عوام جو خاموش خدمتگار: ميان خالد ولھاري
ڪجھه شخصيتون پنهنجو تعارف لفظن سان نه، پر پنهنجي ڪردار، خدمت ۽ عمل سان ڪرائينديون آهن. اهڙين شخصيتن ۾ پير محمد عرف ميان خالد ولھاري جو نالو پڻ سرفهرست آھي. سندس اصل نالو پير محمد ولھاري آهي، پر عوام کيس ميان خالد ولھاري جي نالي سان سڃاڻي ٿي. هن نالي پويان هڪ خوبصورت خانداني ۽ علائقي روايت لڪل آهي. والد صاحب پنهنجي والد جي ياد ۾ سندس نالو پير محمد رکيو، پر والده جيڪا روايتي سماجي قدرن جي پاسداري ڪندي هئي، سُهري جو نالو زبان تي آڻڻ مناسب نه سمجهندي هئي، تنهنڪري هن پنهنجي پٽ کي خالد نالي سان سڏڻ شروع ڪيو. وقت گذرڻ سان اهو نالو ئي سندن سڃاڻپ بڻجي ويو. سال 1966ع ۾ سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتي شھر عمرڪوٽ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ پير محمد ولھاري کنڀرو شريف ضلعي عمرڪوٽ ۾ جنم وٺندڙ ميان خالد ولھاري جنھن جي ننڍپڻ کان ئي علم دوست ماحول ۾ پرورش ٿي. ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ حيدرآباد مان مئٽرڪ ڪلاس جي تعليم مڪمل ڪيائون ۽ پوءِ مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشوري مان بيچلر آف انڊسٽريل اينڊ مئنيجمينٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين. عملي زندگي جي شروعات سنڌ سمال انڊسٽريز سان ٿي، جتي خدمتون سرانجام ڏيندي سماج، ماڻهن ۽ مسئلن کي ويجهڙائي سان ڏسڻ ۽ سمجهڻ جو پڻ موقعو مليو. ميان خالد ولھاري جو چوڻ آهي ته عوامي خدمت ڪنهن عهدي يا سياست جي محتاج ناهي، بلڪه اها انسان جي اندر جي احساس جو نالو آهي. اهو احساس کين پنهنجي والد ۽ ڳوٺ جي بزرگن کان ورثي ۾ مليو، جن سيکاريو ته انسان جي اصل عظمت ٻين جي تڪليف کي پنهنجي تڪليف سمجهڻ ۾ آهي. ان خيال موجب غريب هجڻ ڪنهن جي خواهش نه هوندي آهي، پر زندگي جون حالتون هر گهڙي بدلجنديون رهنديون آهن. ان ڪري وس آهر ٻين جي مدد ڪرڻ ئي انسانيت جو اصل حُسن آهي. شاگردي واري زماني ۾ به ھن شخص پنهنجي همعصرن جي هر ممڪن مدد ڪئي. ولھاري صاحب ڪڏھن به بيحسي جي هن دور ۾ به پنهنجي اندر جي حساسيت کي ڪڏهن به مرڻ نه ڏنو. ڇو ته انسانيت ئي ماڻھو جي سڀ کان وڏي سڃاڻپ ھوندي آهي. اڄ جڏهن هو ضلعي عمرڪوٽ جا وائيس چيئرمين ضلعه ڪائونسل طور خدمتون سرانجام ڏئي رھيا آهن ته سندن نظر ۾ اهو عهدو اختيار کان وڌيڪ ذميواري آهي. هو چاهين ٿا ته سندن آفيس مان ڪوبه ماڻهو نااُميد ٿي واپس نه موٽي. تعليم، صحت، بنيادي سهولتن ۽ عوام جي جائز مسئلن کي لاڳاپيل ادارن تائين پهچائڻ ۽ انهن جي حل لاءِ سنجيده ڪوششون ڪرڻ کي هو پنهنجي بنيادي فرضن ۾ شمار آھي. سندس خيال آهي ته عوامي نمائندو تڏهن ئي ڪامياب چئبو، جڏهن ماڻهن جي اميدن تي پورو لهي. تعليم سندن شخصيت جو سڀ کان اهم محور آهي. فوڪل پرسن ايجوڪيشن جي حيثيت سان ھن چيو ته هر ٻار تائين معياري، برابري ۽ شموليت تي ٻڌل تعليم پهچائڻ ئي حقيقي ترقي جو بنياد آهي. سندن ترجيحن ۾ اسڪول کان ٻاهر رهجي ويل ٻارن کي تعليم ڏانهن واپس آڻڻ، استادن جي پيشاوراڻي صلاحيتن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، شاگردن ۾ تخليقي ۽ تنقيدي سوچ پيدا ڪرڻ ۽ والدين، استادن ۽ سماج جي گڏيل سهڪار سان بهتر تعليمي ماحول جوڙڻ شامل آهي.
آئون وڏي فخر سان چوان ٿو ته ضلعي عمرڪوٽ تعليم جي حوالي سان سنڌ جي نمايان ضلعن ۾ شمار ٿئي ٿو. هي ڪاميابي رڳو ڪنهن هڪ اداري يا فرد جي نه، پر استادن، والدين، تعليم کاتي ۽ سماج جي گڏيل جدوجهد جو نتيجو آهي. اڳتي اميد آهي ته مستقبل ۾ به تعليم جي معيار ۾ وڌيڪ سڌارو ايندو ۽ عمرڪوٽ علم جي روشني سان وڌيڪ روشن پڻ ٿيندو. سرڪاري اسڪولن جي بهتري بابت ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته اسڪولن جي باقاعده نگراني، استادن جي حاضري، شاگردن جي داخلا ۾ واڌ، اسڪول ڇڏي ويندڙ ٻارن جي واپسي، صاف پاڻي، واش روم، فرنيچر، عمارتن جي مرمت ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي عملي قدم کنيا پيا وڃن. ڳوٺاڻن علائقن بابت فڪر به ساڳيو ئي حساس آهي. آئون سمجهان ٿو ته ترقي جو سفر تڏهن مڪمل ٿيندو، جڏهن هر ڳوٺ تائين معياري تعليم پهچندي، خاص طور تي نياڻين لاءِ اهڙو محفوظ ۽ سازگار ماحول پيدا ڪيو ويندو، جتي هوءَ بنا ڪنهن رُڪاوٽ جي پنهنجي تعليم جاري رکي سگهن. ميان خالد ولھاري جي شخصيت جو ٻيو نمايان پاسو سندس انسان دوستي وارو آهي. هو غريب، مسڪين ۽ ضرورت مند ماڻهن جي مدد کي ڪنهن سياسي تشهير يا ذاتي مفاد سان نه، پر اخلاقي ذميواري سان جوڙين ٿا. سندن خيال آهي ته معاشرو تڏهن ترقي ڪندو، جڏهن طاقتور ماڻهو ڪمزور ماڻهن کي به پاڻ سان گڏ کڻي هلندا. هو عوام سان سڌي رابطي کي قيادت جو اصل حُسن سمجهي ٿو سندس چوڻ آهي ته جڏهن ماڻهو بنا ڪنهن خوف ۽ رڪاوٽ جي پنهنجا مسئلا بيان ڪن ٿا تڏهن ئي صحيح فيصلا ڪرڻ ۽ حقيقي خدمت ڪرڻ ممڪن ٿئي ٿي. سندن چوڻ آهي ته سندن ڪاميابي والدين جي دعائن، دوستن جي محبت ۽ بزرگن جي رهنمائي جو نتيجو آهي. خاص طور تي پاڻ سائين سردار شاھ کي پنهنجو فڪري استاد سمجھن ٿا، جن جي علم، تدبر ۽ گفتگو مان پاڻ گهڻو ڪجهه سکيو اٿن. مستقبل ۾ اسان عمرڪوٽ جي تعليم عوام جي ھر روز مسئلن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري امن پسند ۽ سٺي شھري ھجڻ جو ثبوت ڏينداسين. اڄ جي دور جو نوجوان مستقبل جو معمار آھي، ڪوشش ڪري نوجوانن کي ٽيڪنالاجي سان گڏ پنھنجي تعليم تي صحيح طريقي سان ڌيان ڏين، وقت جو قدر ڪن، نوجواني وارو وقت ھڪ دفعو نڪري ويو پوءِ پڇتاءُ کانسواءِ ٻيو ڪوبه رستو ناھي. ڇو ته مستقبل انهن ماڻهن جو هوندو، جيڪي سکڻ جو سفر ڪڏهن به بند نٿا ڪن.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟