مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ ۾ ميرٽ جي بحاليءَ لاءِ جاري جدوجهد!

Aftab Suleman Laghari ڪالم نگار/ڪهاڻيڪار

ٽنڊوالهيار لا ڪاليج ۾ قانون جو شاگرد.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ اندر ڊگھي عرصي کان ھڪڙي مخصوص ناني ويڙھي کي سرڪاري نوڪرين ۾ سفارش ۽ پئسن عيوض نوازڻ جو ڪڌو ڌنڌو جاري رھيو آھي، جنهن سبب سنڌ جي پڙھيل، باشعور، نوڪرين لاءِ اھل اميدوارن کي نوڪريون ڏيڻ بدران کين آپگھات ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو. ھن ڪڌي ڪاروبار ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن سميت خود سرڪار سان لاڳاپيل ماڻھو ملوث رھيا آھن جن کي انھن نوڪرين مان نوازيو ويو، انھن جا نااھل،آڱوٺي ڇاپ ٻار به رات پيٽ ۾ اھل بڻائي انھن کي آفيسر بڻائي سماج ۾ اھو مثال بڻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي ته سنڌ ۾ ناني ويڙھو ئي سڀ کان وڌيڪ طاقتور آھي، پر ھاڻ صورتحال بلڪل ان جي برعڪس آھي. ھاڻ انھيءَ مايوسي واري ماحول ۾ سنڌ جي ھزارين پڙھيل لکيل اھل نوجوانن جي اکين ۾ اميد جي ھڪڙي جوت جاڳي چڪي آهي. گذريل پندرهن ڏينهن کان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي آفيس آڏو ميرٽ بحالي جي جدوجھد جاري آھي. نوجوان، وڪيل، صحافي، عورتون، عام شھري وڏي انگ ۾ ڪئمپ تي شرڪت ڪري ھن جدوجهد کي ڏينھون ڏينهن نئون جوش جذبو بخشي رھيا آھن. ھاڻ ته انھن ميرٽ جي بحاليءَ لاءِ جاري ڪيمپ سان يڪجهتي طور سنڌ جي ھر شھر، واھڻ ۽ وستي ۾ ماڻهو روڊن تي نڪري رھيا آھن. دراصل ميرٽ جي لتاڙ جو مقصد رڳو اھل اميدوارن کان سرڪاري نوڪري جو حق کسي پنھنجا نوازي ۽ سفارش جي بازار گرم ڪرڻ ئي ناھي، پر ميرٽ جي لتاڙ کي جيڪڏهن پاڻ ڊگھي عرصي تائين سماج ۾ پوندڙ ان جي ناڪاري اثرن تي نظر وجهون ته اھو سڄي سماج کي ھڪ اھڙي اونداهي، اقرباپروي سان ڀرپور نظام جي حوالي ڪري ٿو، جتي تعليم، شعور وغيره سڀ ڪجهه پنھنجا سمورا سماجي ڪارج وڃائي رڳو ڪاروبار بڻجي پون ٿا. ظاھر آھي جڏھن سفارش ۽ پئسن تي نوڪريون وٺي اھي نااھل ماڻهو اسان جي ادارن جا واڳ ڌڻي بڻجن ٿا ته پوءِ اھي ڪو تخليقي ڪم ڪرڻ يا انھن ادارن جي جوڙجڪ ڪرڻ ادارن کي آئين ۽ قانون مطابق ھلائڻ، عوام جي خدمت ڪرڻ، پنھنجا پيشوراڻا،آئيني فرض سرانجام ڏيڻ بدران اھي نوڪري کي بار سمجھي رڳو ڀريل پئسا وصولي جو ذريعو سمجھندي وڌيڪ ڪرپشن جي بازار گرم ڪندي خود ادارن جي ٻيڙي ٻوڙڻ جو اھم سبب بڻجن ٿا. ڇاڪاڻ ته انھن ناني ويڙھي مان نوازيل نااھلن ۾ نه ته ايتري اھليت ھوندي آھي جو ھو ڪاميابي سان ڪو ادارو ھلائي سگھن ۽ نه وري انھن کي ان ڳالهه سان ڪو سروڪار ھوندو اٿن ته ڪو اھي ادارا عوام جي ملڪيت آھن، انھن کي صرف عوام جي خدمت ڪرڻي آهي، نتيجي طور ائين اسان جي ادارن جي تباهيءَ جو ھڪڙو سفر شروع ٿئي ٿو، جنھن سبب سماج ۾ مايوسي، بيوسي ۽ بيحسي جنم وٺي ٿي جنھن جي قيمت ھر ماڻھو چڪائي ٿو. سنڌ ۾ ھن وقت ان سموري صورتحال کانپوءِ ھاڻ جڏھن سنڌ جا نوجوان سندرو ٻڌي سنجيدگيءَ سان، حڪمت عملي سان سنڌ اندر ميرٽ جي مسلسل لتاڙ خلاف ھن وقت ميدان عمل ۾ آھن ته ان شاندار جدوجهد انھن نااھلن جي ناني ويڙھي وارن ھمراھن جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون آهن، جن حرام جي پئسن مان سدائين عام مسڪين ماڻھن جي ٻارن جي حقن تي ڌاڙو ھڻي پئسن عيوض پبلڪ سروس ڪميشن مان نوڪريون خريد ڪيون. ھيءَ ته اڃان شروعات آھي، مستقبل ۾ ھيءَ جدوجھد اڃان به وڌيڪ تيز ٿيندي ۽ سنڌ اندر ميرٽ ضرور بحال ٿيندي. ھن جدوجهد جي شروعات ڪندڙ سنڌ جي بي باڪ، بھادر نوجوانن سميت ھر ان فرد جي ھمت کي سوين سلام جيڪو ھن عظيم تحريڪ جو حصو آهي. ھي رڳو ميرٽ جي بحاليءَ جو سوال ناھي، پر ھي ھڪ نئين پڙھئي لکئي، باشعور سماج جي نئين سر اڏاوت جي ڳالهه آهي. تنھنڪري سڄي سنڌ کي پنھنجي ٻچن جي محفوظ مستقبل لاءِ، سفارش ڪلچر ۽ پنھنجا نوازي کان آجي ھڪ نئين نظام جي جوڙجڪ واري ھن شاندار تحريڪ ۾ پنھنجو حصو ضرور شامل ڪرڻ گھرجي ته جيئن سنڌ مان انھن نااھلن جي ناني ويڙھي مان مڪمل نجات ماڻي سگھجي ۽ سنڌ ميرٽ جي بحاليءَ يقيني بڻجي سگھي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو