مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

مهاجرن جو تضاد

Ambassador M. Alam Brohi سي.ايس.ايس، اڳوڻو سفير، پرڏيهي وزارت ۾ ڊپٽي چيف آف پروٽوڪول ڊائريڪٽر.

سفير محمد عالم بروهي ڪيترائي اهم ڪتاب لکيا آهن، جن ۾ بين الاقوامي لاڳاپن، عالمي سياست ۽ پاڪستان، خاص طور سنڌ بابت سندس يادگيرين ۽ فڪري تجربن کي موضوع بڻايو ويو آهي.<br /> (1) The Global Power Politics: Overview of Current International Issues (2022). (2) The Changing Global Geo-Political and Strategic Dynamics: Challenges for Pakistan: Past and Present (2018). (3) A Voice In The Wilderness: Memoirs & Reflections (2017). (4) Sindh: Saga of Betrayal, Resilience and Hope. (5) Pakistan: A Sad Betrayal

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

مهاجر برادريءَ کي پنهنجي الڳ ٿلڳ رهڻ ۽ پاڻ کي ٻين کان جدا رکڻ واري روش سبب پهتل نقصانن جو سنجيدگيءَ سان جائزو وٺڻ گهرجي. ان جي ڀلائي ۽ خوشحالي ان ڳالهه ۾ آهي ته سنڌ کي پنهنجو وطن تسليم ڪري، ان جي سياسي ۽ معاشي فائدن سان گڏ مسئلن کي به پنهنجو سمجهي، هتي جي وڏي برادريءَ ۾ پاڻ کي ضم ڪري، امن ۽ احترام سان گڏ رهي ۽ پنهنجي چونڊيل ڌرتيءَ جي سڏ تي گڏجي آواز اٿاري.
سنڌ جو صوبو دنيا جي قديم ترين تهذيبن مان هڪ جو نمائندو آهي. هڪ قديم شهر جي آثارن جي دريافت هر ايندڙ ماڻهوءَ کي سنڌو تهذيب جي عظمت جي ڪهاڻي ٻڌائي ٿي، جيڪا ڪنهن زماني ۾ سنڌو درياءَ جي ڪنارن تي پنهنجي عروج تي هئي. اها تهذيب رهڻي ڪهڻيءَ جي اعليٰ معيار، شائستگي، صفائي سٿرائي، فن ۽ ثقافت جي ڪري سڃاتي ويندي هئي. جديد سنڌ صدين کان گهڻن مذهبن، ٻولين ۽ نسلن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو وطن رهي آهي. انهيءَ منفرد خصوصيت سنڌ کي مسافرن، خانابدوشن، لڏپلاڻ ڪري ايندڙ ماڻهن، شاعرن، عالمن، صوفين، واپارين ۽ سياحن لاءِ هڪ پسنديده منزل بڻائي ڇڏيو. سنڌ انهن سڀني کي پنهنجو پٽ بڻائي ڀاڪر ۾ ڀريو.
سنڌ جو صوبو دنيا جي قديم ترين تهذيبن مان هڪ تهذيب جو نمائندو آهي. موهن جي دڙي جا آثار هر ايندڙ ماڻهوءَ کي سنڌو تهذيب جي عظمت جي ڪهاڻي ٻڌائين ٿا، جيڪا ڪنهن زماني ۾ سنڌو درياءَ جي ڪنارن تي پنهنجي عروج تي هئي. اها تهذيب رهڻي ڪهڻيءَ جي اعليٰ معيار، شائستگي، صفائي سٿرائي، فن ۽ ثقافت جي ڪري سڃاتي ويندي هئي. جديد سنڌ صدين کان گهڻن مذهبن، ٻولين ۽ نسلن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو وطن رهي آهي. انهيءَ منفرد خصوصيت سنڌ کي مسافرن، خانه بدوشن، لڏپلاڻ ڪري ايندڙ ماڻهن، شاعرن، عالمن، صوفين، واپارين ۽ سياحن لاءِ هڪ پسنديده منزل بڻائي ڇڏيو. سنڌ انهن سڀني کي پنهنجو بڻائي ڀاڪر ۾ ڀريو.
ٽالپر حڪمران 1843ع ۾ انگريزن جي طاقتور فوج آڏو سنڌ جي آزادي وڃائي ويٺا. ان جو هڪ وڏو سبب سيٺ نيومل هوتچند جي غداري هئي، جنهن فيصلا ڪن جنگ کان اڳ جنرل نيپئر کي اهم فوجي معلومات، مالي سهڪار ۽ ضروري رسد فراهم ڪئي هئي. انگريز سنڌين جي مزاحمت ۽ ثابت قدميءَ کان واقف هئا، تنهنڪري هنن سنڌ کي ممبئي پريزيڊنسيءَ سان ڳنڍي ڇڏيو. انگريزن سنڌ سان دشمنيءَ ۽ امتيازي سلوڪ تي ٻڌل پاليسي اختيار ڪئي. سنڌين سنڌ کي ممبئيءَ کان ڌار ڪرائڻ لاءِ هڪ ڊگهي ۽ منظم تحريڪ هلائي، جنهن جي نتيجي ۾ 1936ع ۾ سنڌ کي ممبئيءَ کان الڳ صوبو بڻايو ويو.
پاڪستان 14 آگسٽ 1947ع تي هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت سان وجود ۾ آيو. نئين ملڪ کي شروعاتي طور ٻن وڏن چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو، وفاق کي مضبوط ڪرڻ ۽ لڏي آيل پناهگيرن کي آباد ڪرڻ. پاڪستان جي تحريڪ ۾ بنگال ۽ سنڌ اڳين صفن ۾ شامل هئا. پنجاب آخري وقت ۾ پاڪستان سان شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. اڳوڻي اتر-اولهه سرحدي صوبي تڪراري ريفرنڊم ذريعي وفاق ۾ شامل ٿيڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي. بلوچستان کي 5 جون 1947ع تي ٿيل اسٽينڊ اسٽل معاهدي جي نتيجي ۾ جون 1947ع ۾ هڪ آزاد ملڪ قرار ڏنو ويو، پر پوءِ اپريل 1948ع ۾ طاقت جي زور تي ان کي پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو.
پناهگيرن جي آبادڪاريءَ جو چئلينج به نئين ملڪ لاءِ انتهائي ڏکيو هو. لکين بي گهر ٿيل ماڻهو پنجاب ۽ سنڌ ڏانهن لڏي اچي رهيا هئا. سنڌ حڪومت پنهنجا دفتر، سيڪريٽريٽ، عمارتون ۽ گاڏيون مرڪزي حڪومت جي حوالي ڪري ڇڏيون ۽ ان سان گڏ انتظامي، رسدي ۽ مالي سهڪار پڻ فراهم ڪيو. پناهگيرن جو وهڪرو وڌندو رهيو، جنهن سبب انتظامي مشينريءَ تي سخت دٻاءُ پئجي ويو. اها مشينري هڪ ئي وقت ٻن ڌار ڌار حڪمن تحت ڪم ڪرڻ جي صورتحال ۾ ڦاسي پئي هئي.
1947ع ۾ ڪراچيءَ جي آبادي چئن لکن کان ڪجهه وڌيڪ هئي. شهر وٽ ايتري وڏي تعداد ۾ ايندڙ ماڻهن کي آباد ڪرڻ لاءِ گهربل بنيادي ڍانچو ۽ سهولتون موجود نه هيون. صوبائي حڪومت چاهيو ٿي ته پناهگيرن کي سنڌ جي مختلف شهرن ۽ علائقن ۾ آباد ڪيو وڃي، جڏهن ته مرڪزي حڪومت وسيلن جي کوٽ هوندي به پناهگيرن کي ڪراچيءَ ۾ گڏ رکڻ تي زور ڏئي رهي هئي. ڪجهه مورخن جو خيال آهي ته لياقت علي خان ان وقت ڪراچيءَ ۾ پنهنجي لاءِ هڪ چونڊ حلقو ٺاهڻ جي رٿابندي ڪري رهيو هو.
مقامي انتظاميا صوبائي وڏي وزير جي حڪمن بدران مرڪزي اختيارين جي ڳالهه کي وڌيڪ اهميت ڏئي رهي هئي. پناهگيرن جي انهن پرتشدد احتجاجن ۽ هنگامن کي به نظرانداز ڪيو ويو، جن دوران هندو شهرين جي ملڪيتن کي نقصان پهچايو پئي ويو. ان صورتحال وڏي وزير محمد ايوب کهڙي کي مجبور ڪيو ته هو پاڻ متاثر علائقن جو دورو ڪري، هندن جا خدشا ختم ڪري ۽ کين تحفظ جو يقين ڏياري، بعد ۾ سندس حڪومت برطرف ڪئي وئي. کهڙي حڪومت جي برطرفيءَ سان سنڌ جي هندو آباديءَ ۾ خوف ۽ عدم تحفظ جو احساس وڌيڪ گهرو ٿي ويو. نتيجي ۾ هنن وڏي پيماني تي خوف وچان سنڌ مان لڏپلاڻ ڪئي. ان سان سنڌ هڪ پڙهيل لکيل، واپاري ۽ تدريسي طبقي سان گڏ سرڪاري ملازمن جي وڏي انگ کان به محروم ٿي وئي. ڪجهه ئي سالن اندر ڪراچيءَ جي آبادي وڌي ٻارهن لکن کان به وڌيڪ ٿي وئي. سنڌ جي ٻين شهرن ۾ پناهگيرن جي آبادڪاري نسبتن آسانيءَ سان ٿي ۽ ان سان انتظامي سطح تي ڪو وڏو مسئلو پيدا نه ٿيو.
مرڪزي حڪومت جو سربراهه بڻجڻ لاءِ راجا صاحب محمود آباد جي انڪار کانپوءِ لياقت علي خان کي وزيراعظم مقرر ڪيو ويو. لياقت علي خان پناهگيرن جي سياسي، معاشي ۽ سماجي فائدن بابت غير معمولي طور گهڻو فڪرمند هو. مقامي آباديءَ جي قيمت تي پناهگيرن کي ترجيح ڏيڻ واري سندس روش جا ڪيترائي اڻ وڻندڙ نتيجا نڪتا. انهن ۾ پناهگيرن کي ڪراچيءَ ۾ گڏ آباد ڪرڻ، شهر جي آباديءَ جو توازن بگاڙڻ، هندن جي ملڪيتن تي غير قانوني قبضا، پناهگيرن کي وڏي پيماني تي سرڪاري ملازمتن ۾ ڀرتي ڪرڻ، ڪراچي ۽ پناهگيرن لاءِ سرڪاري نوڪرين جا الڳ ڪوٽا مقرر ڪرڻ، سنڌي اسڪولن کي اردو اسڪولن ۾ تبديل ڪرڻ ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ کي پنهنجي قبضي ۾ وٺي ان جو نالو بدلائي ڪراچي يونيورسٽي رکڻ جهڙا قدم شامل هئا.
هن بنا ڪنهن مناسب احتسابي طريقيڪار جي ڇڏيل ملڪيتن جو نظام (Evacuee Property System) پڻ قائم ڪيو. ملڪيتن جي الاٽمينٽ ۾ ان نظام تحت سنگين بدعنوانيون ۽ بي ضابطگيون پيدا ٿيون. ان صورتحال پناهگيرن ۾ ملڪيت حاصل ڪرڻ جي فطري انساني خواهش کي وڌيڪ هٿي ڏني. جڏهن ته مقامي آباديءَ ۾ خدشا ۽ بي اطميناني پيدا ٿي. صدر ايوب خان پنهنجي سوانح عمريءَ ۾ به وضاحت ڪئي آهي ته اهو نظام ڪرپشن، بدعنواني ۽ فراڊ جو شڪار بڻجي ويو هو. 1970ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ ان نظام کي ختم ڪيو ويو.
سرپرستيءَ جي نالي ۾ ڪيل انهن غير منصفاڻين ۽ حد کان وڌيڪ رعايتن پناهگيرن ۾ پاڻ کي الڳ ۽ ٻين کان مٿانهون سمجهڻ جو احساس پيدا ڪيو. ان سان سنڌ جي ڌرتيءَ سان فطري وابستگي پيدا ٿيڻ جو عمل رڪجي ويو ۽ گڏيل سياسي ۽ معاشي مفادن جي بنياد تي مقامي آباديءَ ۾ ضم ٿيڻ جو عمل لڳ ڀڳ ختم ٿي ويو. ان جي ابتڙ پنجاب ۾ اهڙي قسم جو عمل جاري رهيو. هر گهڻ-اللساني، گهڻ-مذهبي ۽ گهڻ-ثقافتي سماج ۾ مختلف برادرين جو پاڻ ۾ ضم ٿيڻ هڪ فطري عمل رهيو آهي، پر ڪراچيءَ ۾ نون آبادڪارن ۾ پيدا ٿيل الڳ ٿلڳ رهڻ ۽ پاڻ کي ٻين کان ڌار سمجهڻ جو احساس هڪ منفرد صورتحال هئي.
آڪٽوبر 1951ع ۾ لياقت علي خان جي قتل کان ٿورو ئي پوءِ مهاجر سياسي ۽ بيوروڪريٽڪ قيادت، غلام محمد ۽ چوڌري محمد علي جي سهڪار سان، پنجاب جي غالب حڪمران اشرافيه سان هڪ سياسي ۽ انتظامي اتحاد قائم ڪيو. ون يونٽ جي دور ۾ اهو اتحاد وڌيڪ واضح ٿي سامهون آيو. سنڌ جي سياسي قيادت ون يونٽ جي منصوبي جي سخت مخالفت ڪئي هئي. چوڌري خليق الزمان صديقيءَ کانسواءِ مهاجر اڳواڻن انهيءَ منصوبي جي يا ته کلي عام حمايت ڪئي يا خاموشيءَ سان ان جي پٺڀرائي ڪئي. ان اتحاد مان مهاجر بيوروڪريسيءَ کي فائدو پهتو، جنهن سان انهن ۾ اڳ ئي موجود الڳ ٿلڳ رهڻ وارو احساس وڌيڪ مضبوط ٿيو.
ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ سينيئر سپرنٽينڊنٽ آف پوليس جهڙن اعليٰ عهدن تي گهڻي ڀاڱي پنجابي ۽ مهاجر آفيسر مقرر هئا. 1954ع کان 1970ع تائين سنڌ ۾ مقرر ڪيل انهن آفيسرن جو انگ هن ريت هو: 88 پنجابي، 147 مهاجر، 90 سنڌي ۽ 9 پٺاڻ. سنڌي آفيسرن مان اڪثر سپرنٽينڊنٽ آف پوليس هئا، جڏهن ته ڪجهه کي ڊپٽي ڪمشنر طور مقرر ڪيو ويو هو. سول سروس آف پاڪستان (CSP) جي ڪيڊرن جي ورهاست ۾ به اوڀر پاڪستان سان سخت امتيازي سلوڪ ڪيو ويو.
ننڍن صوبن کان ڊوميسائيل، نوڪرين، وسيلن، زمينن ۽ ملڪيتن تي پنهنجو اختيار کسيو ويو. هزارين پنجابي ماڻهن سنڌ، بلوچستان ۽ اڳوڻي اتر-اولهه سرحدي صوبي جا ڊوميسائيل حاصل ڪيا ۽ مقامي انتظاميا جي هر سطح تي ملازمتون حاصل ڪيون. بلوچستان ۽ سنڌ مان ڪڍيل تيل ۽ گئس جو استعمال انهن صوبن جي ڀيٽ ۾ ٻين علائقن ۾ وڌيڪ ڪيو ويو. ننڍن صوبن جا ماڻهو پاڻي، زراعت ۽ صنعتي ترقيءَ لاءِ مالي مدد حاصل ڪرڻ خاطر پنجاب جي بالادستيءَ هيٺ هلندڙ واپڊا، پي آءِ ڊي سي ۽ اي ڊي بي ڏانهن بيوسيءَ سان نهاريندا رهيا.
گڊو ۽ غلام محمد (ڪوٽڙي) بئراجن جي ڪمانڊ ايرياز ۾ لکين ايڪڙ زمينون مقامي ماڻهن بدران ٻاهرين ماڻهن کي الاٽ ڪيون ويون. مقامي سنڌين کي 309,800 ايڪڙ زمين ڏني وئي، جڏهن ته باقي 423,500 ايڪڙ زمين پنجابي آبادگارن، بيوروڪريٽن، فوجي آفيسرن، فوجي اهلڪارن، اعزاز ۽ لقب حاصل ڪندڙ ماڻهن، تربيلا ۽ منگلا ڊيمن جي متاثرن ۽ اسلام آباد کي ڏني وئي. مهاجر قيادت سنڌ جي انهن مسئلن کان لاتعلق رهي. ون يونٽ خلاف هلندڙ تحريڪ يا سنڌ جي زمينن تي ٿيندڙ غير منصفاڻي قبضي خلاف جدوجهد ۾ به هنن ڪا دلچسپي نه ڏيکاري. اها هڪ انتهائي اڻ وڻندڙ صورتحال هئي.
1968ع ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي (پ پ پ) جي قيام، سنڌ ۽ پنجاب ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي وڌندڙ مقبوليت ۽ 1970ع ۾ عام چونڊن جي اعلان ملڪ ۾ سياسي هلچل پيدا ڪري ڇڏي. شاگرد سياست کي به هٿي ملي ۽ اها وڌيڪ گوڙ شور ۽ تشدد جو شڪار ٿيڻ لڳي. اسلامي جميعت طلبه سڄي سنڌ ۾ منظم هئي ۽ ان کي مهاجر توڙي سنڌي شاگردن جي حمايت حاصل هئي. جيئي سنڌ متحده محاذ، مسلم ليگ ۽ عوامي تحريڪ جا به پنهنجا شاگرد ونگ هئا. سنڌ ۽ پنجاب ۾ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن پڻ پنهنجي تنظيمي جوڙجڪ جي شروعاتي مرحلي ۾ هئي.
سنڌ يونيورسٽيءَ جي حدن اندر شاگردن جي هڪ گروهه ٻن مهاجر شاگردن، عثمان ڪينيڊي ۽ عابد ظهيري، سان بدسلوڪي ۽ هٿين پوڻ جو واقعو پيش آندو. عثمان واري واقعي مهاجر قيادت ۽ اردو پريس جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو. ان صورتحال سبب حيدرآباد ۾ سنڌي ۽ مهاجر شاگردن وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي. ٿوري ئي عرصي کان پوءِ شهر ۾ نواب مظفر خان جي اڳواڻيءَ ۾ “سنڌ مهاجر، پنجابي ۽ پٺاڻ متحده محاذ” جو قيام پڻ عمل ۾ آيو. هو مقامي سياستدان هو ۽ اڪثر انتهائي اشتعال ڏياريندڙ تقريرون ڪندو هو. سندس محاذ ٻنهي برادرين وچ ۾ وٿيءَ کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو.
جماعت اسلامي سميت ساڄي ڌر جون مذهبي جماعتون پيپلزپارٽيءَ جي چونڊ مخالفن طور سامهون آيون. سنڌ جا قومپرست، جن ۾ جي. ايم سيد جي اڳواڻيءَ وارو جيئي سنڌ متحده محاذ به شامل هو، ڀٽي جي مخالفت ڪري رهيا هئا. ڪجهه مخصوص علائقن کانسواءِ مهاجر برادريءَ جي اڪثريت ساڄي ڌر جي مذهبي جماعتن جي حمايت ڪري رهي هئي. انهن جماعتن جي چوڻ تي سئو کان وڌيڪ مولانائن هڪ فتويٰ جاري ڪئي ته ڀٽي سوشلزم جو نعرو هڻي ڪفر جو رستو اختيار ڪيو آهي، تنهنڪري کيس جسماني طور ختم ڪرڻ جائز آهي.
چونڊن جا نتيجا حيران ڪندڙ هئا. ذوالفقار علي ڀٽي جي پاڪستان پيپلزپارٽيءَ اولهه پاڪستان ۾ زبردست اڪثريت حاصل ڪندي 138 مان 82 سيٽون کٽيون، جڏهن ته شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ اوڀر پاڪستان ۾ 162 مان 160 سيٽون حاصل ڪيون. فوجي حڪومت عوامي ليگ کي اقتدار منتقل نه ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ پرتشدد احتجاج، گهرو ويڙهه ۽ فوجي شڪست جو سلسلو شروع ٿيو، جنهن آخرڪار پاڪستان جي ٽٽڻ تي پهچايو.
اوڀر پاڪستان جي عليحدگيءَ ۽ فوجي ڇانوڻين ۾ پيدا ٿيل بيچينيءَ کان پوءِ اقتدار ذوالفقار علي ڀٽي حوالي ڪيو ويو. ڀٽي جي اقتدار ۾ اچڻ سان مهاجر قيادت کي احساس ٿيو ته سندن مراعات يافته حيثيت ۽ اقتدار تي اثرانداز ٿيڻ وارو دور ختم ٿي چڪو آهي. ان احساس سندن خوف ۽ گهيري ۾ هجڻ واري ذهنيت کي وڌيڪ وڌايو. ان جو هڪ مثال جولاءِ 1972ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان سنڌي ٻوليءَ جو بل منظور ٿيڻ هو، جنهن جو مقصد سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري آفيسن ۽ عدالتن جي ٻولين مان هڪ طور ٻيهر تسليم ڪرڻ هو. جڏهن ته اهو بل پنهنجي نوعيت ۾ هڪ سادو ۽ بي ضرر قدم هو.
مهاجر قيادت ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پرتشدد احتجاج ڪيو. ڀٽي صورتحال کي سنڀالڻ لاءِ ممتاز علي ڀٽي جي جاءِ تي نرم مزاج غلام مصطفيٰ جتوئيءَ کي سنڌ جو وڏو وزير مقرر ڪيو ۽ مهاجر اڳواڻن جا ڪيترائي مطالبا پڻ مڃيا. تنهن هوندي به ٻنهي برادرين وچ ۾ اعتماد جي کوٽ ختم نه ٿي سگهي. هاڻي مهاجرن کي اعليٰ عهدن لاءِ وڏي برادريءَ سان مقابلو ڪرڻو پئجي ويو. مرڪزي اعليٰ ملازمتن (Central Superior Services) ۾ شروعاتي طور ٻهراڙي ۽ شهري آباديءَ لاءِ ڏهن سالن جي عرصي تائين ڪوٽا مقرر ڪئي وئي. بعد ۾ جنرل ضياءُ الحق ان مدت کي وڌائي ويهه سال ڪري ڇڏيو. جنرل ضياءُالحق ٻنهي برادرين جي وچ ۾ موجود وٿيءَ مان فائدو وٺندي 1980ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ ايم ڪيو ايم جي قيام ۾ مدد ڪئي. تنگ نظر نسلي سياست جي بنياد تي وجود ۾ آيل ايم ڪيو ايم عروج ۽ زوال جي ڪيترن ئي هنگامه خيز مرحلن مان گذري. سنڌ ۾ ان پيپلزپارٽيءَ سان ڪڏهن سياسي محاذ آرائي ڪئي، ڪڏهن اقتدار ۾ ان جي ساٿي بڻجي وئي ته ڪڏهن وري ٻين سياسي ڌرين سان وڃي گڏجي. لڳ ڀڳ چئن ڏهاڪن تائين ايم ڪيو ايم ڪراچيءَ ۽ مهاجر برادريءَ کي سياسي، معاشي ۽ بنيادي ڍانچي جي حوالي سان ڪنهن به ٻي ڌر کان وڌيڪ نقصان پهچايو. جيڪڏهن نوجوانن جي هٿن ۾ ڪتابن جي جاءِ تي هٿيار ڏنا وڃن ته اها برادري ڪيئن ترقي ڪري سگهندي؟ مهاجر برادريءَ جي تعليمي زوال جو الميو انتهائي ڏکوئيندڙ رهيو آهي. مهاجر برادريءَ کي پنهنجي الڳ ٿلڳ رهڻ ۽ پاڻ کي ٻين کان جدا رکڻ واري روش سبب پاڻ کي پهتل نقصانن جو حساب ڪرڻو پوندو. ان جي ڀلائي ۽ خوشحالي ان ڳالهه ۾ آهي ته سنڌ کي پنهنجو وطن تسليم ڪري، ان جي سياسي ۽ معاشي فائدن سان گڏ مسئلن کي به پنهنجو سمجهي، هتي جي وڏي برادريءَ ۾ پاڻ کي ضم ڪري، امن ۽ احترام سان گڏ رهي ۽ پنهنجي چونڊيل ڌرتيءَ جي سڏ تي گڏجي آواز اٿاري.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو