پوليس ۾ سياسي مداخلت جي خاتمي ۽ جديد ٽريننگ جي ضرورت
Noor Sindhi
سينئر صحافي، ڪالم نگار، ليکڪ
سنڌ ۾ ڏوهن جي نوعيت تيزيءَ سان بدلجي رهي آهي. ھاڻ ته ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي تقريبن سڀن شھرن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم، موٽرسائيڪل ۽ موبائل فون ڦرڻ، آن لائين فراڊ، سوشل ميڊيا ذريعي بليڪ ميلنگ ۽ ڊجيٽل ٺڳيون شهرين لاءِ خطرا آهن. ڪچي وارن علائقن، خاص ڪري ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۽ گهوٽڪيءَ ۾ هٿياربند ڌاڙيل جديد هٿيارن، راڪيٽ لانچرن ۽ رابطي جي جديد اوزارن سان اغوا براءِ تاوان جون وارداتون ڪن ٿا. هني ٽريپ ذريعي ماڻهن کي ڦاسائي اغوا ڪرڻ جا طريقا به ڏوهن جي بدلجندڙ شڪل جو حصو بڻجي رهيا آهن. پوليس کي انهن ڏوهن جي سڃاڻپ، روڪٿام ۽ جاچ جي جديد صلاحيت گهرجي. حراستي تشدد، غير قانوني حراست ۽ هاف فراءِ، فل فراءِ جا الزام پوليس جي محافظ واري ڪردار کي ڪمزور ڪن ٿا. پوليس جو فرض خوف پيدا ڪرڻ نه، پر شهرين کي تحفظ ڏيڻ ۽ قانون جي دائري ۾ ڏوهارين کي عدالت تائين پهچائڻ آهي. ان پسمنظر ۾ سنڌ جي گهرو کاتي جي وزير ضياءُ الحسن لنجار پاران پوليس ٽريننگ سينٽر شهدادپور جي 189هين پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ سنڌ جي سمورن پوليس ٽريننگ سينٽرن کي جديد بڻائڻ ۽ جديد تربيت متعارف ڪرائڻ جو اعلان اهم آهي، پر ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير به ساڳئي اداري ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ جي موقعي تي اهڙو اعلان ڪيو هو. ضرورت رڳو اعلان جي ورجاءَ جي نه، پر ان کي عملي شڪل ڏيڻ جي آهي. ٽريننگ سينٽر شهدادپور جي پرنسپل آصف ٻگهيي اداري جا مسئلا، سهولتن جي کوٽ ۽ جديد تربيت جون گهرجون گهرو وزير آڏو رکيون، جن جي حل جي خاطري ڪرائي وئي. نوان مرڪز کولڻ بدران موجوده ادارن کي جديد سهولتن سان مضبوط ڪرڻ اوليت هجڻ گهرجي. پوليس اهلڪارن کي سائبر ڪرائيم ۽ ڊجيٽل جاچ جي باقاعده تربيت ڏني وڃي. آن لائين فراڊ، جعلي سوشل ميڊيا اڪائونٽن، بئنڪنگ اسڪيم، بليڪ ميلنگ ۽ موبائل فون ذريعي ٿيندڙ ڏوهن جي جاچ لاءِ ڊجيٽل ثبوت محفوظ ڪرڻ، ڊيٽا جي تصديق، موبائل فارنزڪس ۽ قانوني طريقي سان معلومات حاصل ڪرڻ سيکاريو وڃي. هر رينج ۾ ماهر عملي ۽ جديد ليبارٽري هجي.
قتل، ڦر، اغوا ۽ ٻين سنگين ڏوهن جي جاچ ۾ روايتي اعترافن بدران سائنسي ثبوتن کي بنياد بڻايو وڃي. ڊي اين اي، آڱرين جا نشان، جيو فينسنگ، سي سي ٽي وي فوٽيج، ڪال ڊيٽا رڪارڊ ۽ ڏوهه واري هنڌ تان مليل شين کي گڏ ڪرڻ، محفوظ رکڻ ۽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي عملي تربيت ڏني وڃي. اهلڪارن کي واقعي واري هنڌ کي محفوظ ڪرڻ، شاهدن جا بيان درست نموني قلمبند ڪرڻ ۽ ثبوتن جي تسلسل (چين آف ڪسٽڊي) برقرار رکڻ سيکاريو وڃي. هني ٽريپ ۽ اغوا براءِ تاوان جي ڪيسن ۾ پوليس کي آن لائين سڃاڻپ، جعلي اڪائونٽ، لوڪيشن، مالي ڏيتي ليتي ۽ ڏوهاري گروهن جي رابطن جي جاچ ڪرڻ جي تربيت کپي. مغوي جي خاندان سان رابطو، معلومات جي رازداري، وقتائتا فيصلا ۽ مغوي جي جان جي حفاظت بابت به مخصوص ڪورس هجن. ڪچي وارن علائقن ۾ پوليس کي جديد هٿيارن سان مقابلي لاءِ محفوظ آپريشن، ٽيم ورڪ، علائقي جي جاگرافي، انٽيليجنس گڏ ڪرڻ ۽ رابطي جي نظام بابت تربيت ڏني وڃي. ڊرون ذريعي نگراني، نائيٽ ويزن گاگلز، ٿرمل اميجنگ ۽ جديد مواصلاتي اوزارن جي استعمال جي سکيا ڏني وڃي. آپريشن دوران مغوين، مقامي آبادي ۽ پوليس اهلڪارن جي حفاظت بنيادي اصول هجي. پوليس جي تربيت جو مقصد رڳو ڏوهاريءَ سان مقابلو ڪرڻ نه، پر هر شهريءَ کي تحفظ جو احساس ڏيارڻ هجڻ گهرجي. ان لاءِ اهلڪارن کي انساني حقن، گرفتاريءَ جي قانوني طريقي، پڇا ڳاڇا جي ضابطن، طاقت جي متناسب استعمال ۽ عورتن، ٻارن، بزرگن ۽ ڪمزور ماڻهن سان مناسب ورتاءَ جي تربيت ڏني وڃي. احتجاج، گهريلو تڪرار، جهيڙي يا هنگامي صورتحال ۾ ڳالهين ذريعي ڇڪتاڻ گهٽائڻ، ڪاوڙ تي ضابطو رکڻ ۽ بنا تشدد صورتحال سنڀالڻ جون مشقون ڪرايون وڃن. ورچوئل ريئلٽي ۽ سميوليشن ذريعي اهڙيون حالتون عملي طور سيکاري سگهجن ٿيون، جن ۾ اهلڪار کي تڪڙو فيصلو ڪرڻو پوي. هاف فراءِ، فل فراءِ ۽ حراستي تشدد ڪنهن به صورت ۾ پوليس جي ڪاميابي نه، پر قانوني جاچ ۽ احتساب جو معاملو هجڻ گهرجي.
جديد تربيت ڪانسٽيبل کان ايس ايڇ او ۽ اعليٰ آفيسرن تائين سڀني لاءِ لازمي هجي. نصاب ۾ قانون، جاچ، ٽيڪنالاجي، عوام سان رابطو، نفسياتي دٻاءُ کي سنڀالڻ ۽ اخلاقي ذميوارين جا الڳ ماڊيول هجن. نون ڏوهن مطابق ريفريشر ڪورس به ڪرايا وڃن. تربيت ڏيندڙن جي چونڊ به اهليت ۽ عملي تجربي جي بنياد تي ڪئي وڃي. پوليس جي محافظ واري ڪردار لاءِ سياسي مداخلت جو خاتمو بنيادي شرط آهي. مقررين، بدلين، ڪيس داخل ڪرڻ، جاچ جو رخ بدلائڻ يا بااثر جوابدارن کي بچائڻ ۾ سياسي دٻاءُ پوليس کي قانون بدران شخصيتن جو تابع بڻائي ٿو. مقرريون ۽ بدليون ميرٽ ۽ واضح ضابطن تحت ٿين، آفيسرن کي قانون موجب جاچ ڪرڻ جي آزادي ملي ۽ سياسي دٻاءَ بابت شڪايتن جي جاچ جو آزاد نظام هجي. اختيارن جي غلط استعمال تي احتساب به لازمي هجي. شڪايتن، حراست ۽ تشدد جي الزامن جي غير جانبدار جاچ ٿئي. پوليس ٽريننگ سينٽر شهدادپور سميت موجوده ادارن ۾ جديد ڪلاس روم، ڪمپيوٽر، فرانزڪ مشقن جو سامان، ڊجيٽل ليبارٽريون، مناسب هاسٽلون، صاف پيئڻ جو پاڻي ۽ تربيت يافته انسٽرڪٽر فراهم ڪيا وڃن. پرنسپل آصف ٻگهيي پاران نشاندهي ڪيل مسئلن جو حل عملي سڌارن جي شروعات بڻجڻ گهرجي. گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جي اعلان تي عملدرآمد لاءِ بجيٽ، وقت جي حد ۽ ذميوار آفيسرن جو تعين ڪيو وڃي، جيئن اڳوڻي اعلان وانگر هي اعلان به رڳو ڪاغذن تائين محدود نه رهي. سنڌ کي جديد ڏوهن کي منهن ڏيندڙ، سياسي اثر کان آزاد ۽ قانون جي پابند پوليس گهرجي. پوليس جي وردي عوام تي رعب وجهڻ لاءِ نه، پر شهرين جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت لاءِ آهي. جڏهن تربيت جديد، جاچ سائنسي، احتساب اثرائتو ۽ سياسي مداخلت ختم ٿيندي، تڏهن پوليس واقعي عوام جي محافظ جو ڪردار ادا ڪري سگهندي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟