مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ جي ننڍن آبادگارن جي بدحالي: وڌندڙ خرچ، گهٽ ٿيندڙ آمدني ۽ ٻڏندڙ اميدون

Ali Nawaz Rahimon ڪالم نگار، سوشل ورڪر

سماجي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ. خاص طور تي ماحوليات، موسمي تبديلين ۽ ٻهراڙين ۾ پاڻي جي موضوع تي لکندڙ ليکڪ.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ جي زرخيز زمينن کي خوشحالي، پيداوار ۽ زندگيءَ جي علامت سمجهيو ويو آهي. سنڌو درياءَ جي وهڪري سان آباد ٿيندڙ هن ڌرتيءَ تي هزارين سالن کان زراعت نه رڳو معيشت جو بنياد رهي آهي، پر ثقافت ۽ سماجي ڍانچي جو به اهم حصو رهي آهي، پر اڄ دنيا جديديت ۽ ترقي جي نون دورن ۾ داخل ٿي رهي آهي، تڏهن سنڌ جو ننڍو آبادگار سخت معاشي، سماجي ۽ موسمي بحرانن ۾ ڦاٿل نظر اچي ٿو. ننڍو آبادگار، جيڪو پنهنجي محدود زمين ۽ وسيلن سان فصل پوکي ٿو، اڄ ڪيترن ئي اهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جيڪي سندس زندگيءَ کي مشڪل بڻائي رهيا آهن. وڌندڙ پيداواري خرچ، غير مستحڪم مارڪيٽ، قرضن جو بار، موسمي تبديليون، حڪومتي پاليسيون ۽ پاڻي جي ڪمي اهڙا عنصر آهن، جن هن طبقي کي ڪمزور بڻائي ڇڏيو آهي. هن وقت زراعت جي شعبي ۾ سنگين مسئلو پيداواري خرچن ۾ تيزي سان اضافو آهي. ڀاڻ، ٻج، زرعي دوائون، ڊيزل، بجلي ۽ آبپاشي جا خرچ گذريل ڪجهه سالن ۾ تيزيءَ سان وڌي چڪا آهن. ننڍي آبادگار لاءِ هر فصل پوکڻ وڏي سيڙپڪاري بڻجي چڪو آهي، جنهن ۾ معياري ٻج جي خريداري، زمين جي تياري، پاڻي ۽ فصل جي سنڀال لاءِ مسلسل مالي وسيلا گهرجن. ٻارڻ جون قيمتون وڌن ٿيون ته ٽيوب ويل به مهانگو ٿي وڃي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ آبادگار کي قرض وٺڻو پوي ٿو، جيڪو گهڻو ڪري بئنڪن يا مقامي ساهوڪارن کان ورتو ويندو آهي، پر اصل مسئلو تڏهن پيدا ٿئي ٿو جڏهن فصل لهي ٿو. وڌندڙ خرچن جي باوجود، هاري کي پيداوار جو مناسب اگهه نٿو ملي ۽ سندس سڄي محنت مالي نقصان ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. ننڍن آبادگارن لاءِ مارڪيٽ جو غير مستحڪم هجڻ به هڪ وڏو مسئلو آهي. جنهن ۾ حڪومت پنهنجو ڪوبه ڪردار ادا نٿي ڪري ته آبادگارن کي نقصان کان بچايو وڃي. ڪڏهن هڪ فصل جي قيمت اوچتو ڪري پوي ٿي ته ڪڏهن طلب ۽ رسد جي توازن ۾ بگاڙ پيدا ٿي وڃي ٿو. سرڪاري سطح تي سپورٽ پرائس مقرر ڪرڻ جو نظام موجود آهي، پر ان تي عمل نٿو ٿئي. سرڪاري ادارا فصل خريد ڪرڻ ۾ دير ڪن ٿا يا محدود خريداري ڪن ٿا، جنهن سان آبادگار کي مجبور ٿي وچولن وٽ فصل گهٽ اگهه تي وڪڻڻو پوي ٿو. ان کان علاوه، مارڪيٽ ۾ ذخيري ڪرڻ ۽ مصنوعي کوٽ پيدا ڪرڻ جهڙيون حرڪتون به ننڍي آبادگار کي متاثر ڪن ٿيون.
زرعي مارڪيٽ ۾ وچولن جو ڪردار انتهائي اهم آهي، پر اهو گهڻو ڪري آبادگار جي نقصان ۾ هوندو آهي. ننڍو آبادگار سڌيءَ ريت مارڪيٽ تائين رسائي نٿو رکي ۽ فصل مجبور ٿي وچولن کي وڪڻيو ڇڏي. وچولا هارين کان گهٽ اگهه تي فصل وٺي، ساڳيو فصل مارڪيٽ ۾ وڌيڪ اگهه تي وڪرو ڪيو اچن. سڄو سال هڪ آبادگار پنهنجي پگهر جو پورهيو ڪري ان اپائي ان کان وڌيڪ منافعو مڊل مين کڻيو وڃي، ان جي ذميداري اسان جي نظام تي آهي. ان کان علاوه منڊين ۾ غير معياري ماپ، رشوت ۽ غير شفاف نظام به هارين جي استحصال کي وڌائين ٿا. اهڙي صورتحال ۾، آبادگارن جي محنت جو ڄڻ معاشي قتل ٿي رهيو آهي. موسمي تبديليون صرف سنڌ جو نه پر عالمي مسئلو آهن. جن کي عملي طور تي آبادگار منهن ڏئي ٿو. سنڌ جهڙي علائقي ۾، جتي زراعت جو وڏو دارومدار موسم ۽ پاڻي تي آهي، اتي موسمي تبديلين جا اثر وڌيڪ شديد آهن. گرمي جي شدت ۾ اضافو، برساتن جي غير متوقع نموني، پاڻي جي کوٽ ۽ ٻوڏن جهڙيون حالتون فصلن کي سخت نقصان پهچائين ٿيون. ڪڏهن اوچتو برساتون پڪي فصل کي تباهه ڪيو ڇڏين ته ڪڏهن فصل جي واڌ کي روڪيو ڇڏين. نوان جيت ۽ بيماريون فصلن لاءِ هميشه خطرو آهن، جن جي علاج لاءِ پئسو کپي، جيڪو ننڍن آبادگارن وٽ موجود ڪونهي. انهن مسئلن جي ڪري ننڍو آبادگار پنهنجي زرعي ڪم ڪار کي هلائڻ لاءِ قرض وٺڻ تي مجبور ٿيو پوي. شروع ۾ اهي قرض فصل پوکڻ لاءِ مددگار لڳندا آهن، پر وقت سان گڏ اهي هڪ بوجھه بڻجي ويندا آهن. جڏهن فصل مان مناسب آمدني حاصل نٿي ٿئي ته آبادگار قرض هيٺ دٻجي ويندو آهي. نتيجي ۾ وياج وڌندو رهي ٿو ۽ قرضن جو بار آبادگار کي پنهنجون زمينون وڪرو ڪرڻ يا گروي رکڻ تي مجبور ڪريو ڇڏين. اهو هڪ شيطاني چڪر آهي، جيڪو شروع ٿيڻ کانپوءِ ختم نٿو ٿئي. ان سڄي سلسلي ۾ وڏي ذميداري حڪومت تي اچي ٿي، ڇو ته زراعت جي پاليسي حڪومت کي ٺاهڻي آهي ۽ ان تي عمل ڪرائڻو آهي ته جيئن ملڪ ۾ پوک ٿيندي رهي. پاليسين ۽ پروگرامن جا اعلان ته ٿين ٿا، پر انهن تي عمل نٿو ٿئي. انهن پاليسين ۾ ملندڙ فائدو به ننڍي آبادگارن جي جاءِ تي ٻيو ڪو وچولو کڻيو وڃي. سبسڊي، جديد ٽيڪنالاجي ۽ مالي معاونت مڪمل طور نٿيون ملن. نتيجي ۾ زراعت غير فعال ٿيندي وڃي. آبادگار جديد زرعي طريقن، پاڻي جي بهتر استعمال ۽ فصلن جي حفاظت بابت مناسب ڄاڻ حاصل نٿا ڪري سگهن. جيڪڏهن پاليسين کي زميني حقيقتن سان هم آهنگ ڪري، شفافيت سان لاڳو ڪيو وڃي ته هارين جي حالت ۾ سڌارو اچي سگهي ٿو. زراعت سڄي ملڪ جي ڪرنگهي جي هڏي آهي. ننڍو آبادگار هن نظام جو اهم حصو آهي. حڪومت طرفان مليل فائدا جيڪڏهن ننڍي آبادگار کي نه ملندا ته هو ڏکيائين جو شڪار ٿي ويندو. زرعي سبسڊي ۾ دير جو سڀ کان وڏو سبب انتظامي پيچيدگيون آهن. جڏهن به حڪومت ڪنهن سبسڊي جو اعلان ڪري ٿي ته ان تي عمل ڪرڻ لاءِ مرحلا ايترا ته مشڪل هوندا آهن جو هاري انهن کي طئي ڪرڻ ۾ ڪافي مشڪلن کي ڀوڳين ٿا، ڇو ته اسان جي نظام ۾ هر آفيس جو هڪ ڪرپشن جو نظام ٺهيل آهي. جنهن سان اصل مستحق هاري کي بروقت فائدو نٿو ملي. ٻيو اهم مسئلو هارين جي مڪمل ۽ درست ڊيٽابيس جو نه هجڻ آهي. گهڻن علائقن ۾ هارين جو رڪارڊ اڃان تائين مڪمل طور ڊجيٽل نه ٿيو آهي. نتيجي طور ڪيترن ئي حقيقي هارين کي تصديق جي عمل مان گذرڻ ۾ دير ٿئي ٿي، جڏهن ته ڪڏهن ڪڏهن غير مستحق ماڻهو به سسٽم ۾ شامل ٿي وڃن ٿا. هن صورتحال سبب حڪومت کي هر درخواست کي بار بار جاچڻو پوي ٿو، جيڪو عمل کي وڌيڪ سست ڪيو ڇڏي. ادارن جي وچ ۾ هم آهنگي جي کوٽ به هڪ وڏو سبب آهي. زرعي کاتو، روينيو کاتو ۽ مالي ادارا ڌار ڌار ڪم ڪن ٿا، پر انهن جي وچ ۾ مناسب رابطو موجود ناهي. مثال طور: هڪ کاتو زمين جي تصديق ڪري ٿو، ٻيو ادائگي جي منظوري ڏئي ٿو ۽ ٽيون بئنڪنگ نظام کي هلائي ٿو ۽ انهن جي وچ ۾ رابطو به ڪمزور هجي ته نظام سست ٿيو وڃي. حڪومتن جي تبديليءَ سان پاليسيون به تبديل ٿيو وڃن پراڻا پروگرام به ختم ٿيو وڃن. اها غير يقيني واري صورتحال سبسڊي جي فراهمي وڌيڪ سست ڪري ڇڏي ٿي. گڏوگڏ بينڪنگ ۽ ادائگي جو نظام به هڪ اهم مسئلو آهي. ڪيترن ئي ڳوٺاڻن هارين وٽ بينڪ اڪائونٽ موجود نه هوندا آهن يا انهن کي جديد ڊجيٽل نظام استعمال ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي. نتيجي طور، سبسڊي جي رقم انهن تائين پهچڻ ۾ دير ٿي وڃي ٿي يا هو مڪمل طور فائدو حاصل نه ڪري سگهندا آهن. انهن سڀني سببن جو گڏيل اثر اهو ٿئي ٿو ته ننڍو آبادگار وقت تي سهارو حاصل نٿو ڪري سگهي. جيڪڏهن حڪومت چاهي ته زرعي شعبي کي مضبوط ڪري سگهي ٿي ان لاءِ حڪومت کي سبسڊي نظام کي سادو، شفاف ۽ تيز ڪرڻو پوندو. ڊجيٽل رجسٽريشن، ادارن جي بهتر هم آهنگي ۽ شفاف ادائگي واري مسئلي کي حل ڪرڻ انتهائي ضروري آهي.
ننڍي آبادگار جي خراب حالت جا اثر صرف معاشي نه، پر سماجي به آهن. ڪيترائي آبادگار، جيڪي اڳ زراعت سان وابسته هئا، هاڻي شهرن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن. اهي ماڻهو مزدوري يا ٻين ننڍن ڪاروبارن ۾ لڳي وڃن ٿا، جنهن سان زرعي شعبي ۾ افرادي قوت گهٽجي رهي آهي. ان کان علاوه، نوجوان نسل به زراعت کان پري ٿي رهيو آهي. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته هڪ ننڍو آبادگار آهستي آهستي هڪ وڏو آبادگار بڻجي وڃي ۽ اهو پنهنجو اهو پيشو پنهنجي ايندڙ نسلن جي حوالي ڪري ته جيئن اسان پنهنجي ملڪ کي زراعت جي شعبي ۾ پاڻڀرو ڪري سگهون. ان لاءِ سنڌ حڪومت کي موثر قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. زرعي شعبي ۾ استعمال ٿيندڙ شين تي سبسڊي ڏئي، فصلن جا مناسب اگهه مقرر ڪري انهن جي خريداري کي يقيني بڻائي، مارڪيٽ نظام ۾ شفافيت پيدا ڪري وچولن جي ڪردار کي محدود ڪري. ۽ هارين کي سڌي مارڪيٽ تائين رسائي ڏيڻ انتهائي ضروري آهي. ان کان علاوه، زرعي انشورنس کي هٿي ڏيڻ گهرجي ته جيئن آبادگار قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار هجن. موسمي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي، پاڻي جي موثر استعمال ۽ تحقيق تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. اسان جي زرعي يونيورسٽين کي ان بابت وڌيڪ متحرڪ ٿيڻو پوندو ۽ زراعت سان لاڳاپيل مسئلن ۽ نئين تحقيق بابت ننڍن آبادگارن کي تربيت ڏيڻ لاءِ پنهنجي پروگرامن ۾ شامل ڪن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو