مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ خاطر متحد ۽ منظم ٿيڻ جي ضرورت

Imdad Ajiz Nasirani استاد، شاعر، ڪالم نگار

جونيئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچر

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

هزارين سالن جي تاريخ، تهذيب ۽ تمدن جي وارث سنڌ جي سر زمين دنيا جي گولي تي اهو خطو آهي، جيڪو صدين کان هميشه پيار، محبت، امن، ڀائيچاري، وڻج واپار ۽ مهمانوازي جو گهوارو رهيو آهي. گڏوگڏ سنڌ قدرت جي حسين تحفن يعني قدرتي وسيلن سان مالا مال پڻ رهي آهي. قدرتي گئس، ڪوئلو، درياءَ، زراعت ۽ سامونڊي وسيلن سان گڏوگڏ انيڪ وسيلن سان مالا مال سنڌ جي هيءَ خوبصورت ڌرتي يقينن دنيا جي نقشي تي هڪ اهم جاءِ والاري ٿي ۽ صوبو ملڪي معيشت ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. جيڪڏهن پاڻ تاريخ جو جائزو وٺنداسين ته يقينن پاڻ کي ان ڳالهه جو اندازو ٿي ويندو ته اسان جي سنڌ ڌرتي شايد انهن انيڪ قدرتي وسيلن سبب ماضيءَ کان ئي مشڪلاتن جو شڪار رهي آهي. ماضيءَ جي تاريخ جا ورق اٿلائي ڏسبا ته تاريخ ڪيترين ئي جنگين، فسادن، ڌارين جي يلغارن ۽ اهڙن واقعن ۽ سازشن سان ڀريل ملندي، جنهن ۾ هر دور ۾ سنڌ ۽ سنڌ جي وسيلن تي قابض ٿيڻ لاءِ ڌارين جون ڪاهون، ويرين جون يلغارون ۽ سازشين جون سازشون ٿينديون رهيون آهن، جن سان سنڌ ۽ سنڌ واسين کي تمام گهڻين مشڪلاتن سان منهن ته ڏيڻو پيو آهي، پر ڪڏهن به ڌارين يا سازشي قوتن آڏو سنڌ يا سنڌ جي ارڏي وارثن گوڏا ڪونه کوڙيا آهن. وقت بوقت کين ڏکين حالتن ۽ سنڌ دشمن سازشن کي منهن ضرور ڏيڻو پيو آهي، پر وقت هميشه کين دشمنن اڳيان سرخرو ثابت ڪيو آهي. سنڌ ۽ سنڌ جا وسيلا اڄ به دنيا جي تختي تي قائم ۽ دائم آهن، پر ها انهن سنڌ دشمن قوتن، سنڌ جي ويرين ۽ ڌارين جي سازشن جو تسلسل اڄ به قائم آهي. هر روز سنڌ ۽ سنڌ جي وسيلن خلاف ڪا نئين سازش جوٽي سنڌ جي تاريخ سان هٿ چراند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڪڏهن معدني وسيلن تي قابض ٿيڻ جي ڪوشش ته ڪڏهن سنڌ جي جياپي، سنڌو درياءَ تي ڌاڙي هڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڪڏهن سنڌ جي شھه رڳ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جا سانباها ته ڪڏهن سنڌ دشمن پاليسيون مڙهي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي جذبن کي مجروح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. مطلب ته سنڌ جي سر زمين هميشه دشمن صفت قوتن جي اک ۾ هميشه ڪنڊو ٿي چڀندي رهي آهي، پر سنڌ جي سپوت وارثن صف اول تي بيهي هر محاذ تي سنڌ ۽ سنڌ جي خلاف ٿيندڙ هر سازش خلاف پاڻ ملهايو آهي ۽ هميشه انهن دشمن صفت قوتن کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي وسيلن جي خوب وارثي ڪئي آهي. اڄ وقت جي اها ضرورت آهي ته سنڌ جا سپوت پاڻ ۾ متحد ۽ منظم بڻجي سنڌ ۽ سنڌ جي خلاف ٿيندڙ هر سازش کي ناڪام بڻايون، پاڻ ۾ ذات پرستي، انا پرستي سياست ۽ قومپرستي جي نالي تي الڳ الڳ صفن ۾ بيٺل سنڌ جي وارثن کي اهي صفون ختم ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر نئين صف بندي ڪري متحد ٿي بيهڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته هڪطرف سنڌ ۽ سنڌ جي وسيلن تي قابض بڻجي اشرافيه ۽ طاقتور سنڌ کي لٽڻ جون سازشون سٽي رهيو آهي. ته ٻئي پاسي ملڪ جي معيشت ۾ سڀ کان وڌيڪ حصو وجهندڙ سنڌ جي ماڻهن کي غربت، بيروزگاري، مهانگائي، قبيلائي تڪرارن، بدامني، ڦرلٽ، ٻارن سان جنسي زيادتيون، انهن جا اغوا ۽ منشيات جي وڌندڙ استعمال جهڙن مسئلن ۾ عام ماڻهو کي ڦاسائي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اها ڪمزوري نه صرف عوام جي ڪمزوري آهي، پر هن نظام ۾ ويٺل انهن سياسي نمائندن جي ڪمزوري به آهي جن کي عوام پنهنجي ووٽن سان چونڊي ايوانن ۾ ايم پي اي يا ايم اين اي جي صورت ۾ ڪرسين تي ويهاري ٿو. اهي انهن ايم پي ايز کي اهڙو جواب ڇو نٿا ڏين جيڪي سنڌ دشمنيءَ تي ٻڌل بيان ڏئي عوام کي وري ڊيڄارڻ لاءِ ٻوري بند لاشن جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. ڇا اهڙن منفي سوچ رکندڙ اسيمبلي جي ميمبرن کي لغام ڏيڻ جي اڃان ضرورت محسوس نه ڪئي وئي آهي، يا اڃان به هٿ هٿ تي ڏئي ويهڻ جو وقت آهي. ان کان اڳ جو اسان جو دشمن اسان کي ڪمزور ڪري وقت جي ضرورت آهي ته اسين سڀ گڏجي پاڻ ۾ متحد ۽ منظم بڻجي ذاتين ۽ قبيلن ۾ ورهايل صرف سنڌي بڻجي گڏ ٿيون، سنڌ ۽ سنڌ جي قدرتي وسيلن جي مالڪي ڪيون. خاص طور تي سنڌ جي قومپرست جماعتن، ساڃاهه وندن، سنڌ جي سياسي حلقن، ايوانن ۾ ويٺل سنڌ جي سياستدانن ۽ هر عام و خاص فرد کي پنهنجو پنهنجو اهم ۽ عملي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو