسر ۽ خطيب جو تصور اڀري ٿو. سندن شجاعت بدر، احد، خندق ۽ خيبر جي ميدانن ۾ روشن نظر اچي ٿي، جڏهن ته سندن علم ۽ حڪمت جا موتي “نهج البلاغه” جي صورت ۾ اڄ به دنيا کي منور ڪري رهيا آهن، پر حضرت عليؑ ڪرم الله وجهه جي شخصيت جو هڪ اهڙو پهلو به آهي، جنهن بابت عام ماڻهن کي نسبتن گهٽ ڄاڻ آهي ۽ اهو آهي سندن شاعراڻو ذوق! ۽ ھتي اسين حضرت عليؑ ڪرم الله وجهه جي شخصيت جي انهيءَ ادبي رخ کي اجاڳر ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، جيڪو کين نه فقط هڪ عظيم نثر نگار، پر هڪ صاحبِ ذوق شاعر جي حيثيت سان به متعارف ڪرائي ٿو.
حضرت عليؑ ڪرم الله وجهه جي فصاحت ۽ بلاغت جو اعتراف عرب ۽ عجم جي وڏن اديبن ڪيو آهي. نهج البلاغه جا خطبا عربي نثر جي بلند ترين شاهڪارن ۾ شمار ٿين ٿا. دنيا جا مشهور مفڪر لکن ٿا ته حضرت عليؑ ڪرم الله وجهه جي ڪلام ۾ اهڙي بلاغت موجود آهي جيڪا عربن جي ڪنهن ٻئي خطيب ۾ گهٽ نظر اچي ٿي. اھڙي طرح جيئن سندن خطبن مان فصاحت ظاهر ٿئي ٿي، تيئن مختلف روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته کين شاعري سان به گهري دلچسپي هئي. سندن ڪيترن ئي خطبن، نصيحتن ۽ موقعن تي چيل ڪلام ۾ شعري صنعتون نمايان طور موجود آهن. ان کان علاوه مختلف تاريخي ڪتابن ۾ سندن نالي سان سوين شعر به منقول آهن.
حضرت عليؑ ڪرم الله وجهه جا ڪجهه چونڊ مستند شعر:
حضرت علي ڪرم الله وجهه سان منسوب ٿيل شعر پڙهڻ کان پھريان اھو به ذھن نشين ھجڻ گھرجي ته حضرت عليؑ ڪرم الله وجهه ڏانهن منسوب سمورا شعر هڪ جهڙي درجي جي سند نٿا رکن. سندن شعرن جو وڏو حصو قديم عربي ادب، تاريخي ماخذن ۽ ديوانِ امام عليؑ رضي الله تعاليٰ عنه ۾ ضرور شامل آهي، پر شعرن جي نسبت بابت محققن ۾ اختلاف پڻ موجود آهي. ڇو ته تحقيقي اعتبار سان سندن خيبر ۽ هجرت وارا شعر قديم تاريخي ماخذن ۾ موجود آھن جن کي مستند قرار ڏنو ويو آھي، جڏهن ته ديوانِ امام علي رضي الله تعاليٰ عنه ۾ شامل ڪجهه شعرن جي نسبت بابت محققن وٽ اختلاف پڻ موجود آهي!
1. جنگِ خيبر جو مشهور رجز
أَنَا الَّذِي سَمَّتْنِي أُمِّي حَيْدَرَهْ
كَلَيْثِ غَابَاتٍ كَرِيهِ الْمَنْظَرَهْ
ترجمو:
مان اهو آهيان جنهن کي منهنجي ماءُ حيدر سڏيو؛
مان جھنگ جي شينهن وانگر آهيان، جنهن کي ڏسي دشمن دهلجي وڃي.
تشريح:
هي شعر حضرت عليؑ ڪرم الله وجهه جي شجاعت، خود اعتمادي ۽ جنگي عظمت جو عڪس آهي. ۽ “حيدر” ھتي شينهن جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيو آهي.
حوالو: صحيح مسلم، ڪتاب الجهاد؛ تاريخ طبري.
2. هجرت جي رات:
وَقَيْتُ بِنَفْسِي خَيْرَ مَنْ وَطِئَ الْحَصَى
وَمِنْ طَافَ بِالْبَيْتِ الْعَتِيقِ وَبِالْحَجَرِ
ترجمو:
مون پنهنجي جان ان شخص لاءِ قربان ڪئي
جيڪو زمين تي هلندڙ سڀني انسانن کان افضل آهي.
تشريح:
هي شعر ھجرت جي رات رسول الله ﷺ جي بستري تي سمھڻ واري واقعي جي عڪاسي ڪري ٿو، ھي شعر حضرت عليؑ ڪرم الله وجهه جي محبت، وفاداري ۽ ايثار جي بلند ترين مثالن مان هڪ آهي.
حوالو: سيرت ابن هشام؛ تاريخ طبري.
3. علم جي فضيلت:
مَا الْفَخْرُ إِلَّا لِأَهْلِ الْعِلْمِ إِنَّهُمْ
عَلَى الْهُدَى لِمَنِ اسْتَهْدَى أَدِلَّاءُ
ترجمو:
حقيقي عزت رڳو علم وارن لاءِ آهي،
ڇو ته اهي هدايت ڳوليندڙن جا رهنما آهن.
تشريح:
ھتي حضرت عليؑ ڪرم الله وجهه علم کي دولت، نسب ۽ اقتدار کان وڌيڪ اهميت ڏين ٿا.
حوالو: ديوان الامام علي.
4. انسان جي اصل قيمت:
قِيمَةُ كُلِّ امْرِئٍ مَا يُحْسِنُهُ
ترجمو:
هر انسان جي قيمت ان هنر ۽ صلاحيت سان آهي جنهن ۾ هو مهارت رکي ٿو.
تشريح:
هن مختصر، پر گهري معنيٰ واري شعر جو مصرعو انساني ڪردار ۽ قابليت جي اهميت کي اجاڳر ڪري ٿو.
حوالو: نهج البلاغه.
5. صبر بابت:
فَاصْبِرْ عَلَى حَدَثَانِ الدَّهْرِ وَارْضَ بِهِ
فَمَا الْحَوَادِثُ فِي الدُّنْيَا بِبَاقِيَةٍ
ترجمو:
زماني جي حادثن تي صبر ڪر ۽ راضي رھ،
ڇو ته دنيا جون تڪليفون دائمي ناهن.
تشريح:
هي شعر انسان کي مشڪلاتن ۾ ثابت قدم رهڻ جو درس ڏئي ٿو.
حوالو: ديوان الامام علي.
6. دنيا جي حقيقت
النَّاسُ نِيَامٌ فَإِذَا مَاتُوا انْتَبَهُوا
ترجمو:
ماڻهو ڄڻ ننڊ ۾ آهن، جڏهن مرن ٿا ته جاڳن ٿا.
تشريح:
دنياوي غفلت ۽ آخرت جي حقيقت بابت هي تمام مشهور مصرعو آهي، جيڪو صوفي ۽ اخلاقي ادب ۾ گهڻو نقل ڪيو ويو آهي.
حوالو: احيیاء العلوم؛ شرح نهج البلاغه.
7. دوستي ۽ اخلاق:
عَلَيْكَ بِإِخْوَانِ الصِّدْقِ فَإِنَّهُمْ
زِينَةٌ فِي الرَّخَاءِ وَعُدَّةٌ فِي الْبَلَاءِ
ترجمو:
سچا دوست اختيار ڪر، ڇو ته اهي خوشحالي ۾ زينت ۽ مصيبت ۾ سهارو آهن.
تشريح:
هي شعر انساني لاڳاپن جي اهميت کي اجاڳر ڪري ٿو.
حوالو: ديوان الامام علي.
8. نفس جي اصلاح:
دَوَاؤُكَ فِيكَ وَمَا تُبْصِرُ
وَدَاؤُكَ مِنْكَ وَمَا تَشْعُرُ
ترجمو:
تنهنجو علاج به تنهنجي اندر آهي ۽ تنهنجي بيماري به تنهنجي اندر آهي،
پر تون ان کي نٿو سمجهين.
تشريح:
هي شعر خود شناسي ۽ روحاني تربيت جو عظيم درس ڏئي ٿو.
حوالو: ديوان الامام علي؛ شرح نهج البلاغه.
9. انسان جي عظمت:
وَتَحْسَبُ أَنَّكَ جِرْمٌ صَغِيرٌ
وَفِيكَ انْطَوَى الْعَالَمُ الْأَكْبَرُ
ترجمو:
تون پاڻ کي ننڍڙو جسم سمجهين ٿو،
حالانڪه تنهنجي اندر هڪ وڏي ڪائنات سمايل آهي.
تشريح:
هي شعر انسان جي روحاني عظمت ۽ تخليقي صلاحيتن ڏانهن اشارو ڪري ٿو.
حوالو: ديوان الامام علي.
10. تقويٰ جي اهميت:
لَا خَيْرَ فِي الدُّنْيَا إِذَا أَنْتَ لَمْ تَكُنْ
عَلَى حَذَرٍ مِمَّا يَجِيءُ بِهِ الدَّهْرُ
ترجمو:
دنيا جي زندگي ۾ ڪا ڀلائي ناهي
جيڪڏهن انسان ايندڙ حالتن بابت فڪر ۽ احتياط نه رکي.
تشريح:
هي شعر انسان کي بصيرت، تدبر ۽ احتياط سان زندگي گذارڻ جو پيغام ڏئي ٿو.
حوالو: ديوان الامام علي.
حضرت عليؑ ڪرم الله وجهه جي شاعري جو ادبي جائزو:
حضرت عليؑ ڪرم الله وجهه جي شاعري جو بنيادي موضوع اخلاقيات، معرفت، زهد، صبر، تقويٰ، علم ۽ انسان دوستي آهي. سندن شعرن ۾ جاهلي دور جي شاعرن وانگر قبائلي فخر يا ذاتي برتري جي بجاءِ انسانيت ۽ حڪمت جو عنصر وڌيڪ نمايان آهي. سندن شاعري جي اھم صفت فڪري گهرائي آهي. سندن ڪيترائي شعر رڳو ادبي حسن نه، پر فلسفياڻي معنيٰ به رکن ٿا. اهوئي سبب آهي جو صوفي، مفڪر ۽ عالم صدين کان سندن شعرن کي نقل ڪندا رهيا آهن. ادبي لحاظ کان سندن زبان سليس، فصيح ۽ اثرائتي آهي. لفظن جي چونڊ ۾ بناوٽ کان وڌيڪ معنيٰ تي زور ڏنو ويو آهي. سندن شعر پڙهندي محسوس ٿئي ٿو ته شاعر کان وڌيڪ هڪ دانشور ۽ فلاسافر انسان ڳالهائي رهيو آهي.
حضرت عليؑ ڪرم الله وجهه جي شاعري جون خصوصيتون:
حضرت عليؑ ڪرم الله وجهه جي شاعري جو جائزو وٺڻ سان چند اهم خصوصيتون سامهون اچن ٿيون:
سندن شعرن ۾ زندگيءَ جا عميق تجربا ۽ اخلاقي سبق موجود آهن.
جنهن سان گڏ دنيا جي ناپائيداري ۽ آخرت جو فڪر به سندن شاعري جو اهم موضوع آهي.جنگي رجزن ۾ سندن بهادري ۽ عزم نمايان نظر اچي ٿو. ان سان گڏوگڏ انساني برابري، انصاف ۽ اخلاق جا موضوع به سندن شاعري ۾ گهڻو ملن ٿا. سندن شعرن ۾ لفظن جي بناوٽ پيچيده نه، پر اثرائتي آهي، جيڪا عربي بلاغت جو اعليٰ نمونو پيش ڪري ٿي. عرب محققن جو خيال آهي ته حضرت عليؑ ڪرم الله وجهه جي شخصيت ۾ علم، حڪمت، خطابت ۽ شاعري جو حسين امتزاج موجود آھي. نهج البلاغه جو مطالعو ڪرڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته سندن نثر به ڪيترين ئي جڳهين تي شاعريءَ جي جماليات سان هم آهنگ آهي. اهوئي سبب آهي جو ڪيترن نقادن حضرت عليؑ ڪرم الله وجهه کي عربي ادب جي بنيادي شخصيتن ۾ شمار ڪيو آهي. ڇو ته حضرت عليؑ جي شخصيت اسلامي تاريخ جي سڀ کان گهڻ رخي شخصيتن مان هڪ آهي. دنيا کين گهڻو ڪري هڪ عظيم مجاهد، عالم، قاضي، حڪمران ۽ خطيب جي حيثيت سان سڃاڻي ٿي، پر سندن شاعراڻو ذوق پڻ غير معمولي اهميت رکي ٿو. سندن شعرن ۾ شجاعت جي للڪار به موجود آهي، علم جي روشني به، زهد جي خوشبو به ۽ انسانيت جو درد به. انھيءَ ڪري جيڪڏهن نهج البلاغه سندن نثر جو معجزو آهي ته سندن منقول شاعري سندن فڪر، احساس ۽ ادبي ذوق جو آئينو آهي. حضرت عليؑ ڪرم الله وجهه جي شاعري مان اهو سبق ملي ٿو ته علم، اخلاق، عدل ۽ انسانيت ئي انسان جي حقيقي عظمت جا معيار آهن. انهيءَ لحاظ کان حضرت عليؑ ڪرم الله وجهه نه فقط اسلامي تاريخ جي عظيم ترين انسانن مان هڪ آهن، پر عربي ادب جي تاريخ ۾ پڻ هڪ روشن ۽ تابنده باب جي حيثيت رکن ٿا.
حضرت امام حسينؑ رضي الله تعاليٰ عنه جي شاعري وارو پھلو:
امام حسينؑ نبي ﷺ، جو ڏوهٽو فاطمة الزهراؑ جي جگر جو ٽڪرو ۽ فرزندِ علي المرتضىؑ آهن. سندن شجاعت، حق پرستي، صبر، قرباني ۽ عظيم شهادت بابت دنيا گهڻو ڪجهه ڄاڻي ٿي، پر سندن شخصيت جو هڪ پهلو اهڙو به آهي جنهن بابت عام ماڻهو کي تمام گھٽ خبر آھي ۽ نسبتن ان پھلو تي تمام گهٽ بحث ڪيو ويو آهي ۽ اهو آهي: امام حسينؑ رضي الله تعاليٰ عنه جو شاعري سان تعلق:
واضح رهي ته امام حسينؑ رضي الله تعاليٰ عنه باقاعده شاعر نه هئا، نه ئي انهن جو حضرت علي ڪرم الله وجهه وانگر ڪو شعري ديوان مرتب ٿيل آھي. البته سندن خطبن، گفتگو ۽ مختلف تاريخي موقعن تي چيل شعرن مان معلوم ٿئي ٿو ته کين عربي شاعريءَ سان گهري واقفيت ۽ دلچسپي هئي. بقول عربي جي مستند تاريخي ڪتابن جي ته ڪيترن ئي موقعن تي پاڻ پنهنجا شعر به چيا اٿن ته ڪيترن ئي موقعن تي ٻين شاعرن جا شعر پڙهي به پنهنجي موقف جي وضاحت ڪئي اٿن. عربي ادب جي محققن جو خيال آهي ته امام حسينؑ رضي الله تعاليٰ عنه جي شخصيت ۾ فصاحت ۽ بلاغت جو سرچشمو سندن خانداني ورثو هو. حضرت عليؑ ڪرم الله وجهه کي عربي نثر جو امام سڏيو وڃي ٿو، جڏهن ته حضرت فاطمة الزهراؑ ۽ حضرت امام حسنؑ رضي الله تعاليٰ عنه پڻ اعليٰ خطيب هئا. اهڙي ماحول ۾ امام حسينؑ جو شعري ذوق فطري ڳالهه هئي. بقول تاريخي ڪتابن جي ته ڪربلا جي سفر دوران ۽ جنگ جي مختلف مرحلن ۾ امام حسينؑ رضي الله تعاليٰ عنه ڪيترائي شعر پڙهيا، جيڪي تاريخي ڪتابن ۾ اڄ به محفوظ آهن، پر تحقيقي امانت جي لحاظ کان اهو به ياد رکڻ ضروري آهي ته سندن شعرن جي نسبت بابت مؤرخن ۾ اختلاف پڻ موجود آهن. ڪي شعر امام حسينؑ رضي الله تعاليٰ عنه جا پنهنجا چيل آهن، جڏهن ته ڪي شعر پاڻ مختلف موقعن تي بطور استشهاد پڙهيل آھن. ان باوجود اهي شعر قديم تاريخي ڪتابن ۾ امام حسينؑ رضي الله تعاليٰ عنه سان منسوب صورت ۾ نقل ٿيل آهن.
حر بن يزيد سان ملاقات ۽ شعر:
ھڪ مشهور روايت ۾ آھي ته جڏهن حر بن يزيد الرياحي پنهنجي لشڪر سان امام حسينؑ رضي الله تعاليٰ عنه جو رستو روڪيو ته ان موقعي تي امام حسينؑ رضي الله تعاليٰ عنه هڪ مشهور شعر پڙهيو ھو ته:
سَأَمْضِي وَمَا بِالْمَوْتِ عَارٌ عَلَى الْفَتَى
إِذَا مَا نَوَى حَقًّا وَجَاهَدَ مُسْلِمًا
ترجمو:
مان اڳتي وڌندس، ڇو ته نوجوان لاءِ موت ڪا عيب جي ڳالهه ناهي، جڏهن هو حق جي نيت سان ۽ مسلمان جي حيثيت ۾ جدوجهد ڪري.
تشريح:
هن شعر ۾ امام حسينؑ رضي الله تعاليٰ عنه حق جي راهه ۾ شهادت کي عزت قرار ڏين ٿا. سندن نظر ۾ ذلت واري زندگيءَ کان باوقار موت بهتر آهي.
حوالو: تاريخ طبري، جلد 5؛ ابن اثير، الڪامل في التاريخ.
شعر 2
وَوَاسَى الرِّجَالَ الصَّالِحِينَ بِنَفْسِهِ
وَفَارَقَ مَثْبُورًا وَخَالَفَ مُجْرِمَا
ترجمو:
۽ جيڪو پنهنجي جان سان نيڪ ماڻهن جي مدد ڪري ۽ گنهگارن جي واٽ ڇڏي.
تشريح:
امام حسينؑ رضي الله تعاليٰ عنه هتي قرباني ۽ حق جي ساٿ ڏيڻ کي مؤمن جي سڃاڻپ قرار ڏين ٿا.
ڪربلا جي ميدان ۾ چَيل شعر:
جنگ جي ڏينهن امام حسينؑ رضي الله تعاليٰ عنه بار بار شعرن وسيلي پنهنجو موقف واضح ڪيو.
شعر 3
إِنْ تَكُنِ الدُّنْيَا تُعَدُّ نَفِيسَةً
فَدَارُ ثَوَابِ اللَّهِ أَعْلَى وَأَنْبَلُ
ترجمو:
جيڪڏهن دنيا قيمتي سمجهي وڃي ٿي ته
الله جو اجر ۽ آخرت ان کان وڌيڪ بلند ۽ بهتر آهي.
تشريح:
هن شعر ۾ دنيا جي فاني حيثيت ۽ آخرت جي ابدي عظمت کي بيان ڪيو ويو آهي.
حوالو: مقتل الحسين؛ ابن اعثم ڪوفي.
شعر 4
وَإِنْ تَكُنِ الْأَبْدَانُ لِلْمَوْتِ أُنْشِئَتْ
فَقَتْلُ امْرِئٍ بِالسَّيْفِ فِي اللَّهِ أَفْضَلُ
ترجمو:
جيڪڏهن جسم موت لاءِ ئي پيدا ڪيو ويو آهي
ته الله جي راهه ۾ تلوار هيٺ شهيد ٿيڻ وڌيڪ افضل آهي.
تشريح:
هي شعر امام حسينؑ رضي الله تعاليٰ عنه جي شهادت بابت فڪر کي واضح ڪري ٿو.
عاشورا جي ڏينهن جو مشهور رجز:
شعر 5
الْمَوْتُ أَوْلَى مِنْ رُكُوبِ الْعَارِ
وَالْعَارُ أَوْلَى مِنْ دُخُولِ النَّارِ
ترجمو:
ذلت قبول ڪرڻ کان موت بهتر آهي
۽ جهنم ۾ وڃڻ کان به ذلت بهتر ناهي.
تشريح:
هي شعر ڪربلا جي فلسفي جو نچوڙ آهي، امام حسينؑ رضي الله تعاليٰ عنه واضح ڪن ٿا ته باطل آڏو جهڪڻ ناممڪن آهي.
حوالو: بلاذري، انساب الاشراف؛ طبري.
شعر 6
أَنَا الْحُسَيْنُ بْنُ عَلِيٍّ
آلَيْتُ أَنْ لَا أَنْثَنِي
ترجمو:
مان حسين بن علي آهيان،
مون قسم کنيو آهي ته ڪڏهن به پوئتي نه هٽندس.
تشريح:
هي رجز امام حسينؑ رضي الله تعاليٰ عنه جي استقلال ۽ جرئت جو اعلان آهي.
حوالو: مقتل ابي مخنف؛ تاريخ طبري.
آخري لمحن جا شعر:
شعر 7
يَا دَهْرُ أُفٍّ لَكَ مِنْ خَلِيلٍ
كَمْ لَكَ بِالْإِشْرَاقِ وَالْأَصِيلِ
ترجمو:
اي زمانه! توتي افسوس،
تون ڪيترا دوست صبح ۽ شام جو جدا ڪندو رهين ٿو.
تشريح:
ھڪ روايت مطابق ھي شعر امام حسينؑ رضي الله تعاليٰ عنه عاشورا جي رات پڙهيو. ان ۾ دنيا جي بي ثباتي ۽ انساني فنا جو ذڪر ڪيل آهي.
حوالو: تاريخ طبري؛ الارشاد، شيخ مفيد.
شعر 8
وَإِنَّمَا الْأَمْرُ إِلَى الْجَلِيلِ
وَكُلُّ حَيٍّ سَالِكٌ سَبِيلِي
ترجمو:
سڀ معاملا الله جي هٿ ۾ آهن
۽ هر جيئرو آخرڪار ان جي ئي واٽ تي هلڻو آهي.
تشريح:
هي شعر توڪل، رضا ۽ موت جي آفاقي حقيقت کي بيان ڪري ٿو.
امام حسينؑ رضي الله تعاليٰ عنه جي شاعريءَ جا فڪري موضوع
امام حسينؑ رضي الله تعاليٰ عنه ڏانهن منسوب شعرن جو جائزو وٺڻ سان ڪجهه بنيادي موضوع سامهون اچن ٿا: جنهن ۾ ثابت ٿئي ٿو ته سندن شعرن جو مرڪزي محور حق جي حمايت آهي. پاڻ شهادت کي شڪست نه، پر دائمي ڪاميابي قرار ڏين ٿا. دنيا جي عارضي حيثيت به سندن شعرن ۾ بار بار ظاهر ٿئي ٿي. الله جي فيصلي تي راضي رهڻ به سندن شعري اظهار جو ھڪ اهم عنصر آهي. بقول عرب محققن جي ته امام حسينؑ رضي الله تعاليٰ عنه جا شعر فني لحاظ کان سادا، پر انتهائي اثرائتا آهن. انهن ۾ مصنوعي صنعتن کان وڌيڪ اخلاص، سچائي ۽ جذباتي قوت موجود آهي. سندن شعرن ۾ عربي شاعريءَ جي روايتي بهادري، اسلامي روحانيت ۽ اخلاقي عظمت جو حَسين امتزاج ملي ٿو. ادبي لحاظ کان انهن شعرن جي اهميت ان ڪري به وڌي وڃي ٿي جو اهي ڪتابي تخليق نه، پر زندگيءَ جي انتهائي نازڪ ۽ تاريخ ساز لمحن ۾ ادا ڪيا ويا. ڪربلا جي ميدان ۾ چيل هر شعر عملي جدوجهد سان ڳنڍيل آهي، تنهنڪري انهن ۾ لفظن کان وڌيڪ ڪردار جي طاقت موجود آهي.
امام حسينؑ رضي الله تعاليٰ عنه جي شخصيت جو شاعراڻو پهلو سندن عظيم ڪردار جو هڪ دلچسپ ۽ اهم باب آهي. جيتوڻيڪ امام حسينؑ رضي الله تعاليٰ عنه باقاعده شاعر نه هئا، پر سندن فصيح گفتگو، موقعن مناسبت سان شعر پڙهڻ ۽ اعليٰ شعري ذوق مان معلوم ٿئي ٿو ته کين عربي ادب ۽ شاعريءَ سان گهري واقفيت حاصل هئي. سندن شعرن ۾ حق، حريت، عزت، قرباني ۽ خدا پرستي جا اهي آفاقي پيغام موجود آهن جيڪي اڄ به انسانيت لاءِ مشعلِ راهه آهن.
ڪربلا فقط هڪ جنگ جو نالو ناهي؛ اها فڪر، ادب، اخلاق ۽ روحانيت جي هڪ عظيم درسگاهه آهي. امام حسينؑ رضي الله تعاليٰ عنه جا شعر ان درسگاهه جا اهڙا روشن باب آهن، جيڪي هر دور جي انسان کي عزت سان جيئڻ ۽ حق لاءِ قرباني ڏيڻ جو سبق ڏين ٿا.
اهم ماخذ ۽ حوالا:
1. تاريخ طبري-محمد بن جرير طبري
2. الڪامل في التاريخ- ابن اثير
3. انساب الاشراف-احمد بن يحيى بلاذري
4. تذڪرة الخواص-سبط ابن جوزي
5. تاريخ ابن ڪثير-ابن ڪثير
6. بحار الانوار-علامه مجلسي
7. نهج البلاغه-حضرت علي ڪرم الله وجهه
8. شرح نهج البلاغه-ابن أبي الحديد
9. ديوان الإمام علي بن أبي طالب
10. سيرت ابن هشام
11. صحيح مسلم
12. الاحياء علوم الدين-امام الغزالي
13. تاريخ الإسلام
14. اشعار حضرت امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه-ڊاڪٽر اختر ھاشمي/سبط حيدر
15. مختلف مئگزين، رسالا، انٽرنيٽ وغيره.
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو