مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

وچ اوڀر ۽ آتش فشان جي لاوي تي بيٺل دنيا

Tufail Magsi

ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اوڀر ايشيا هڪ ڀيرو وري عالمي سياست جو سڀ کان خطرناڪ مرڪز بڻجندو ڏيک ڏئي رهيو آهي. ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ وڌندڙ تيز ڇڪتاڻ نه صرف پرڳڻي جي ملڪن بلڪه سڄي دنيا کي ڳڻتيءَ ۾ وجهي ڇڏيو آهي ۽ اهڙي قسم جي ماحول ۾ مختلف افواهن جو پکڙجڻ به تيز ٿي ويندو آهي، حقيقت ۽ گمان جي وچ ۾ فرق ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو آهي ۽ اهوئي ڪارڻ آهي ته موجوده صورتحال کي جذبن جي بجاءِ زميني حقيقتن جي روشني ۾ سمجهڻ جي وڌيڪ ضرورت آهي. اڄڪلھه سوشل ميڊيا تي ايران جي خارگ ٻيٽ جي باري ۾ مختلف دعوائون ٿي رهيون آهن،جن ۾ آمريڪي فوج جي ٻيٽ تي قبضي جي ڪوشش يا آمريڪي فوجين جي گرفتار ٿيڻ جهڙيون ڳالهيون شامل آهن. باوجود ان جي هينئر تائين انهيءَ جي ڪنهن معتبر بين الاقوامي خبر ڏيندڙ اداري يا سرڪاري وسيلي تصديق ناهي ڪئي. حقيقت اها آهي ته خارگ ٻيٽ ايران جي تيل برآمدات جو سڀ کان اهم مرڪز آهي ۽ هلندڙ ڇڪتاڻ ۾ فضائي ۽ ڊرون حملن جا اطلاع به سامهون آيا آهن، پر مٿيون دعوائون تصديق ٿيل شاهدين کان محروم آهن. البته هن کان انڪار ممڪن ناهي ته جهڳڙو هينئر صرف ايران ۽ آمريڪا تائين محدود ناهي رهيو. عراق، شام ۽ پرڳڻي جي ٻين علائقن ۾ مختلف فوجي ڪارروائين صورتحال کي وڌيڪ ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي. هر نئين ڏي وٺ هن ڊپ کي وڌائي رهي آهي ته جيڪڏهن سفارتي ڪوششون ناڪام رهيون ته اها ڇڪتاڻ هڪ ڪشادي علاقائي بحران ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي. ٻئي پاسي عالمي طاقتون به خاموش تماشائي ناهن. روس ۽ چين پرڳڻي ۾ پنهنجي سياسي ۽ معاشي مفادن جي تحفظ جي لاءِ سرگرم آهن. جڏهن ته ڀارت سميت ٻيا علاقائي ملڪ به تبديل ٿيندڙ حالتن تي ڳوڙهي نظر رکيو پيا اچن. جيڪڏهن ويڙهه وڌيڪ پکڙجي وئي ته وڏين طاقتن لاءِ اڻ ڌريو رهڻ اڳ کان وڌيڪ مشڪل ٿي سگهي ٿو، جنهن سان عالمي اتحاد ۽ نيون صف بنديون جنم وٺي سگهن ٿيون. پاڪستان لاءِ به اها صورتحال غير معمولي اهميت رکي ٿي. جاگرافيائي ويجهڙائپ جي ڪارڻ وچ اوڀر ۾ ڪنهن به وڏي بحران جا سڌا سنوان اثر پاڪستان تائين پهچي سگهن ٿا. تيل ۽ گيس جي سپلاءِ، درآمدي خرچ، مهانگائي، سامونڊي واپاري رستا ۽ اندروني امن و امان جهڙا شعبا ان ڇڪتاڻ کان متاثر ٿي سگهن ٿا. اهڙين حالتن ۾ ڏاهپ ڀري سفارڪاري، قومي اتحاد ۽ معاشي تياري اڳ کان وڌيڪ ضروري ٿي وڃن ٿا. تاريخ شاهد آهي ته جنگ جي شروعات ته سولي هوندي آهي، مگر ان جو انجام ڪنهن جي به اختيار ۾ نٿو رهي. ان لاءِ وقت جي گهرج آهي ته سموريون ڌريون صبر، سفارتڪاري ۽ ڳالهين کي اوليت ڏين. وچ اوڀر ۾ امن صرف خطي جي ملڪن لاءِ ئي نه، بلڪه سموري دنيا جي استحڪام ۽ عالمي معيشت لاءِ اڻٽر آهي. اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته درست معلومات، تدبر ۽ حقيقت پسنداڻي تجزيي سان حالتن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي. اهائي دانشمندي اسان کي مستقبل ۾ درست فيصلن ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو