مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

جديديت جو اخلاقي بحران ۽ انسان

Sufi Rahman Ali

ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

انساني تاريخ کي جيڪڏهن لاڳاپي سان ڏٺو وڃي ته اها علم، تهذيب ۽ اوسر جي ڪهاڻي لڳي ٿي، پر جڏهن ان کي فڪر جي اک سان پرکجي ٿو، تڏهن خبر پوي ٿي ته اهو رت، رنج ۽ رڻ جو هڪ ڊگهو داستان آهي. جنگ انساني فطرت جي ان اختلاف مان جنم وٺي ٿي، جتي بقا جي خواهش، سرسي حاصل ڪرڻ جي خواهش ۾ بدلجي وڃي ٿي. انساني تاريخ ڪا رڳو ترقيءَ جي ڪهاڻي ناهي، پر هيءَ تقريبن 13 هزار اهڙين جنگين جو داستان آهي، جتي هر فتح جي پٺيان انسانيت جي شڪست لڪيل هئي، قديم سلطنتن جي مذهبي جنون کان وٺي، وسيلن تي قبضي جي جنگين تائين، انسان هميشه پنهنجي ئي وجود جو دشمن رهيو آهي. يونان اسپارٽا جي ميدانن کان وٺي جديد دنيا جي جنگي محاذن تائين، رت جي رنگ ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي، فقط هٿيارن جا نالا بدلجي ويا آهن. آمريڪا جيڪو عالمي سطح تي هٿيارن جو سڀ کان وڏو واپاري مرڪز آھي، جڏهن وڏيون عالمي طاقتون ۽ قوتون هٿيار وڪڻڻ جا معاهدا ڪنديون آهن، تڏهن اهي رڳو ميزائل ناهن وڪڻنديون، پر معصوم ٻارن جي ماني ۽ مريضن جي دوا جو پئسو پڻ لٽينديون آهن. وچ اوڀر ۽ ايشيا اسرائيل کان وٺي چين ۽ جاپان تائين وڌندڙ فوجي سگھه ظاهر ڪري ٿي ته اسان وسيلن جو رخ ترقيءَ بدران تباھيءَ ڏانهن موڙي ڇڏيو آهي ۽ فاصلي کي شڪست ڏني ۽ ڪائنات جي رمزن کي کولڻ جي دعويٰ ڪئي، پر سوال اهو آهي ته ڇا هن پنهنجي اندر جي اونداهيءَ کي به سمجهيو؟ مصنوعي ذهانت، ٿري ڊي پرنٽر، ڊرون ٽيڪنالاجي ۽ ايٽمي هٿيار انساني عقل جا بي مثال شاهڪار آهن، پر ساڳئي وقت اهي جديد دور جي اخلاقي بحران جا به عڪس آهن. جڏهن زندگي ۽ موت بابت فيصلا الگورٿمن جي حوالي ڪيا وڃن ٿا، جڏهن ڪروز ميزائل هزارين ميل پري ويٺل انسانن تي تباهي جو پيغام پھچائين ٿا، تڏهن سوال پيدا ٿئي ٿو ته ذميواري آخر ڪنهن جي آهي؟ مشين جي يا انسان جي. البرٽ آئنسٽائن جو مشهور قول آهي ته، انساني ذهانت جي ڪا حد نه هوندي، پر ان جي اخلاقي استعمال جي ذميواري به اوتري ئي وڏي اھميت جوڳي هوندي آهي. هٿرادو ذهانت ڪنهن ٻئي گروهه تان آيل مخلوق ناهي، پر اها انسان جي پنهنجي ذهن جو عڪس ۽ ارتقا جو نتيجو آهي. اسان پنهنجي سموري تاريخ، علم ۽ سوچ ان مشين جي اندر منتقل ڪري رهيا آهيون. نتيجي طور هڪ اهڙي سپر انٽيليجنس مشين جنم وٺي رهي آهي جنهن ۾ انساني احساس ۽ مشين جي رفتار پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي ويندا، فلمن جي پردن تي لکيل اهي داستان، جتي مشينون انسانن جو شڪار ڪن ٿيون، شايد صرف هڪ وندر آهي. حقيقت جي اونهائيءَ ۾ ته هڪ خاموش سنگم ٿي رهيو آهي، انسان پنهنجي ئي تخليق ڪيل آئيني ۾ پاڻ کي اهڙو ته مرج ڪري ڇڏيندو، جو ايندڙ وقت ۾ اهو سڃاڻڻ ڏکيو ٿي پوندو ته جنهن جي رڳن ۾ بجليءَ جون لهرون آهن، اهو انسان آهي يا مشين. هيءَ جديديت، جيڪا ظاهر ۾ ترقي آهي، اصل ۾ هڪ اهڙي فڪري کوٽ کي جنم ڏئي رهي آهي، جتي انسان ڇو کان وڌيڪ ڪيئن تي ڌيان ڏئي ٿو، فلسفيءَ جي دنيا ۾، ارسطو کان وٺي جديد مفڪرن تائين، جنگ کي ڪڏهن ضرورت ته ڪڏهن اڻٽر برائي سڏيو ويو آهي، پر تاريخ جو تجربو اهو ٿو ٻڌائي ته جنگ ڪڏهن به امن جو پيش خيمو نه رهي آهي، پر اها امن جي کوٽ جو نتيجو رهي آهي. هيروشيما جي خاڪ، ناگاساڪي جي سڙيل ڀتين، ويٽنام جي زخمن، عراق جنگ، فلسطين جي ويراني، افغانستان جھاد، بوسنيا، چيچنيا مذھبي بنياد تي جنگ ۽ موجود وقت ۾ ايران سان آمريڪي اسرائيل جي جنگ دنيا جي هر ان ميدان ۾ جتي انساني جسم خاڪ بڻجي اڏاميو اتي دراصل انسان پنهنجي عقل جي فتح نه، پر پنهنجي اخلاق جي شڪست جو مشاهدو ڪيو آهي. ياد رکو ته بارود مان ڪڏهن به گلاب ناهن ڦٽندا، جيڪڏهن انسانذات کي پنهنجي وجود کي بچائڻو آهي ته هٿيارن جي هن ڊوڙ کي روڪڻو پوندو، امن ڪو ڪمزوريءَ جو نالو ناهي، پر امن سڀ کان وڏي بهادري آهي. اسان ھڪ اهڙي مستقبل جو بنياد رکون جتي بري اعظم ميزائلن جي بجيٽ مان اسپتالون بڻائجن، بارود جي ڪارخانن جي جاءِ تي نوان عالمي سطح جا تعليمي اداران جو بنياد رکجي، ايندڙ نسل اسان کي هڪ جنگي جنوني نسل طور نه، پر امن جي مستقل امن قائم ڪندڙن طور ياد ڪري. جنگ پاڻ هڪ وڏو مسئلو آهي، اها ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي. زندگي صرف محبت ۽ امن ۾ ئي آهي. لطيف سائينءَ فرمائي ٿو ته سائينم سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار، دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو