ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز کي گھڻ رخي مثالي ادارو بنائڻ جي ضرورت
Noor Sindhi
سينئر صحافي، ڪالم نگار، ليکڪ
ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز جو قيام 1954ع ۾ ٿيو، جنھن جو افتتاح تڏهوڪي سنڌ جي وڏي وزير عبدالستار پيرزادو ڪيو. ھن مرڪز جي بنياد رکڻ جي مقصدن ۾ سنڌ جي شاندار روايتن جي روشني ۾ ان جي ثقافتي ورثي جي حفاظت ڪرڻ، ترقي وٺرائڻ، سنڌ جي لوڪ ادب راڳ ۽ سازن کي مقبول عام ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ، شاھ لطيف جي تخيل ۽ فلسفي جي تشريح ۽ تبليغ ڪرڻ جنھن ۾ انسان ذات لاءِ امن سلامتي جو ڏنل پيغام کي عام ڪرڻ هو. گڏوگڏ اوڀر جي زبانن جي اديبن، عالمن ۽ شاعرن جي رھنمائي ۽ ھمت افزائي ڪرڻ تھ جيئن لطيف سائين جي شاعري ۽ فلسفي تي تحقيقي مواد جمع ڪري سگھجي ۽ شاھ سائين جي حوالي سان ڪتاب ڇپائڻ، جنھن جو مقصد شاھ جي پيغام کي عام ڪرڻ، سندس فن، فڪر، شاعري، سندس فقيرن بابت ريسرچ جو ڪم ڇپائڻ هو. جڏھن ثقافت کاتو اڃان وجود ۾ نه آيو ھو ته شاھ سائين تي تحقيقي ڪم، ادب، فن ۽ ثقافت جي واڌاري لاءِ ڪم ڪرڻ، شاھ سائين جي عرس مبارڪ جي موقعي تي ادبي ڪانفرنس، مشاعرا، لطيفي راڳ رھاڻ جون محفلون ڪرائڻ ۽ شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ ڏنل پيغام ۽ سندس فن ۽ فڪر جيڪو مختلف سرن ۾ آهي ان تي ڪتاب ڇپائڻ کان وٺي سنڌ جي ٻين بزرگن جون سوانحي عمريون ڇپائڻ، سندن ڪلام ڇپائڻ جي ذميواري به ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز جي هئي. 1957ع ۾ ريسٽ ھائوس جو بنياد وڌو ويو، ان سان گڏ آڊيٽوريم ٺھرايو ويو. 1958ع ۾ ان دور جو صدر مملڪيت اسڪندر مرزا پنھجي گھر واري ناھيد بيگم سان گڏ ميلي جو افتتاح ڪرڻ آيو ۽ ظفر ڪاظمي جي تصويري نمائش جو افتاح ڪيو. ايوب خان جي دور ۾ جڏھن ذوالفقار علي ڀٽو وفاقي وزير ھو تڏھن پاڻ 1963ع ۾ ميلي جي موقعي تي فيلڊ مارشل ايوب خان به گورنر سنڌ امير محمد خان کي وٺي ۽ ميلي جو افتتاح بھ ايوب خان ڪيو. انھي سال ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪوششن سان ڀٽ شاھ جي چوڌاري 300 ايڪڙ زمين خريد ڪري ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز جي حوالي ڪئي وئي ته جيئن ڀٽ شاھ کي گرين بيلٽ ڏياري سگھجي، پر ايوب خان جي دور ۾ خريد ڪيل ٽي سئو ايڪڙ زمين تي ذوالفقار علي ڀٽو جي دور تائين گرين بيلٽ واري پلان تي عمل نھ ٿي سگھيو ۽ اھا زمين آھستي قبضن ھيٺ ايندي وئي آھي. رھيل زمين ۽ پلاٽن تي به قبضا آھن. 1962ع ۾ ان دور جي وفاقي وزير ذوالفقار علي ڀٽو ميلي جو افتتاح ڪيو ۽ ثقافتي مرڪز جي عمارتن، آڊيٽوريم ھال، لائبريري، ريڊنگ روم، ميوزم، آرٽ گيلري جو افتتاح ڪيو. 1964ع ۾ وفاقي وزير مواصلات فنڪار ھاسٽل جو بنياد وڌو. 1974ع ۾ تڏھوڪي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو “ڀٽ شاھ ڊولپمينٽ ڪامپليڪس” جي پيڙهه جو پٿر رکيو. 2005ع تائين اهو پيڙهه وارو پٿر اتي لڳل ھو، جيڪو ڪن شاھينگن ٽوڙي ڇڏيو جيڪو ڀٽ شاھ جي صحافي ليکڪ سيد ذوالقرينن شاھ ڀٽو شھيد جي عقيدت ۾ پنھنجي گھر کڻائي وڃي رکيو. ان وقت جي ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز جي بنياد کان وٺي ترقي جي حوالي سان عبدالستار پيرزادو، ميران محمد شاھ، سائين جي ايم سيد، مخدوم طالب الموليٰ، ثقافت کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري حميد آخوند جون ڪوششون ڪاوشون قابل تعريف آھن. ماضيءَ ۾ سنڌ جون رانديون خاص طور ملھه راند جي سرپرستي ڪرڻ به ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز جي ذميواري هئي. ماضي ۾ ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز پاران ڀٽ شاھ ۾ ادبي ثقافتي پروگرام ۽ شاھ لطيف جا ڪيترائي جشن ولادت جا پروگرام به ٿيندا هئا. ملهه سيکارڻ جو ادارو بھ ھو، ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز پاران شاھ لطيف، شاھ ڪريم بلڙي، سچل سائين کان وٺي ڪيترن ئي صوفي شاعرن جو ڪلام ۽ سندن سوانح حياتي مبارڪ تي ڪتاب ڇپايا ويا. شاھ لطيف جي شاعري ۽ راڳ جا ڪيترائي رڪارڊ پڻ جاري ڪيا ويا. ثقافت کاتي وجود ۾ اچڻ بعد ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز جون جيڪي ذميواريون ھيون اھي صرف ڀٽ شاھ ميوزيم، ايڪسيلينسي ھال، ريسٽ هائوس، شاھ جي باغ، شاھ لطيف لائبريري، ڪراڙ ڍنڍ جي سارسنڀال ۽ ان کي خوبصورت بنائڻ ثقافتي ڳوٺ ۽ ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز جي پارڪن جي سارسنڀال ۽ شاھ لطيف موٽيل فنڪار ھاسٽل، ليڊيز فنڪار ھاسٽل ۽ وائٽ هائوس ۽ شاھ لطيف ھائوس ايڪسيليني ھال وٽ ڪجھه ڪوارٽرن، ڪراڙ پارڪ جتي ھاڻ ٽيڪسي اسٽينڊ آھي. پراڻو ملاکڙا گرائونڊ نيشنل ھاءِ وي تي ڪاشي سينٽر جي چوديواري ڏنل پلاٽ جي سارسنڀال ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز جي تقريبن ھڪ سئو ايڪڙ زمين ۽ پلاٽن جي سارسنڀال ڪرڻ تائين رھجي ويون، جيڪا شاھ لطيف ثقافتي مرڪز سان زيادتي آھي. ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز جي اڳوڻي انچارج شير محمد مھر جي ڪوششن سان ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز پاران ڪجھه ادبي ثقافتي پروگرام ڪرايا ويا، پر فنڊ نه هجڻ ڪري اھو سلسلو به جاري نه رهي سگهيو. وچ ۾ ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز جي ڪارڪردگي سواليا نشان تي هئي. ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي به دانھون ٿيڻ لڳيون ۽ ثقافت، سياحت کاتي جو وزير سيد ذوالققار شاھ بھ ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز جي ڪارڪردگي مان مطمين نھ ھو ۽ تقرين 14مھينا اڳ ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز ۾ ھڪ ھمٿ ۽ ڪم ڪرڻ واري ڊپٽي ڊائريڪٽر موجوده انچارج عادل احمد دايو جي مقرر ڪرڻ بعد ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز ٿورو ماضيءَ ڏانھن موٽ کاڌي آھي. ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز کي ماضيءَ ڏانھن موٽائڻ جي حوالي سان ڪم تمام گھڻو آھي. مسئلا ڪافي آھن، اھم مسئلو ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز ۾ فنڊن جي وڏي کوٽ آھي. ھتي مقرر ڪافي ملازم لاڏاڻو ڪري ويا آھن ڪافي رٽائر ٿي ويا آھن جتي نوان ملازم ڀرتي نه ٿي سگھيا آھن. ڪانٽريڪٽ تي رکيل ملازمن جون پگھارون نه هئڻ جي برابر آهن، ان ڪري اهي به ڪم ۾ دلچسپي نٿا وٺن. جيڪڏھن ثقافت کاتو چاھي تھ ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز پنھنجا فند پاڻ پيدا ڪري سگھي ٿو ايترا فند جو ڀٽ شاھ ميلو انھن فنڊن مان ڪيو وڃي ۽ سڄيو سال ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز پاران پروگرام ٿي سگهن ٿا. مون اھڙيون تجويزون لکت ۾ اڳوڻن ثقافت کاتي جي وزيرن غلام قادر ملڪاڻي، شرميلا فاروقي، سسئي پليجو، سيد سردار علي شاھ کي مشورا ڏنا ۽ ھن سلسلي ۾ ثقافت سياحت کاتي جي ڪافي سيڪريٽرين، ڊي جي ايز ۽ ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز جي انچارجن سان به انھيءَ موضوع تي ڪچھريون ٿينديون آھن، پر منھنجي انھن تجويزن تي عمل نه ٿيو، جيڪي مون تجويزون ڏنيون انھن ۾ موٽيل کان وٺي ملاکڙي گرائونڊ تائين جيڪا وسيع پٽي آھي ان تي ھيٺ مارڪيٽون ۽ مٿي مسافر خانا، هوٽلون ٺهرائڻ، ڪراڙ پارڪ تي ھيٺ پارڪنگ مٿي شاندار ريسٽورينٽ ان مٿان ٽو اسٽار ھوٽل ٺھرائڻ ۽ ان جو ٻن پاسن کان دڪان ٺھرائڻ جي به تجويز ڏني. مون اھا به تجويز ڏني ته ان ڪم تي ثقافت کاتي وٽ بجيٽ نه آھي ته اھي دڪان، ھوٽلون ڪرائي تي ڏيڻ لاءِ اشتھار ڏنو وڃي ان ۾ جيڪي به سيڙپڪار ايندا اھي ايڊوانس ايترو ڏيندا جو اھي تعميراتي ڪم ان مان ٿي سگھن ٿا. ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز جي موجوده انچارج جي اچڻ بعد ريسٽ ھائوس ڀٽ شاھ جيڪو ان مقصد لاءِ ٺاھيو تھ ملڪ جو صدر، وزير اعظم، سنڌ جو وڏو وزير يا ملڪ جي ڪنھن بھ صوبي جو گورنر، سنڌ جو وڏو وزير توڙي وفاقي ۽ صوبائي وزير شاھ لطيف جي حاضري تي اچن ته ريسٽ هائوس ۾ اچي رھن ۽ شاھ لطيف تي ڪم ڪندڙ محقق ھتي رھي ڪم ڪن، پر افسوس جو ريسٽ ھائوس وچ ۾ عام چوڻي ته “خدو شاھ” جي اوطاق بڻجي ويو ھو، پر عادل احمد دايو کي جس آھي ته ھن اھي روايتون ختم ڪري جنھن مقصد لاءِ ريسٽ ھائوس ٺھيل آھي ان تحت ھلائڻ جي ڪوشش ۾ کيس ڪافي رڪاوٽون به آيون، پر پاڻ ان ۾ ثابت قدم رھيو. جڏھن تھ عادل احمد دايو، ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ جي ھدايتن تي ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز ۾ ڪافي سرگرميون شروع ڪيون آھن، جن ۾ لوڪ رنگ پروگرام، چترڪاري، مذھبي خطاطي جا ورڪ شاپ ۽ نوجوانن کي راڳ سيکارڻ جو ڪلاس ھلايو ۽ ٻارن کي جيڪا چترڪاري ۽ خطاطي سيکاري وئي ان جي نمائش ڪئي وئي. عادل احمد دايو سان ڪافي دفعا ڪچھريون ٿيون آھن ھن جي ذھن ۾ ثقافتي مرڪز کي عروج تي آڻڻ جا ڪيترائي آئيڊياز آھن. مون به کيس ڪافي مشورا ڏنا، پر ڳالھه وري به اچي بجيٽ تي بيهي ٿي ۽ چون ٿا سنڌ حڪومت وٽ فنڊن جي کوٽ آھي. قانون ۽ انصاف جي تقاضا ته اھا آھي تھ ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز کي ثقافت کاتي جو ھڪ بااختيار ادارو بڻايو وڃي، جيئن ماضيءَ ۾ شاھ لطيف تي ۽ ادب فن ثقافت تي جيڪي ڪتاب ڇپايا ويندا هئا اھي ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز پاران ڇپايا ويندا هئا، ھاڻ به ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز ۾ اشاعت جو الڳ شعبو قائم ڪيو وڃي، راڳ سيکارڻ وارا عارضي ڪلاس ڀلو عمل آهي، پر ھتي باقائده راڳ سيکارڻ جو اسڪول قائم ڪيو وڃي. شاھ جي راڳ سيکارڻ جي غير فعال اسڪول کي فعال بڻايو وڃي. مصوري، اسٽيچو ميڪنگ سيکارڻ جا اسڪول کوليا وڃن، موٽيل جنھن مقصد لاءِ ٺھيو ھو ان مقصد لاءِ بحال ڪيو وڃي، نئون جديد ميوزيم قائم ڪيو وڃي. موجوده آڊيٽوريم ھاڻ ناڪافي آھي ان ڪري ڀٽ شاھ ۾ وڏو آڊيٽوريم ٺاھڻ جي ضرورت آھي، جنھن ۾ 25 ھزار کان وڌيڪ ماڻھن جي ويھڻ جي گنجائش رکي وڃي. ثقافتي مرڪز جي موجوده پارڪن کي وڌيڪ خوبصورت بنائي اتي شاھ سائين جي شاعري ۾ جن وڻن، گلن ۽ ٻوٽن جو ذڪر ڪيل آھي اھي لڳايا وڃن. شاھ لطيف جي شاعري ۾ جن جانورن، جيتن جو ذڪر آھي اھي اتي رکيا وڃن. ڪراڙ ڍنڍ جي اجڙي ويل سونھن کي بحال ڪيو وڃي. سنڌ جا ساڃاھ وند چاھين ٿا ته ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز کي مدراس جي ٿيا سافيڪل سوسائٽي، اڊيار وانگر يا ڪلڪتي جي ڀر واري ڊاڪٽر ٽيگور جي مرڪز شانتي نڪيتن وانگر اعليٰ نموني جو ادارو بڻايو وڃي. هن سلسلي ۾ آئون 1982ع کان وٺي پنھنجي اخباري ڪالمن ذريعي 1993ع کان اخباري ڪالمن ۽ ڀيڄ ڀٽائي ميگزين جي ايڊيٽوريلن ۽ سوشل ميڊيا جي اچڻ بعد سوشل ميڊيا تي لکڻ سان گڏ سنڌ جي ڪيترن ئي گورنرن، وڏن وزيرن، ثقافت کاتي جي وزيرن ۽ 2009ع ۾ ان وقت جي صدر مملڪت آصف زرداري کي بھ لکت ۾ اهي تجويزون موڪليندو رھيو آھيان. بقول لطيف سرڪار جي (دانھون ڪرڻ مون وس ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو) وانگر شاھ لطيف جي عقيدتمند هئڻ جو فرض ادا ڪندو رھيو آھيان ۽ فرض ادا ڪندو رھندس. صدر آصف زرداري شاھ لطيف جو عقيدتمند آھي. سنڌ جي وڏو وزير سيد مراد علي شاھ جو والد سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سيد عبدالله شاھ ۽ خود سيد مراد علي شاھ لطيف سان لطيف سان وڏي عقيدت رکي ٿو. ثقافت ۽ سياحت کاتي جو موجوده وزير سيد ذوالفقار علي شاھ پنھنجي کاتي ۾ ڪم ۽ ڪم ڪرڻ جي سوچ رکندڙ ۽ لطيف سائين سان عقيدت رکندڙ آھي. اسان کي اميد آھي ته اسان جي مٿي ڪيل گذارشن تي تڪڙو عمل ڪرڻ لاءِ لائحه عمل تيار ڪيو ويندو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟