قومي سوال
Azhar Azad Mughal
استاد، مترجم، شاعر، ڪالم نگار
پاڪستان کي وجود ۾ آئي 79 سال ٿي چڪا آهن، ان دوران گهڻو ڪجهه بدلجي چڪو آهي، پر قومي سڃاڻپ، وسيلن جي ورڇ، سياسي نمائندگي ۽ پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن بابت بنيادي تضاد اڄ به جيئن جو تيئن آهن، جيئن 1947ع ۾ هئا. ان جو مرڪزي ۽ تاريخي خيال اهو هو ته ننڍي کنڊ جا مسلمان هڪ ڌار قوم آهن، جن جا سماجي رواج ۽ مفاد هندن کان مڪمل طور الڳ آهن. 1971ع ۾ اوڀر پاڪستان جي ڌار ٿيڻ واري حادثي کانپوءِ ان بيانيي تي نئين سر غور ڪري سگهجي ٿو، پر رياست ان جي ابتڙ پراڻي بيانيي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو رستو چونڊيو. ويجهڙائي وارن سالن ۾ ڀارت ۾ هندوتا جي اڀرڻ ۽ خاص طور تي مئي 2023ع جي واقعن رياستي نظريي جي حامين کي هڪ نئين زندگي ڏئي ڇڏي آهي. تنهن هوندي به، پاڪستان جي پٺتي پيل ۽ سرحدي علائقن سان ٿيندڙ سلوڪ مختلف علائقن جي سياسي شعور رکندڙ نوجوانن جي وچ ۾ الڳ الڳ قومي مطالبن کي وڌيڪ هوا ڏئي رهيو آهي. اهي آواز وڌ ۾ وڌ اڻ ٻڌا ڪيا وڃن ٿا يا وري کين دٻايو وڃي ٿو. ان ڪري، پاڪستان اڄ به هڪ بنيادي تضاد جو شڪار آهي. هڪ اهڙي رياست جيڪا ملڪ اندر ۽ ٻاهر پاڻ کي هڪ مسلم طاقت طور پيش ڪرڻ تي بضد آهي. جڏهن ته ٻئي پاسي مختلف نسلي، لساني گروهه ۽ اقليتون مڪمل طور تي ڌار نظريا رکن ٿيون.
هي معاملو رڳو سڃاڻپ جو ناهي، پر هي اختيارن ۽ وسيلن جي ورڇ جو به آهي. هڪ جديد قومي رياست هر جاءِ تي هڪ مصنوعي يا ٺهيل اڪائي هوندي آهي، رڳو پاڪستان ۾ ائين ناهي، پر دنيا جي ڪيترن ئي ٻين ملڪن ۾ مختلف نسلي، لساني، مذهبي ۽ ٻين برادرين قومي سڃاڻپ جي معاملي تي سمجهوتو ان ڪري ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته هنن پاڻ ۾ طاقت جي ورڇ جو ڪو گهٽ ۾ گهٽ قابلِ قبول طريقو جوڙي ورتو آهي. مثال طور ملائيشيا کي ڏسو؛ اتي چيني ۽ هندستاني اقليتن جي وڏي آبادي آهي جيڪا غير مسلم آهي ۽ کين وڏا اقتصادي فائدا حاصل آهن. هنن هڪ اهڙي سياسي نظام کي تسليم ڪيو آهي جيڪو ملائي اڪثريت جي مٿڀرائپ کي محفوظ رکي ٿو. منڊارين ۽ تامل اتان جون قومي ٻوليون ناهن، پر کين آئيني تحفظ حاصل آهي. ملائيشيا جي نظام ۾ به ڪيتريون ئي خاميون آهن، جهڙوڪ: ٻهراڙيءَ وارن پٺتي پيل علائقن ۾ غريب ملائي آباديءَ جو هجڻ ۽ حڪومت جو آمريت ڏانهن لاڙو، پر آزاديءَ کانپوءِ جي منجهيل سياسي نظامن کي ڏسجي ته اهو پاڪستان جي موجوده نظام کان يقينن گهڻو بهتر ڪم ڪري رهيو آهي. ان جي برعڪس، پاڪستان ۾ عملي طور تي ڪوبه فعال عوامي نمائندو ادارو موجود ناهي؛ رياست جا غير چونڊيل ادارا پٺتي پيل علائقن جا وسيلا ڳڙڪائي رهيا آهن ۽ هن ڌرتيءَ جي مظلوم ۽ لاچار ماڻهن کي بنا ڪنهن خوف جي سندن حقن کان محروم ڪري رهيا آهن. موجوده نظام جا دانشور ۽ نظرياتي حامي انهن سردارن ۽ نوابن خلاف ته وڏيون وڏيون تقريرون ڪن ٿا جيڪي پنهنجي عوام کي محروم رکن ٿا، پر اهي پاڻ موجوده صوبن کي ختم ڪري ڊزن کن نوان انتظامي يونٽ ٺاهڻ جا عجيب ۽ بيوقوفاڻا منصوبا تيار ڪري رهيا آهن. مختصر طور تي ھڪ فوجي رنگ ۾ رنڱيل حڪمران طبقو تاريخي طور تي پٺتي پيل علائقن جي اشرافيه سان به اختيار ونڊڻ کان انڪار ڪري ٿو. ان جي باوجود، هو پنهنجي هر فرمانبردار حڪومت کي ڪجهه سالن تائين قائم رکڻ لاءِ سخت جدوجهد ڪري ٿو ۽ پوءِ بنا ڪنهن عزت جي ان موجوده سرمائيداراڻي منجهيل ٽولي کي هٽائي ان جي جڳهه تي ٻيو ٽولو کڻي اچي ٿو. اهو سڀ ڪجهه جاگرافيءَ جي بنياد تي شروعات ٿيڻ کانپوءِ 79 سالن کان مسلسل هلي رهيو آهي. اسٽيبلشمينٽ جي اندر اڃان تائين اهو پڪو ويساهه آهي ته محلن جون سازشون ۽ عوام کي جاهل رکڻ ئي ڪارائتيون حڪمت عمليون آهن. ڇاڪاڻ ته آمريڪا، چين، وچ اوڀر وارا ملڪ ۽ ٻيا مددگار هن سيڪيورٽي تي ٻڌل رياست کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ سيڙپڪاري ڪري رهيا آهن، پر حقيقت اها آهي ته عام پاڪستاني ساهه منجهائيندڙ قرضن ۽ مڪمل طور تي غير پيداواري معيشت جي بار هيٺان دٻجي چڪو آهي.
جاگرافيائي ۽ سياسي حيثيت جي بدلي ملندڙ امداد تي ڀاڙڻ سان گڏوگڏ اسان جي ويجهن پاڙيسرين کي دشمن طور پيش ڪيو وڃي ٿو. ظاهر آهي ته هندستان ۽ افغانستان ۾ موجود ظالم ۽ نفرت پکيڙيندڙ حڪمران به علاقائي امن لاءِ ڪو سٺو ڪم نه پيا ڪن. حقيقت ۾، 15 آگسٽ تي هندستاني اسٽيبلشمينٽ به پنهنجو حد کان وڌيڪ قومپرستي وارو تماشو ڪندي ۽ اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندي ته هو مليل ڪشمير کان وٺي ناگالينڊ تائين، پنهنجي اندروني مخالفن کان مڪمل طور پاڪ آهي. ان ئي تسلسل ۾، رياست هن ملڪ جي ستايل پٺتي پيل علائقن ۽ پورهيت ماڻهن تي بار بار هڪ ئي تجربو مڙهيو آهي. هتي ظلم ۽ استحصال کي پرڏيهي سازش جي خاتمي جو نالو ڏئي صحيح ثابت ڪيو ويندو آهي، جنهن جي رٿابندي لڳ ڀڳ هميشه هندستان يا افغانستان ۾ ٿيندي آهي. تنهن هوندي به، ملڪ اندر موجود ‘دشمنن’ جو انگ وقت سان گڏ وڌندو ويو آهي؛ هيءُ سڀ کان وڌيڪ ان سڙيل ۽ ناڪام نظام مٿان هڪ چارج شيٽ آهي جنهن کي صرف پنهنجي طاقت ۽ دولت جي خواهش رکندڙ تنگ نظر حڪمرانن زنده رکيو آهي. اهو سڀ ان وقت ٿي رهيو آهي جڏهن ملڪ جي هڪ وڏي نوجوان آبادي بنيادي انساني ضرورتن ۽ آزادين کان محروم آهي. پوءِ پاڪستان جي هن پيچيده قومي مسئلي جي حل جا ڪهڙا امڪان آهن؟ ڪي گهڻا ناهن، پر اسان جي وچ ۾ اڃان به ڪيترائي اهڙا ماڻهو موجود آهن جيڪي حقيقي نئين بيٺڪيتي نظام جي خاتمي لاءِ جدوجهد جاري رکيو اچن ٿا. ان لاءِ ماحول سازگار بنائڻ هڪ تمام وڏو چئلينج هوندو، پر اسان کي هڪ اهڙي گهڻ قومي سماجي معاهدي جي ضرورت آهي، جيڪو پاڪستان جي سڀني قومن کي برابر سمجهي.
قدرت پاران اسان کي مليل وسيلن جو استعمال سڀني جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ٿيڻ گهرجي، جنهن ۾ ايندڙ نسل به شامل آهن. ان سان گڏوگڏ اسان جي پاڙيسري ملڪن سان پرامن ۽ بھتر لاڳاپا قائم ڪرڻ گهرجن، تڏهن ئي اهي پاڻمرادو بڻيل ملڪ جا حڪمران عوام جي مرضيءَ جا پابند ٿي سگهندا.
حوالو: ڊان نيوز پيپر. تاريخ: 14 آگسٽ 2026
موضوع: National Question
هي مضمون ڪيئن رهيو؟