وفاقي ۽ صوبائي اقتدار جي سياست ۾ مخالف ڌر جو جذباتي رد عمل
نيٺ وفاق سنڌ حڪومت جي ڊگھي مدي واري حڪومت مان بيزار ٿي پيو. نجات لاءِ سسٽم ناڪاره قرار ڏيڻ سان گڏ بغاوت لاءِ راھ هموار ڪرڻ جي ڪوشش، ناڪام مخالف ڌر ٻيھر ايم آر ڊي تحريڪ لاءِ تيار بيٺل ھنبوشي شروع “جھان کي ڏيو مبارڪون اسين پيا ڪاهيندا اچون، نه منزل آھي نه منزل جو نشان.”
بحران ڪجھه ناھي رڳو بھانو آهي، اصل ۾ سنڌ جي ڊگھي مدي واري حڪومت مان بيزاري آهي، ٻيو سنڌ ۾ مخالف ڌر فنڪشنل ليگ ۽ ايم ڪيو ايم کي اقتدار ۾ آڻڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. اشرافيه جو اقتدار وري خطري ۾ مخالف ڌر کي ھنبوشيءَ لاءِ ٻيھر ٺيڪو ملي ويو، مظلومن کي روڊ تي گھلڻ لاءِ دھلڙي سان گڏ مڱڻھار، صحافي گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويا. سنڌ جي انتظامي تقسيم اصل ۾ سنڌ جي اقتدار تي اشرافيه جي ھڪ ھٽي خلاف مخالف ڌر جي اقتدار ۾ شرڪت لاءِ راھ هموار ڪرڻ آهي. سنڌي قوم کي جذباتي بڻائي اشرافيه پنھنجو اقتدار بچائڻ چاهي ٿي. سياست ڪنھن وقتي مسئلي تي نه، پر اقتدار تان بدعنوان حڪومت جي برطرفي ھوندي آهي جيڪا نه ٿي سگھي آھي. گذريل پنجاھ سالن کان ساڳي اشرافيه جي حڪومت رھندي پئي اچي، مخالف ڌر رڳو مظلومن کي گھلڻ ۾ پوري آهي.
ناڪام مخالف ڌر جي سياست کي سياست چمڪائڻ جو بھانو ملي ويو ڄڻ ھنن جي وزارت کي لوڏو اچي ويو ھجي، اھڙن مسئلن تي واويلا جن جو مظلومن سان ڪو سڌو سنئون واسطو ئي ناھي، جيئن پاڻي، نوان صوبا .
ڀٽي جي بالغ ووٽ جي حق ڏيڻ سان اشرافيه پنھنجي اقتدار لاءِ عوامي حمايت حاصل ڪئي ۽ اسيمبلي ۾ اچي آئيني تحفظ حاصل ڪري ورتو، جيڪا ڳالهھ مون پنھنجي ڪتاب “ھمعصر سياست ادب” ۾ ڪئي، اڄ ساڳيو سوال فوج ڪري رھي آھي.
ڪاش جيتري غيرت جو مظاهرو سنڌ جي تقسيم تي ڪيو پيو وڃي ايتري غيرت سنڌ جي اقتدار تي اشرافيه جي قبضي خلاف ڪن ته جيڪر اھڙي فيصلي جي نوبت ئي پيش نه اچي، پر افسوس مظلومن جي محبت به مظلوم ئي آهي .
سنڌ جي نمائنده حڪومت سنڌ جي تقسيم تي خاموش، مصلحت جو شڪار بڻيل آهي. سنڌي مخالف ڌر جي قيادت ان کان پڇاڻو ڪرڻ بدران ايجنٽن جي بيانيي تي رد عمل سان روڪڻ جي ڪوشش پئي ڪري.
ڌرڻي ۾ ويٺل نوجوان ڇا ڪن؟ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو بائيڪاٽ ڪن. ڪير به ٽيسٽ ۾ نه ويھي، نه فارم ڀرائي پاڻھي ادارو بند ٿي ويندو يا لائين تي اچي ويندو. ڌرڻي سان ڪجھه نه ٿيندو، اداري خلاف بائيڪاٽ جو مطالبو ڪن.
گم ٿيل ٻارڙن لاءِ سرگرم سول سوسائٽي حڪومت جي تمام سرڪاري تقريبن، پروگرامن ۽ اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪن، انشاءَ الله ڪاميابي ملندي. اڪثر نامور اديبن تي تنقيد جو سبب اهو به آهي ته ھنن مخصوص لابي کانسواءِ ڪنھن سان ڪا رھائي آهي ، نه وري ڪو تعلق جوڙيو آهي. جديديت پڄاڻان جي موضوع تي جن ڳالھايو آهي، انھن وٽ روايتي ڪتابن جو علم آهي نه ڪي تنقيدي شعور يا بصارت جن ۾ غفور ميمڻ، مبارڪ لاشاري، اڪبر لغاري، جامي چانڊيو، مسرور شاھ شامل آهن، انھن سان اختلاف راءِ رکندڙ، انھن جي بيانيي کان انڪار ڪندڙ، انھن کان سوال ڪندڙ اصل انحراف ڪندڙ، تنقيدي شعور کي ڳولهڻ کپي.
ھمعصر دور جا وڏا دانشور اصل ۾ روايتي بيانيي جا پوئلڳ تشريحي دانشور آھن، جن وٽ نئين ڳالھه ڪرڻ لاءِ ڪجھه ناھي، نه وري ھنن وٽ دريافت، معرفت ۽ تنقيدي شعور يا بصارت آهي جو مروج بيانيي کان انڪار ڪري سگھن.
جديديت پڄاڻان کي ھمعصر ادب سان ڀيٽ ڪري ڪو ڇيد ڪري ٻڌائڻ بجاءِ ساڳي روايتي ڳالھه پيو ڪري جيڪا اڳ ۾ ڪري چڪو آهي. ھمعصر ادب جو سياست ھٿان مغلوب ٿيڻ، پنھنجي انفرادي سڃاڻپ وڃائڻ جو سوال اھم آھي.
لطيف شناس دانشورن کان ڪير پڇي ته ھنن ڪڏھن ڀٽائيءَ جو مان رکڻ، مخصوص لابي جي ساڳين اديبن کان مقالا پڙھائڻ، سنڌ حڪومت جي انساني حقن جي خلافي ورزي، پبلڪ سروس ڪميشن مسئلي تي لطيف ادبي ڪانفرنس جو بائيڪاٽ ڪيو. ادب جو عروج تڏھن ھو جڏھن ھن سياست کي جذبات، رومانس سان آسمان تي پھچايو، مظلومن جي آھ تي ساھ ڏنو، سياست جي رومانس مان ھوا نڪرڻ سان گڏ ادب جو پڻ رومانس ختم ٿي ويو آهي، ھاڻي ادب صحافت کي سياست جي لونڊي بڻايو ويو آهي.
لاھور يونيورسٽي “سسٽم ۽ نئين صوبي جي موضوع” تي مذاڪرو گفتگو مڪالمو ڪرائي پاڪستان جي سياست، ميڊيا ۽ ادب جي صاحب راءِ دانشورن کان موضوع تي ھڪ ڀروسي جوڳو مضبوط مدلل معقول بصيرت ڀريو نقطهءِ نظر سامھون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر افسوس سنڌ ميڊيا، سياست، ادب طرفان اھڙو ڪو مڪالمو به نه ڪري سگھي آهي، رڳو انفرادي جذباتي رد عمل سامهون اچي رهيا آهن، جن سان ڪجھه به حاصل نٿو ڪري سگھجي.
ھن فورم مذاڪري جي خصوصيت ھن ۾ مقتدر قوتن جي موجوده بيانيي سان گڏ ماضي جي سياست، فيصلن تي شديد تنقيد طنز سامھون آئي آهي، جنھن سان جاري بيانيي جي سخت مخالفت ٻڌڻ ۾ آئي آھي.
جتي چار صوبن جو انتظام نٿو سنڀاليو وڃي اتي وڌيڪ صوبن جا معاملا ڪيئن طئي ٿي سگھندا؟ جتي صدر، وزيراعظم بي اختيار ھجي اتي مقامي ادارن کي خود مختيار بڻائڻ جو سوال ڪيئن ممڪن ٿيندو؟ جتي سياسي قيادت پنھنجي سياست ۾ واضح مقصد نه رکندي ھجي رڳو ڪرسي بچائڻ جي پاليسيءَ تي بيٺل ھجي؟ جتي اليڪشن سان به قومي حڪومت جڙي نه سگھي ھڪ مخصوص اشرافيه اقتدار تي قابض ھجي؟ جتي بالغ ووٽ جي استعمال سان رڳو اشرافيه اقتدار ۾ چوندجي اچي، مخصوص خاندان ھر دفعي اسيمبليءَ ۾ نظر اچن؟
اھڙي حالت ۾ ڪھڙا آئيني، انتخابي سڌارا آڻڻ جي ضرورت آھي، ڪھڙي طريقي سان قومي حڪومت جوڙي سگھجي ٿي. ان لاءِ گفتگو مڪالمو مذاڪرات ٿيڻ کپن، تڏھن ڪنھن نتيجي تي پهچي سگھجي ٿو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟