مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

جنهن جو نالو ئي حَسين مسرت هجي…!

Iqbal Baloch ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ڪالم نگار، شاعر

8 ڪتابن جو ليکڪ، ٻاراڻو ادب لکندڙ، سنڌ ٽريزري مان رٽائرڊ.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اسان جي پياري ڌرتي سنڌ جيڪا قدرتي نعمتن سان مالا مال هڪ شاهوڪار سر زمين آهي جنهن ۾ امن، پيار، محبت رواداري، حسن اخلاق، پنهنجائپ ۽ مهمان نوازيءَ واري حيثيت سان مشهور ماڻيندڙ آهي جيڪا علم، ادب، سياسي توڙي سماجي حيثيت رکندڙ شخصيتن سان ڀريل آهي. انهن علمي ۽ ادبي شخصيتن تي نظر ٿي وجهجي ته هزارين شخصيتون سامهون اچي ٿيون وڃن جن پنهنجي علمي توڙي ادبي ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي، ڄڻ سنڌ جي سر زمين آسمان وانگر ٿي لڳي جيڪو چوڏهين جي چنڊ ۾ ستارن جي ڪهڪشان ۾ جرڪندو هجي، انهن چمڪندڙ ستارن مان هڪ جرڪندڙ ستارو جنهن جو نالو ئي “حسين مسرت” هجي ته ان جي شخصيت به يقينن مهڪندڙ ۽ مرڪندڙ آهي.
علم ادب سان زرخيز ۽ سماجي ڪمن جي مهندار ۽ سدائين اڳيان اڳيان نظر ايندڙ مٽياري جي سيد خاندان جي مشهور شخصيت، درس ۽ تدريس سان لاڳاپيل پيغمبري پيشي استاد سيد عبدالرشيد شاھ جي گهر 19 مارچ ٿڌن ۽ مٺن ڏينهن جي موسم ۾ جنم وٺندڙ پهرين ڌيءَ جي ڇٽي جو نالو حسين مسرت رکيو ٿو وڃي، جنهن کانپوءِ اولاد ۾ کيس چار ڌيئرون ٻيون به ٿيون ائين حسين مسرت پنجن ڀينرن ۾ سڀ کان وڏي آهي، جنهن جو ٻالڪپڻ پنهنجي ڳوٺ مٽياري (جيڪو حيدرآباد کان 15 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي آهي، 2012 کان ضلعي جي حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي) ۾ ٿو گذري ۽ پرائمري توڙي سيڪنڊري تعليم به اتي ئي حاصل ڪئي، جڏهن ته هو هاڻ پي ايڇ ڊي جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪري چڪيون آهن ۽ هن وقت ايجوڪيشن کاتي ۾ حيدرآباد جي زبيده گرلز ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور پنهنجون علمي خدمتون سر انجام ڏيئي رهيون آهن.
حسين مسرت شاهه جي هاڻوڪي رهائش گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان حيدرآباد ۾ آهي. ادبي دنيا ۾ به پنهنجي نالي حسين مسرت جي نالي سان سڃاتي ويندڙ شخصيت ادبي کيتر ۾ 1983 ۾ پير پاتو ۽ سندس پهرين لکڻي سندس چوڻ موجب “اخبار جهان” ۾ شايع ٿي، ڪهاڻيون ۽ مضمون سرتيون ۾ شايع ٿيا پوءِ ڏسندي ڏسندي سندس مواد ڪيترن ئي مئگزينن جهڙوڪ: مهراڻ، ڪينجهر، ڪارونجهر ۽ ڪلاچي ۾ شايع ٿيندو رهيو، مختلف ريسرچ، جرنلزم ريسرچ پيپر به مهراڻ ۾ شايع ٿيا.
علمي ميدان ۾ پروفيسر جي حيثيت ۾ بهترين استاد جي مڃتا ماڻيندڙ حسين مسرت ادبي ميدان ۾ پنهنجو استاد سنڌ جي نالي واري ليکڪا امر سنڌو کي مڃي ٿي، هيستائين سندس ٻه ڪتاب ڇپجي پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچي چڪا آهن.
(1) جان ڪتين تان ڪت: (ريسرچ پيپر، جيڪي مختلف يونيورسٽين جي ڪانفرنسن ۾ پڙهيا ويا)-2023.
( 2) هيءَ سئن نه ڏيندي چين: (اخبارن ۾ ڇپيل ڪالمن جو مجموعو.)-2025.
جڏهن ته ايندڙ ڪتابن ۾ آٽو بايو گرافي، پي ايڇ ڊي ٿيسز ۽ شاعري جو مجموعو ڇپائڻ جو ارادو رکي ٿي.
سنڌ جي سڄاڻ ليڪکا کان پڇيم ته ادب ۾ ڪنهن کان متاثر آهيو؟
منفرد جواب ڏيندي چيائين ته متاثر ٿيڻ جو مطلب تاثر وٺڻ، ان جهڙو ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ، مون سان ائين ڪڏهن به ناهي ٿيو، باقي پسنديده ليکڪ: امر سنڌو، شيخ اياز، نورالهدي’ شاھ، سبط حسن، عبدالله حسين ۽ امرتا پريتم اٿم.
جڏهن ته پسنديده سياستدانن بابت پڇيل سوال جي جواب چيائين ته ڪوبه ناهي حالانڪه ڪنهن مئگزين ۾ مون سندس انٽرويو ۾ پڙهيو هو، هن ۾ سندس پسند جي سياستدانن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي پسند ڪري ٿي.
نالي واري ليکڪا سماجي ڪارڪن کان مليل ايوارڊن بابت پڇيم ته ايوارڊ ڪيترا ۽ ڪهڙا مليا آهن؟
چيائين تعليمي ادارن مان مڃتا سرٽيفڪيٽ کوڙ مليا آهن، باقي هيستائين ڪوبه ايوارڊ نه مليو آهي.
سنڌ جي ذهين ليکڪا ادبي تنظيمن مان صرف سنڌي ادبي سنگت سان سلهاڙيل رهي آهي. هن وقت هوءَ سنڌي ادبي سنگت (عورت ونگ) شاخ قاسم آباد جي سيڪريٽري جي عهدي تي فائز رهندي ادبي خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن. ان کان علاوه هوءَ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمن سان به سلهاڙيل آهي. خانا بدوش رائيٽر ڪيفي حيدرآباد ۾ (ڪيفي کلڻ کي يارنهن سال ٿي ويا آهن) کلڻ واري جدوجهد کان هن ڪيفي هر سال جڳ مشهور لڳندڙ “اياز ادبي ميلي” کانسواءِ مختلف ادبي ويهڪن، سيمينارن، مشاعرن، راڳ رنگ جي ملهايل شامن، مختلف فنڪشنن توڙي ڪتابن جي مهورتي تقريبن ۾ سندس خدمتن کي وساري نٿو سگهجي. خانا بدوش جي پوري ٽيم جنهن جي اڳواڻي محترمه عرفانا ملاح ۽ محترمه امر سنڌو ڪري رهيون آهن انهيءَ ٽيم سان گڏ ڪلهو ڪلهي سان ملائي پروگرام کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ محترمه حسين مسرت هميشه سرگردان نظر آيون آهن.
سدا مهڪندڙ ۽ مرڪندڙ حسين مسرت کان ڪجهه هلڪا ڦلڪا سوال ڪيم، سندس پسنديده شهرن ۾ هن کي ڪراچي ۽ ڄامشورو وڻن ٿا.
ڪپڙن جي پسنديده رنگن ۾ اڇو،
وڻندڙ موسم بابت چيائين سڀ موسمون سٺيون آهن، انسان پاڻ خوش هجي ته هر موسم ڀلي لڳندي آهي، تنهن هوندي به مون کي بهار معتدل موسم لڳندي آهي،
جڏهن ته وڻندڙ خوشبوءِ ۾ موتيو،
پهرن ۾ صبح سوير پرهه جو وقت،
وڻندڙ کاڌن ۾ ڀينڊيون ۽ پالڪ،
جڏهن ته وڻندڙ فنڪارن ۽ موسيقي ۾ کيس لتا منگيشڪر، رونا ليلي’، استاد نصرت فتح علي خان ۽ استاد راشد علي خان، ان کانسواءِ هر موسيقي، ڪلاسيڪل ۽ لوڪ موسيقي کانسواءِ جديد موسيقي کي پسند ڪري ٿي.
سنجيده سوالن ڏانهن ايندي انتهائي بردبار شخصيت کان پڇيم ته…
زندگي ڇا آهي؟
زندگي زنده دلي سان جيئڻ ۽ ٻين لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ جو نالو آهي.
پيار ڇا آهي…؟
خوشگوار احساس، طاقتور جذبو جيڪو انسانن کي هڪٻئي سان دلي طرح ڳنڍي ٿو، هر رشتي ۾ احترام ۽ برابري جو توازن پيار سان ئي ممڪن آهي.
عورت ۽ مرد توهان جي نظر ۾…؟
دنيا جون خوبصورت ۽ مضبوط ڌريون جن جي وجود سان دنيا قائم دائم آهي، ٻنهي ۾ طاقت جي توازن سان دنيا جو سک ۽ امن وابسته آهي، ٻنهي جي هڪٻئي جي وجود کي مڃتا ڏيڻ سان، دنيا وڌيڪ سندر ٿئي ٿي.
رشتيدارن جي پيار مان مطمئن آهيو…؟
ها سڀ رشتا پيار ۽ مان ڏيندڙ آهن، سڀ عزيز، اهم ۽ پيارا آهن.
ڪا اهڙي خوشي جنهن توهان جي زندگي بدلائي ڇڏي هجي…؟
ايم فل ۾ اينرولمينٽ.
ڪو اهڙو غم جيڪو وسري نه سگهيو هجي…؟
ها منهنجي (ڏاڏي) امان جيجي جي وڇوڙي جو غم مون کان وسري ڪونه ٿو.
ڪا اهڙي خواهش جيڪا پوري ٿي هجي ته توهان گهڻا خوش ٿيا هجو…؟
پي ايڇ ڊي مڪمل ڪرڻ تي منهنجي دلي خواهش پوري ٿي هئي ته تمام گهڻي خوش ٿي هئس.
ڪا اهڙي خواهش جيڪا اڃان پوري نه ٿي هجي…؟
مون اهڙي ڪا خواهش ڪئي ناهي جيڪا پوري نه ٿي سگهي.
طبيعت ۾ ڪيئن آهيو…؟
انتهائي مختصر جواب ڏيندي چيائين:
عام انسان.
آخر ۾ پڙهندڙن لاءِ پيغام…؟
انتهائي برجستو، مدلل ۽ تفصيلي جواب ڏيندي چيائين، سنڌ جي جاگرافيائي حدن سان گڏ شعوري حدن جي پوئيواري ڪجي، سماج ۾ عورتن جي برابري جي حقن جي مڃتا لاءِ ٿيندڙ هر جدوجهد کي مان ڏجي، سماج ۾ امن، شانتي ۽ ترقي جي حاصلات بنا عورتن جي ممڪن ئي ناهي، عورت کي فرد سمجهي ان جي حقن کي مڃجي، سياسي ڌارا ۾ شامل ٿي بهتري لاءِ ڪوششون ڪجن.
ٻولي پنهنجي سڃاڻپ آهي، پنهنجي سنڌي ٻولي کي سکڻ، پڙهڻ، لکڻ ۽ ڳالهائڻ لاءِ ڪوشش ڪجي، هر انسان کي پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ جو حق آهي، ان ڳالھه جو احترام ڪجي، مذهب جي نالي تي نفرت کان گريز ڪجي.
سنڌ جي نالي واري ليکڪا جنهن جون علمي توڙي ادبي خدمتن کانسواءِ بي شمار سماجي خدمتون ڳڻائي سگهجن ٿيون. هوءَ بهترين ليکڪا آهي، بهترين استاد به آهي، سماجي ورڪر طور حسين مسرت کي هميشه اڳيان اڳيان ڏٺو ويو آهي. عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي ملهايل پروگرامن توڙي عورت مارچ جي ريلين ۾ اڳواڻي ڪندي، وومن ايڪشن فورم جي پليٽ فارم تي مذاڪرن ۽ سيمينارن ۾ هن جي شرڪت يقيني طور محسوس ڪئي وئي آهي.
خانا بدوش رائيٽر ڪيفي جي قيام کي توڙي جو هاڻ يارنهن سالن جو عرصو گذري چڪو آهي، پر هن ڪيفي جي قيام کان اڄ تائين تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ وارن ڏکين مرحلن مان سندس پوري ٽيم کي گذرڻو پيو آهي بيشڪ خانا بدوش رائيٽر ڪيفي سڀني مرد توڙي عورت ليکڪن لاءِ هڪ بهترين پرسڪون ايريا آهي، جنهن ۾ ادبي پروگرامن کانسواءِ روزاني جي بنياد تي اچي شاگردن جو تعليم حاصل ڪرڻ ۽ اديبن جي لاءِ گڏجي ويهڻ جو اعلي’ مقام آهي، جنهن ۾ امر سنڌو، عرفانا ملاح ۽ حسين مسرت کانسواءِ ڪيترين ئي سرتين جي خدمتن کي اهم حيثيت جو مقام ڏئي سگهجي ٿو.
ظاهر طور ڏسڻ ۾ رعبدار شخصيت، پر انتهائي نرم مزاج رکندڙ، مسڪراهٽن سان هميشه عزت ۽ احترام سان ملندڙ حسين مسرت جي خدمتن کي اياز ميلو جيڪو هر سال ڊسمبر ۾ وڏي جوش ۽ جذبي سان سڄي سنڌ ۾ شهرت ماڻي چڪو آهي هن ۾ به سندس خدمتون اهميت جوڳيون آهن.
اسان سنڌ واسين کي حسين مسرت جهڙين مان وارين شخصيتن تي ناز آهي، جن پنهنجي تعليم مڪمل ڪري پنهنجين پيشيوراڻين ذميدارين کي انتهائي ذميداريءَ سان نڀايو آهي ۽ گڏوگڏ سماج جي لاءِ به پاڻ پتوڙيو آهي. اهڙيون شخصيتون يقينن تمام گهڻي عزت ۽ احترام جي قابل آهن. حسين مسرت جهڙيون شخصيتون سنڌ ڌرتيءَ جو سرمايو آهن ۽ سدائين سرمايو رهنديون.
خدا تعاليٰ کيس وڏي حياتي بخشي، سنڌ جي علمي، ادبي ۽ سماجي کيتر ۾ اڃان وڌيڪ خدمتن جو موقعو فراهم ڪري.
سندس پڙهندڙن کي ايندڙ ڪتابن جو انتظار رهندو.
شل حسين مسرت سنڌ جي تاريخ ۾ پنهنجو نالو روشن ڪندي رهي ادب جي افق تي سندس نالو چوڏهين جي چنڊ جيان ستارن جي وچ جرڪندو رهي، سندس نالو سنڌي ادب جي تاريخ ۾ سدائين مهڪندو ۽ مرڪندو رهي-آمين.
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو