مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

آغا نور محمد جو وڇوڙو: سنڌ جو صدمو ۽ هڪ علمي دور جي پڄاڻي

Naseem Bukhari

ليڪچرار (سنڌي)، سينئر صحافي، ڪالم نگار، شاعر

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪتاب اسان کي علم، ادب ۽ تخليق جي اهميت جو احساس ڏياريندو آهي، ڪتاب صرف ڄاڻ جو ذريعو ناهن، پر اهي انسان جي سوچ، شعور ۽ شخصيت جي تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. مطالعو انسان کي نون خيالن سان روشناس ڪرائي ٿو ۽ زندگي کي سمجهڻ جي صلاحيت وڌائي ٿو.
ڪتابن سان محبت هڪ مهذب، باشعور ۽ ترقي يافته معاشري جي ضمانت آهي. ان احساس ۽ جذبي کي عملي طور ھٿي وٺرائڻ وارو ماڻھو اسان کان بنا موڪلائڻ جي هميشه هميشه لاءِ موڪلائي ويو آھي.
آغا نور محمد پٺاڻ جي اوچتي وڇوڙي سان دل کي هڪ ڌڪ لڳو آهي، ڄڻ دل جي ڌرتيءَ تي ڪو زلزلو آيو هجي. ڏک ۽ درد جي اها ڪيفيت آهي، جنهن کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي ۽ اهڙي گهڙيءَ ۾ لفظن جو اظھار سان ساٿ ڏيڻ به انتهائي ڏکيو ٿي پوي ٿو، پر ان سڀ جي باوجود اها حقيقت آهي ته هو جيترو بهتر انسان هو، جيترو مثبت سوچ رکندڙ ماڻھو هو ۽ پنهنجي حيثيت آهر عوامي ڀلائي لاءِ جيترو ڪجهه ڪري سگهيو ٿي، سو سڀ ڪجهه هن ڪري ڏيکاريو. شايد انهن ئي نيڪين جو ڪو صلو هو، جو قدرت کيس انهن آزمائشن کان پري رکيو، انهن تڪليفن مان نه گذاريو ۽ انهن تلخ تجربن ۽ مشاهدن کان محفوظ رکيو، جيڪي ماڻھوءَ کي جيئرو هوندي به زندگيءَ کان بيزار ڪري ڇڏيندا يا انسانيت تان سندس ويساھ ئي کڻائي ڇڏيندا آھن. اسان جهڙن معاشرن ۾ ماڻهو رٽائرمينٽ کانپوءِ ڇا ڪندو آهي؟، پر تنهائيءَ جي باوجود هن انسان رٽائرمينٽ کانپوءِ جنهن انداز سان پنهنجي زندگي گذاري، ماڻهن کي ذهني طور سجاڳ ڪيو، شاگردن ۽ استادن سان خطاب ڪيا، علم ۽ ڪتاب دوستيءَ جا نوان رنگ ڏيکاريا ۽ اهو احساس ڏياريو ته معاشي غربت کان به وڌيڪ ذھني غربت خطرناڪ ۽ نقصانڪار ھوندي آهي. اهي ڳالهيون رڳو چوڻ ۽ ٻڌڻ تائين محدود نه هيون، پر آغا نور محمد پٺاڻ جي زندگيءَ جون عملي معمول پڻ هيون. هو اڪثر شاگردن کي نصيحت ڪندي چوندو ھو، “ڪتاب اسان جا بهترين دوست آهن، ڪتاب پڙهڻ سان اسان جي ذهني افق ۾ وسعت اچي ٿي ۽ اسان کي بهتر زندگي گذارڻ جو طريقو سيکاري ٿو.” ۽ اها افسوس جي ڳالهه آهي ته اڄڪلهه سوشل ميڊيا جي غير ضروري استعمال سبب ڪتاب پڙهڻ جو رجحان گهٽجي رهيو آهي. تنهنڪري ضروري آهي ته اسان پنهنجي زندگيءَ کي هڪ مقرر وقت جي جدول (ٽائيم ٽيبل) مطابق گذاريون، ڇو ته جيستائين اسان پنهنجا مقصد مقرر نه ڪنداسين، تيستائين ڪاميابي حاصل ڪرڻ ممڪن نه ٿيندي.
آغا نور محمد صاحب پاڪستان جي سمورن ڊويزنل هيڊڪوارٽرن ۾ حضرت علامه مشرقيءَ جي تصنيفن جي مطالعي لاءِ هڪ ڊيسڪ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن جي شروعات مارچ مهيني ۾ ملتان هاءِ ڪورٽ بار ڪائونسل جي لائبريريءَ مان ڪئي وئي. اتي آغا صاحب مرحوم خاڪسار قائد خان محمد اشرف خان جي پٽن خالد اشرف خان ۽ محمود اشرف خان سان ملاقات ڪري علامه مشرقي ڊيسڪ جي شروعات ڪئي. مرحوم سکر، راولپنڊي، اسلام آباد ۽ حيدرآباد جي سرڪاري لائبريرين ۾ پڻ علامه مشرقيءَ جي تصنيفن لاءِ ڊيسڪ قائم ڪرايا. مرحوم آغا نور محمد حضرت علامه مشرقيءَ جي ڪتاب “حديث القرآن” جو 90 سيڪڙو انگريزي ترجمو پڻ مڪمل ڪري ڇڏيو هو ۽ ان جي اشاعت به هن ئي سال ٿيڻ واري هئي، پر زندگيءَ کين ان ڪم کي پڄاڻيءَ تائين پهچائڻ جي مهلت نه ڏني.
دنيا جي تاريخ ان حقيقت جي گواهه آهي ته ڪابه قوم رڳو روڊن، عمارتن يا معاشي ترقيءَ سان عظيم نٿي بڻجي، پر ان جي اصل طاقت ان جا باشعور، ذميوار ۽ باڪردار شهري هوندا آهن. اهڙا شهري اوچتو پيدا ناهن ٿيندا، پر انهن جي فڪري ۽ اخلاقي تربيت هڪ ڊگهي تعليمي ۽ سماجي عمل ذريعي ٿيندي آهي. ان عمل ۾ لائبريرين جو ڪردار بنيادي حيثيت رکي ٿو. لائبريري دراصل هڪ اهڙي درسگاهه آهي، جتي انسان مختلف خيالن، تجربن، تهذيبن ۽ علمن سان واقف ٿئي ٿو. ڪتاب انسان کي رڳو معلومات فراهم نٿا ڪن، پر ان جي اندر سوچڻ، سوال ڪرڻ، دليل کي سمجهڻ، اختلافِ راءِ کي برداشت ڪرڻ ۽ ٻين جي نقطهءِ نظر کي ڄاڻڻ جي صلاحيت پڻ پيدا ڪن ٿا. لائبريريون اهڙا معاشرا پيدا ڪن ٿيون جن ۾ نفرت، تعصب ۽ تشدد بدران ڳالهه ٻولهه، برداشت ۽ دليل کي اهميت ڏني ويندي آهي. لائبريريون رڳو سٺا شهري ئي پيدا نٿيون ڪن، پر مستقبل جا سٺا اڳواڻ، منتظم، استاد، جج، سياستدان ۽ حڪمران پڻ تيار ڪن ٿيون، جيڪي نوجوان ڪتابن سان دوستي رکن ٿا، اهي تاريخ جي تجربن مان سکندا آهن، مختلف قومن جي عروج ۽ زوال کي سمجهندا آهن ۽ فيصلا ڪرڻ جي بهتر صلاحيت حاصل ڪندا آهن. اهي ئي نوجوان اڳتي هلي ملڪ جي اهم ادارن ۾ قيادت جون ذميواريون سنڀاليندا آهن.
جيڪڏهن اسين به چاهيون ٿا ته هڪ مهذب معاشرو اڏيون ته اسان کي لائبريرين، ڪتابن ۽ مطالعي جي ثقافت کي هٿي ڏيڻي پوندي. آغا امجد خان دراني جي ڪتاب جي مهاڳ ۾ سنڌ لاءِ پنھنجي ذات وارن ماڻھن جي خدمتن جو جائزو وٺندي لکيو ھئائين ته: سنڌ ۾ سنڌي پٺاڻن جون سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڏيون خدمتون آهن جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي تاجدار شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي کان شروع ٿين ٿيون جنهن جي شاعري سنڌي ٻوليءَ جو پوري دنيا ۾ مانُ مٿانهون ڪيو، جنهن جي شاعريءَ کي عالمي سطح تي مڃتا ملي، ان جا وڏا به افغان هئا ۽ اتان هجرت ڪري سنڌ ۾ آيا. هاڻي واري دور ۾ آغا محمد يعقوب خان شاهه سائين جي ڪلام جو مڪمل 30 سُرن جو انگريزي ۾ ترجمو ڪيو، ان کانپوءِ آغا سليم اردو ۽ انگريزي ۾ منظوم ترجمو ڪيو، آغا غلام نبي صوفي سچل سرمست جي ڪلام کي مرتب ڪري رسالي جي شڪل ۾ ڇپرايو. آغا عبدالنبي عليگ ان جو ڀاءُ ۽ پراڻو آءِ سي ايس آفيسر سابق ڪمشنر بهاولپور سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين جي حيثيت ۾ سنڌي ٻوليءَ تاريخي ۽ ادبي ڪتابن کي جديد اشاعت جي زيورن سان آراسته ڪيو، پاڻ به سنڌي ٻوليءَ جو وڏو شاعر هو ان جي وڏن آغا قادر داد خان دراني شڪارپور ۾ سنڌ جي شاگردن کي اسڪالرشپون ڏئي تعليم جي زيور سان مزين ڪيو، سکر جي گرلس ڊگري ڪاليج آغا نظام الدين خان بابڙ ٺهرائي. هاڻي وري ڏسو ته ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ گل حيات انسٽيٽيوٽ خير محمد آريجن جي ڳوٺ ۾ قائم ڪري سنڌ جي تاريخي دستاويزات کي محفوظ بڻايو آهي. پروفيسر بشير احمد شاد لاڙڪاڻي ۾ سچل ادبي مرڪز قائم ڪري وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ ان جا فرزند ڊاڪٽر رضوان گل ۽ ڊاڪٽر احسان دانش مسلسل ادب جي خدمت ڪري رهيا آهن. پروفيسر ڊاڪٽر شاد صاحب ڪئي تحقيقي ڪتاب لکيا ۽ شاعري ۾ پنهنجو مقام ٺاهيو. لاڙڪاڻي جي ٻئي پٺاڻ اديب محمد علي پٺاڻ نه فقط شاعري، پر ناول، تحقيق، تنقيد، ڪهاڻي، ڊرامن ۾ 30 ڪتاب لکيا آهن. شڪارپور جي اقبال ترين سنڌ جي شاگردن ۾ قومي، سماجي ۽ سياسي شعور اجاڳر ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ سنڌي ڊرامن ۾ به وڏو ڪردار ادا ڪيو. ڊاڪٽر عبدالقدير خان افغان (اي ڪيو افغان) لکي تعلقي جي قاضي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو جيڪو باني پرنسپل سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج هاڻوڪي مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جنهن سنڌ ۾ انجنيئرنگ تعليم کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سنڌي فلمن ۽ ڊرامن ۾ شهباز درانيءَ جو نالو ڪنهن کان ڳجهو آهي؟ هن سنڌي ٻوليءَ ۽ فن اداڪاري ۾ عالمي شهرت حاصل ڪئي. اهي سڀ ڪمال جا اديب، شاعر ۽ فنڪار هيا. هاڻي آغا ثناءُ الله خان پٺاڻ سنڌي ڪافي ۽ غزل ۽ فن موسيقيءَ ۾ پنهنجو وڏو نالو پيدا ڪيو آهي. اسان جي شڪارپور جي ڳوٺ زرخيل ۾ آغا حاجي قمرالدين ترين جي سنڌي ۽ پشتو شاعري جو مسودو مون ڪابل جي ميوزيم ۾ ڏٺو. انهيءَ ڳوٺ جي مدد خان ترين سگهڙائپ ۽ قصه، داستان گوئي ۾ وڏو نالو ڪمايو.
شڪارپور جي حاجي باران خان شڪارپور ۾ دارالفيوض جي نالي سان مدرسو قائم ڪيو جنهن جي هاڪ وچ ايشيا جي ملڪن تائين هئي ۽ ان جا شاگرد هتي پڙهندي ماڻهن ڏٺا. حيدرآباد جي پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ سنڌ جي تاريخ کي سنڌي ۾ مرتب ڪيو ۽ عربن جي دور تي وڏو ڪم ڪيو. ڳڙهي ياسين جي آغا بدر عالم دراني سنڌي ٻوليءَ ۾ سفرنامه حجاز ڪمال جو ڪتاب لکيو ۽ ڳڙهي ياسين ۾ پنهنجي خرچ تي “آشيانه ادب” جي نالي سان شاهي لائبريري ٺهرائي ۽ ان ۾ هزارين تاريخي ڪتاب ۽ قلمي مسودا رکيا جيڪي اڄ تائين اتي موجود آهن. اها شڪارپور ضلعي ۾ پهرين “سنڌيالوجي” وانگر لائبريري آهي، جيڪا آشيانه ادب جي نالي سان هن قائم ڪرائي ۽ ان ۾ فيض احمد فيض کان وٺي جرمن اسڪالر ڊاڪٽر اين ميري شمل تائين قومي ۽ عالمي سطح جا اهل قلم ايندا هئا جنهن کانپوءِ ان جي سلسلي کي آغا ممتاز خان دراني جاري رکيو ۽ سنڌي ۾ مشاعرا ڪرائيندو رهيو.
آغا نور محمد پٺاڻ جو جنم 15 اپريل 1955ع ۾ دوست محمد پٺاڻ جي گهر ۾ تاريخي ۽ علمي شهر شڪارپور ۾ ٿيو. پاڻ ابتدائي ۽ بنيادي تعليم پنهنجي اباڻي شهر شڪارپور مان حاصل ڪئي. اسلامڪ ڪلچر ۽ اقتصاديات (Economics) ۾ ايم. اي جون ٻه ڊگريون حاصل ڪيون. سندس لاڏاڻي کانپوءِ ڪيترن پراڻن ساٿين ۽ ادبي شخصيتن کيس اسلامي جميعت طلباءِ سنڌ جو اڳوڻو ناظم طور پڻ ياد ڪيو آهي. هن عهدي جي صحيح سالن بابت اڃان پڪو دستاويزي رڪارڊ هٿ نه آيو آهي، تنهنڪري سال لکڻ کان پاسو ٿو ڪيان. پاڻ ڪهاڻيڪار، نقاد، مترجم، مضمون نگار، مرتب ۽ ادبي منتظم طور سڃاتا ويا. سندن لکڻ ۽ ادبي ادارن سان وابستگي آهستي آهستي سنڌي ادبي دنيا ۾ کين نمايان حيثيت ڏياري. سنڌ جي سماجي، اقتصادي، ثقافتي ۽ علمي سوالن بابت سندس دلچسپي سندس لکڻين جو مستقل موضوع رهيو. 1990ع کان سندس نالو اڪيڊمي ادبيات پاڪستان جي ڪراچي مرڪز جي اهم منتظم طور باقاعدي دستاويزي رڪارڊ ۾ نظر اچي ٿو. 12 نومبر 1990ع ۾ چيني اديبن جي وفد جي آجيان ڪيائون. ان وقت پاڻ اڪيڊمي ادبيات پاڪستان جي ريجنل ڊائريڪٽر جي حيثيت سان وفد جو استقبال ڪيو. هي حوالو سنڌي ادبي بورڊ جي ان وقت جي ادبي خبر نامي ۾ محفوظ آهي. پاڻ ڪيترائي مشاعرا، سيمينار، ادبي ڪانفرنسون ۽ اديبن سان شامون، رهاڻيون ۽ نشستون منعقد ڪيون. سندن نالي سان 17 اپريل 1993ع، ڪراچيءَ مان لکيل هڪ تفصيلي ادبي تحرير محفوظ آهي، جنهن ۾ غلام رباني آگري جي نثر ۽ سنڌي ادبي روايت جو تنقيدي اڀياس ملي ٿو. اهو پڻ ثابت ڪري ٿو ته سندس ڪردار صرف انتظامي نه، پر سنجيده نقاد ۽ پڙهندڙ وارو پڻ هو.
شيخ اياز جي وفات کانپوءِ ڪراچيءَ کان ڀٽ شاهه تائين سندس آخري سفر ۾ آغا نور محمد پٺاڻ پڻ شامل هو. سندس اهم خدمتن مان هڪ سنڌ ۽ بلوچستان جي اديبن جي وفد کي پنجاب، سرحد (هاڻوڪو خيبر پختونخواهه) ۽ بلوچستان جو دورو ڪرائڻ هو. جنهن جو مقصد سڌو سنئون اديبن جي وچ ۾ رابطو، فڪري گفتگو، ثقافتي واقفيت ۽ ادبي ڀائيچارو پيدا ڪرڻ هو. سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي مهراڻ 2000ع ۾ براهوي ليکڪ آغا گل جي ڪهاڻي “پوغٽ” جو سنڌي ترجمو آغا نور محمد پٺاڻ جي نالي سان شايع ٿيو. جيڪو سندس مترجم واري سڃاڻپ جو سڌو دستاويزي مثال آهي. 23 مارچ 2004ع ۾ پاڻ سنڌ جي سگهڙن ۽ لوڪ ادب کي منظم ڪرڻ لاءِ سنڌ سڄاڻ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم-سلات (SALAT) جو تنظيمي بنياد رکيو. کين سلات جو اصل باني چوڻ بدران “سرپرستِ اعليٰ يا اهم فڪري/ادبي سرپرست” چوڻ وڌيڪ درست ٿيندو. پاڻ 8 مئي 2004ع پهرين آل سنڌ سگهڙ ڪانفرنس پير حسام الدين راشدي آڊيٽوريم، سنڌالاجي، ڄامشورو ۾ سلات جي باقاعدي افتتاحي تقريب ڪندي منعقد ڪئي. جنهن جي صدارت ان وقت جي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر مظهرالحق صديقي ڪئي. 1990ع 2009ع ٻن ڏهاڪن جو ادبي انتظامي رڪارڊ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا موجب هن عرصي دوران آغا صاحب اڪيڊمي ادبيات جي پليٽ فارم تان سوين ادبي پروگرام منعقد ڪرايا. 10 جون 2009ع تائين ٻين صوبن جي اديبن جو سنڌ دورو جنهن ۾ پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان جي نامور اديبن کي سنڌ جي اهم ادبي ادارن جا دورا ڪرايا. 2011ع ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان سندن علمي رابطو ٿيو. 2013ع ۾ پڻ پاڻ اڪيڊمي ادبيات سنڌ جو ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر رهيو. 2013ع جون معتبر اخبارون کيس پاڪستان اڪيڊمي ادبيات سنڌ چيپٽر جو ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر ڄاڻائين ٿيون. پاڻ 2015ع ۾ سرڪاري ملازمت تان رٽائر ٿيو. جنهن کانپوءِ پاڻ هڪ نئين علمي مشن
جو آغاز ڪيو. جنهن ۾ مطالعي جي عادت، ننڍيون لائبريريون، اسڪولن ۾ ڪتاب پهچائڻ، نوجوان نسل ۾ پڙهڻ جو رجحان وڌائڻ سندن محبوب مشغلا رهيا. انڊس ڪاٽيج لائريريز نيٽورڪ قائم ڪري پاڻ اسلام آباد مان ويهي هڪ اهم ذميداري نڀائي ۽ سنڌ سوڌو پاڪستان جي چئني صوبن ۾ ڪيتريون ئي لائبريريون قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. جنهن جا پاڻ چيئرمين، چيف ڪوآرڊينيٽر، چيف ايگزيڪيوٽو رهيا. انڊس ڪاٽيج لائبريريز نيٽورڪ وسيلي مختلف تعليمي ادارن ۾ ڪتاب ۽ لائبريريون قائم ڪرڻ ۾ پاڻ تمام گهڻا متحرڪ رهيا. سندس نيٽورڪ پاران آغا ممتاز خان دراني ميموريل لائبريري جي قيام جو ذڪر نه وسارڻ گهرجي. سندس مقصد صرف ذاتي لائبريري ٺاهڻ نه، پر نوجوان نسل کي پڙهڻ ڏانهن راغب ڪرڻ هو. پاڻ هميشه سنڌ جي اديبن، شاعرن، دانشورن سان رابطي ۾ رهندا هئا. سندن مٿين ڪمن کان علاوه اهم تصنيفون ۽ علمي ڪم به نٿو وساري سگهجي. جنهن ۾ سندن ڪتاب “پاڪستان جا صوفي شاعر”، “پنجاهه چونڊ افسانا”، “سنڌ جا سماجي ۽ اقتصادي مسئلا”، “سنڌي ڇپيل ڪتابن جو پنج سالا جائزو 1985ع کان 1990ع” “سنڌي لوڪ ادب”، “ٺٽي ضلعي جا چونڊ شاعر” ان کانسواءِ مختلف رسالن، ڪتابن ۽ اخبارن ۾ ڪهاڻيون، ترجما، ڪتابن جا مهاڳ، ادبي تبصرا، تنقيدي مضمون، ثقافتي ۽ سماجي موضوعن تي تحريرون پڻ شايع ٿينديون رهيون.
آغا نور محمد پٺاڻ ڪجهه ڏينهن جي علالت ۽ علاج کانپوءِ 19 آگسٽ 2026ع تي اسلام آباد ۾ وفات ڪئي. سندن لاڏاڻو صرف هڪ ليکڪ يا سرڪاري ادبي منتظم جو وڇوڙو ناهي؛ سنڌ هڪ اهڙو شخص وڃايو آهي، جنهن پنهنجي زندگيءَ جا کوڙ سارا ڏهاڪا علم، ادب، سنڌي ٻولي، صوفي فڪر، لوڪ ادب، بين الصوبائي ادبي رابطن، سگهڙن، ڪتابن ۽ لائبريرين لاءِ وقف ڪيا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو