عوام، اقتدار، جدليات ۽ نون صوبن جو سوال
Tufail Magsi
ڪالم نگار
مارڪس چيو هو: “سڄي دنيا جا مزدور متحد ٿي وڃو!”، پر لينن انهيءَ تاريخي صدا کي هڪ نئين جاگرافيءَ ۾ منتقل ڪيو. هن سمجهي ورتو هو ته انقلاب جي تاريخ يورپي صنعتي ڪارخانن ۾ نه لکي ويندي. اوڀر جو محڪوم عوام به تاريخ جو فعال رعايا بڻجي سگهي ٿو. اهڙو رعايا جيڪو ٻاهرين سامراجي حڪمراني ۽ اندرئين استحصالي طبقن، ٻنهي کي چيلينج ڪري. اڄ پاڪستان جي سياسي منظرنامي تي به هڪ نحوست گردش ڪري رهي آهي. اها مزدور جي نحوست ئي ناهي؛ بلڪه اها پيڙهيل طبي جي نحوست آهي. اهي ماڻهو جيڪي رياست جي مرڪز ۾ موجود ناهن، پر رياست جو بار پنهنجن ڪلهن تي کڻن ٿا. اهي ماڻهو جيڪي آئين ۾ برابر جا شهري آهن، پر اقتدار جي عملي سڃاڻپ ۾ حاشيي تي بيٺا آهن. اهي ماڻهو جيڪي وسيلا پيدا ڪن ٿا، پر وسيلن جي ورهاست ۾ انهن کي اختيار نٿو ملي. اهي ئي پيڙهيل ماڻهو هينئر طاقت جي پراڻن قلعن جي دروازن کي کڙڪائي رهيا آهن ۽ هتي مارڪس جي “طبقاتي جدوجهد”، هيگل جي “جدليات” ۽ نٽشي جي “قوت ارادي” اهي ٽئي هڪ عجيب فڪري مقام تي هڪٻئي کي ڇهندي محسوس ٿين ٿا. اصل سوال صوبن جو ناهي، اقتدار جو آهي. نون صوبن جو مسئلو ظاهر ۾ جاگرافيائي يا انتظامي لڳي ٿو، پر ان جي تھه ۾ ڪيترائي بنيادي سوال لڪيل آهن ته رياست ڪنهن جي آهي؟، رياستي وسيلا ڪنهن جي لاءِ آهن؟، نمائندگي جو حق ڪنهن وٽ آهي؟ ۽ تاريخ جو ايندڙ باب لکڻ جو اختيار ڪنهن کي حاصل آهي؟ هتي اسان کي نٽشي جي تصور مان مدد وٺڻي پوندي. نٽشي اسان کي ياد ڏياري ٿو ته هر سياسي ۽ اخلاقي نظام جي پٺيان پاور جو لڪيل منطق هوندو آهي. اقتدار صرف پارليمنٽ، وزارت يا آئيني شين ۾ موجود ناهي هوندو، بلڪه اهو ادارن، ٻولي، تعليم، ثقافت، سڃاڻپ ۽ ايستائين جو ان تصور ۾ موجود هوندو آهي ته ڪير ڳالهائڻ جو حق رکي ٿو. جيتوڻيڪ سوال اهو ناهي ته “نوان صوبا ٺهن يا نه؟” وڌيڪ بنيادي سوال اهو آهي ته “صوبا ٺاهڻ جو حق ڪنهن وٽ هوندو؟” هتي هيگل جي جدليات داخل ٿئي ٿي. جتي حاڪم ۽ محڪوم جو تعلق ڪڏهن ماٺو نٿو رهي، جنهن حاڪم کي يقين هجي ته هو سدائين حاڪم رهندو، اهو تاريخ جي سڀ کان وڏي غلط فهمي ۾ مبتلا آهي. ڇاڪاڻ ته محڪوم صرف محڪوم ناهي رهندو، بلڪه هو پنهنجي تجربي مان شعور پيدا ڪندو هلندو آهي ۽ جڏهن شعور پنهنجي تاريخي حيثيت کي سڃاڻي وٺي ته محڪوم محض هڪ پرزو يا شيءِ نٿو رهي، پر هو تاريخ جوڙيندڙ بڻجي وڃي ٿو. اهوئي ئي اهڙو وقت آهي جنهن کان حڪمران طبقا خوفزده ٿيندا آهن.
پاڪستان جو ٽڪراءُ: پاڪستان جو موجوده سياسي ۽ معاشي ڍانچو به انهيءَ ٽڪراءُ جي ور چڙهيل آهي. هڪ پاسي اشرافيه، مرڪز پسند ۽ حڪران طبقو آهي، جيڪو رياستي طاقت جي موجوده ڍانچي کان فائدو وٺڻ ۾ مصروف آهي. ٻئي پاسي اها عوامي اڪثريت آهي، جيڪا مسلسل نمائندگي، وسيلن جي حصول، سڃاڻپ ۽ اختيار هئڻ جو مطالبو ڪري ٿي. حڪمران طبقو تبديلي جي ضرورت کي محسوس ته ڪري ٿو، پر هڪ بنيادي شرط سان گڏ. تبديلي اچي، پر اقتدار سندس هٿان نه وڃي. اهوئي جدلياتي تضاد آهي. اهي نظام کي بدلائڻ چاهين ٿا، پر طاقت جي واڳون پنهنجي هٿن ۾ رکڻ چاهين ٿا. اهي ادارتي طاقت چاهين ٿا، پر طاقت جي ورهاست جي حق ۾ ناهن. اهي نقشو تبديل ڪرڻ چاهين ٿا، مگر نقشي جي پٺيان موجود طبقاتي حقيقت کي ڇهڻ نٿا چاهين، پر تاريخ صرف نقشا نه بدلائيندي، بلڪه تاريخ طاقت جا لاڳاپا به بدلائيندي آهي، سامراجي حڪمرانيءَ جي شڪار دنيا به هن وقت هڪ وڏي تاريخي تبديلي مان گذري رهي آهي. عالمي طاقت جو پراڻو مرڪز هاڻي اڳ جهڙو ناهي رهيو. سامراجي حڪمراني صرف عالمي سياست جي تماشائي ناهي، بلڪه اهو نئين جيو پوليٽيڪل آرڊر جي جوڙجڪ ۾ وڌندڙ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پراڻو عالمي نقشو ٽٽي رهيو آهي ۽ هڪ نئون نقشو اڃان مڪمل طور تي وجود ۾ ناهي آيو. اهوئي “تاريخي حڪومتن، حڪمرانن يا اقتدار جي وچ وارو وقفو” آهي ۽ اهڙن ئي وقتي دورن ۾ پراڻي اقتدار جي قلعن ۾ ڏارون پيدا ٿينديون آهن. پاڪستان به انهيءَ عالمي تبديلي کان ٻاهر ناهي، پر هتي هڪ سوال وري اسان جي سامهون اڀري ٿو ڇا نئين جاگرافيائي جوڙجڪ عوام کي باختيار بڻائيندي يا پراڻي اقتدار کي نئين شڪل ڏيندي؟ اهو فرق بنيادي آهي. صوبو: نقشو نه، اقتدار جو هنڌ، صوبو صرف زمين جو هڪ ٽڪرو نه، بلڪه صوبو ٻولي آهي، صوبو سڃاڻپ آهي، صوبو وسيلا آهي، صوبو نمائندگي آهي، صوبو روزگار آهي، صوبو سياسي ايجنسي آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته صوبو اقتدار جي ورهاست جو هڪ ميدان آهي. انهيءَ ڪري نون صوبن جو مطالبو نه ته رڳو انتظامي مسئلو آهي ۽ نه انهيءَ کي صرف شناخت واري سياست ۾ ختم ڪري سگهجي ٿو. انهيءَ لاءِ ٻولي، سڃاڻپ، طبقو، طاقت، رهنمائي انهن سڀني جي گڏيل تعلق کي پاڻ ۾ ملائي هڪ پيڪيج جي طور تي سمجهڻ جي ضرورت آهي. عوام بنا ڪابه تاريخي تبديلي حقيقي ناهي. جيڪڏهن نون صوبن جي جوڙجڪ واقعي هڪ تاريخي ضرورت بڻجي وئي آهي ته ان جو فيصلو بند ڪمرن ۾ نه ٿيڻ گهرجي، ان جو فيصلو عوامي ارادي سان ٿيڻ گهرجي. نيون چونڊون ٿين، سياسي پارٽيون چٽي نموني ٻڌائين ته اهي نئين صوبائي تنظيم جي باري ۾ ڪهڙو موقف رکن ٿيون، عوام کي فيصلو ڪرڻ ڏنو وڃي، جيڪڏهن عوام پنهنجو چٽو مينڊيٽ ڏئي ٿي ته آئيني رستو اختيار ڪيو وڃي، باقي زور ۽ زبردستي سان صوبن کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ ملڪ کي هڪ ڀيرو وري ورهائڻ ڏانهن ڌڪڻ جي ڪوشش هوندي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن نوان صوبا عوامي راضپي بنا ٺاهيا وڃن ٿا ته ان ڳالهه جو مضبوط امڪان آهي ته اهي سڌارا آڻڻ بجاءِ هڪ نئون طاقت جو ڍانچو ٺهڻ ۾ مددگار ٿيندا. يعني پراڻي طاقت نئين اداري ۾، پراڻي اشرافيه نئين سرحد جي اندر ۽ پراڻو استحصال نئين آئيني نالي سان گڏ. اها حقيقي تبديلي نه، پر صرف اقتدار جي شڪل جي مٽاسٽا هوندي. اهوئي سبب آهي جو عوام کي سياسي عمل مان خارج نٿو ڪري سگهجي نه ئي ان کي خامومش ڪري سگهجي ٿو. وقتي طور تي دٻائي ته سگهجي ٿو، نمائندگي محروم به ڪري سگهجي ٿو، پر سدائين لاءِ ان کي تاريخ کان خارج نٿو ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ ته تاريخ جي پنهنجي هڪ جدليات هوندي آهي، جيڪو ٽڪراءُ حل نه ٿيندو آهي، اهو ختم ناهي ٿيندو، بلڪه واپس ايندو آهي. وڌيڪ طاقت سان، وڌيڪ شعور سان ۽ ڪڏهن ڪڏهن وڌيڪ خطرناڪ شڪل ۾ ايندو آهي. اهو هن وقت به پاڪستان جي رياست جي اقتدار جي دروازي تي بيٺو آهي ۽ پڇي رهيو آهي ته رياست ڪنهن جي آهي؟ وسيلا ڪنهن جا آهن؟ سڃاڻپ ڪير مقرر ڪندو؟ ۽ سڀ کان اهم نوان صوبا ڪير ٺاهيندو، حڪمران يا عوام؟ جواب چٽو آهي، حڪمران صرف نقشو تجويز ڪري سگهي ٿو، آئيني رستو ميسر ڪري سگهي ٿو، پر تاريخ جو حقيقي موڙيندڙ ۽ عملدار عوام آهي ۽ جڏهن عوام تاريخ جو عملدار بڻجي وڃي ته ڪوبه اقتدار سدائين لاءِ پنهنجي پراڻي شڪل ۾ قائم نٿو رهي سگهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟