وڃايل ڳوٺاڻو ماضي..!!
اها ھم خيال ذهن جهڙي حقيقت آهي ته گلوبلائيزيشن دور جهڙي نالي سان هي وشال ڪائنات صرف يارهن انگن ۾ سوڙهي ٿي وئي آهي، جنهن تي انٽرنيٽ جو جادو حاوي ٿي چڪو آهي. جڏهن ته رانديون رهڻ وارا ٻار ئي نه رهيا ته هارين به ڪشادا راندين وارا ميدان کيڙي ڇڏيا، شهرن جا مزاج ته اڳئي ئي مصروف هئا، پر رهيل ٻھراڙي جي سادڙن ڳوٺن کي به موبائيل جون مصروفيتون ڳڙڪائي ويون. جتي جوان ته کوڙ سارا ملن ٿا، پر نانگ واري راند کان تيز اڏار ترقي رستي “پب جي” (PUBG) ڳولهي ماڻهو مارڻ واري راند تائين ۾ مگن رهڻ وارا گهڻي ڀاڱي ننڍا ۽ وڏا بي فائدي مصروفيت ۾ مگن رهڻ جا عادي ٿيندا پيا وڃن. ڀرسان ويٺي گهرڀاتي، پاڙيسري يا دوست جي احساس کان اوجهل، پر دنيا جي ٻي ڪنڊ ۾ رهندڙ سان سگنلن ذريعي ڪارٽون شڪلن وارا مارڻ ۾ مست سو به وڏي واڪي پنهنجي منهن ڳالهائيندي، اهڙي ذيان واري راند جو اثر دماغ لاءِ ئي ھاڃيڪار رهي ٿو. ماڻهو طبيعت ۾ چيڙاڪ ۽ تنهائي پسند ٿيو وڃي ۽ لڪڻ جو عادي بڻجي اڪيلو ٿيندو وڃي ٿو.
خير حاصلات ته ڪجھه به ناهي، پر انهيءَ ٽيڪنالاجي جو سٺي استعمال طور گهڻو ڪجھه حاصل به ٿي سگهي ٿو، انهيءَ لاءِ ڪجھه وقت پهرين مانائتي ليکڪ خالد ڪنڀار جو اخبار ۾ ڇپيل وقتي ڪارائتو آرٽيڪل، “موبائل فون هوندي به بيروزگار سنڌ” حوالي سان لکيل ليک ۾ واضح طور لکيو آهي ته اها ٽيڪنالاجي ڪيتري ڪمال جي فائديمند آهي، سو پاڻ دنيا ترقي يافته جي دور تي ڳالهيون ڪيون به ڪونه. ڇو ته هاڻي هر ٻئي هٿ ۾ هر ڪنهن جي هٿ تي پوري دنيا آهي جنهن کي علم هوندي ٻڌائڻ واري خطا ڪرڻ به نه گهرجي. باقي ماضيءَ جي جھروڪن تي ڳالهائجي جتي محبتون ملهائڻ کان وٺي ميلا مچائڻ تائين، ٽهڪ ورهائڻ کان وٺي هڪٻئي جي خير عافيت پڇڻ تائين جهڙا خوبصورت پل وقت جي وهڪري ۾ لڙهي ويا آهن، جنهن جو ازالو هلندڙ حال ته ڇا، پر خوف آهي ته مستقبل به پورائو نه ڪري سگهندو.
هن چالاڪي جي دور ۾ چستي ته نظر اچي ٿي، مگر بيمار معاشري ۾ تندرستي نالي ماتر وڃي بچي آهي، جنهن جو ڪارڻ شايد ڪم ڪار لاءِ هلچل جو گهٽجڻ، ٻارن جي راند روند جو خاتمو ٿيڻ، ڳوٺ توڙي پاڙي جي پوڙهن ضعيف ھڏن سان گڏ نوجوان طبقي جو حال احوال ڪرڻ جي بدران اوطاقن جا آڳر خالي ٿيڻ جهڙيون انيڪ سرگرميون ڏينهون ڏينهن ائين گم ٿينديون پيون وڃن جيئن ناياب نسل جا گهڻا سارا پکي ۽ جانورن جا ٽولا اکين کان اوجهل ٿي ويا آهن ۽ انهن جون مٺيون ٻوليون ٻڌڻ لاءِ ڪن سِڪي ويا آهن.
ڏٺو وڃي ته ماڻهو اڳئي به مصروف هوندو هو، ننڍڙا ٻار علم حاصل ڪرڻ لاءِ ڏور تائين پنڌ ويندا هئا، شام راند روند به ڪندا هئا، وڏڙا ڪم ڪار لاءِ ويندا هئا، توڙي هاري ناري ٻني ٻاري تان واندا ٿي رات جي سانجهي پهر کانپوءِ يقينن سندس گهر جي آڳر توڙي ڪچي ڪکائين اوطاق تي به پاڙي وارن سان گڏ ويهي هڪٻئي جو حال ونڊڻ توڙي دنيا جي چرخي تي ڪاروهنوار طور منڊلي مچائيندا هئا. مطلب هر شيءِ وقت تي ٿيندي ضرور هئي. زمانو ساڳيو آهي، دنيا ساڳي آهي، بس ڪچهرين جا ڪوڏيلا ڪي ويچارا ٿيا مٽي جا مهمان ته ڪي وري عمر چڙهي تحت کٽن تي بسترن ڀيڙا، رهيا چهرا ڪجھه نواڻ جي صورت ۾ زمين ساڳي هلچل ۾ روان دوان مگر تبديلي جي چنبي ۾ قيد بڻيل هن معاشري جا درد روز وڃن وڌندا. باقي برڪت واري خوشحالي کي ڪهڙي ڪنڊ ۾ ڳولهجي، شايد اها برڪت به وئي انهيءَ وقت سان جتي اسر وڏي جو ٻهراڙيءَ جون عورتون جنڊ سان توڙي وٿاڻ ۾ مال جي ولرن سان لاڳاپيل رهيون ته مرد موچارا به ساجھر اٿي ڪري ڪلهوڪلهي سان ملائي گڏيل ڪم ڪار ۾ جنبيل رهندا هئا، هر گهر ۾ مکڻ جا چاڻا ۽ لسي جا اوج ملندا هئا ۽ هاڻي مال سان وٿاڻ ڀريا پيا آهن، مگر ڳوٺن جي نج نڀار کير کي شهرن ڳڙڪائي ڇڏيو. ڳوٺن ۾ کير اڻ هوند ٿيندو پيو وڃي ۽ ڳوٺن کان ٿيندي شهرن تائين ملاوٽ اوج تي وڌندي پئي وڃي يا ته کڻي چئجي ته ملاوٽ ٻهراڙي کان به ملڻ سولي ٿي پئي آهي، تڏهن به ڪا حرج ناهي، تڏهن ته صبح واري کير ولوڙڻ جي جُهوجُهو به ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ گهر ۾ آواز اچي ٿو، باقي ٿيو ڪُل خير افسوس ڀلي آيا جي آيا..!!
ڳوٺن جون ڳالهيون ڪندي مهاڙ ماضي ڏانهن مرڪي ٿي، سچ ته ڇا وقت هو. ننڍپڻ پوپٽن جهڙو رنگين ڀنڀورين سان کينچل ڪندي جواني ٿڪ ڀڃڻ لاءِ تتي اس کان ڪيٻائيندي انبن جي ٻور جو سرور ماڻيندي هڪ جيڏن سان شغل ڀريا پنڌ ڪرڻ وارا پيرا الائي ڪٿي وڃائجي چڪا آهن. ٻنين ٻارن ۾ هاري ناري جون هڪلون، توڙي ڪپھه جي تورڻ مهل اٺانوي، نوانوي ۽ سئو پورو ٿيڻ تي سڀني جو ڀلو جهڙا وڏي سڏ سان واڪا ڪرڻ وارا جوڌا به ڪهڙي ڪنڊ ۾ گم ٿي ويا، جنهن جي آواز سان چنڊ هيٺ ٿيندڙ انهيءَ ڀلوڙ روايت ڦُٽين جي پڪي تور تي هارين ۽ حمالپ ڪندڙ مزدورن جي گڏيل ٽهڪن سان ٿڌيون راتيون پري پري تائين ٻُري اٿنديون هيون. مال جي ڌڻ جا ولر ڪاهي هلندڙ ڌنار جو پري جي ميلن تي پهچي سندس ڪنڊي مينهن، ڌونري ڍڳي توڙي سائي گابي لاءِ وڃي ڳانيون توڙي ڇيرون وٺڻ وارا به هلر ڪندي الائي ڪنهن جوءِ جا جوڳي بڻجي رلي ويا، جانٺا جوان به ياد جي پلئه سان پيا ته چانڊوڪي راتين ۾ سندرا ٻڌي لهڻ ۽ ٻکن سان گهمائي ڦيرائي ڪنڌ ڀر ڪيرائڻ توڙي سيٽين هوڪرن سان داد وصول ڪرڻ وارا ملھه پهلوان به ميدان خالي ڪري چڪا. هاڻي ته هڪ ملھه وٺ هڪ مون کي ڏي واري ڪار جو رواج ٿي چڪو آهي جنهن ۾ ملاکڙو صرف نالي مثل سو ملھه راند جي مداحن کي نه ڪو ملي ٿو لاھ نڪو چس…!!
موسمن جي مزاجن ۾ به مزو ناهي رهيو الائي رهڻي ڪهڻي جي عقل پنهنجا پاسا پلٽي ڇڏيا آهن ته به خبر ناهي، ڇو جو جيڪي سنڌ تي چار موسمن جا سج الڳ حوالي سان چڙهندا لهندا هئا انهن جو مزو موسمن تي ماڻڻ وارو رواج به مٽجي چڪو آهي، شايد ملڪي بادشاهن جي ويساگهاتين به عوام جي چيلھه چٻي ڪرڻ جو هر حربو هلائي مهانگائي عروج تي آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي ته ڳوٺ ويران ٿيڻ لڳا، هرڪو پنهنجي پگهر ۾ ٻڏندي پيو ٿو سهڪي. باقي رهيون سھيون محبتون پنهنجا ماڳ مٽائي وڃي ڪنهن بياباني ۾ روڄ راڙو ڪري نيٺ پنهنجو دم ٽوڙي ڇڏيو، جنهن کي ڳولهڻ لاءِ صديون لڳن جو اسان جو نئون نسل به ڄاڻي سگهي ته شهرن جي وڏين ڪشادين عمارتن ۾ پلجندڙ ڳوٺاڻي زندگي گھاريل روح ٻهراڙي حيات لاءِ وڌيڪ ماندا ڇو ٿيندا آهن جو وڏن شهرن جي مزاج جا واقف ٿيندي به عيدون ملهائڻ توڙي مرڻا پرڻا، ملڻ جلڻ لاءِ ڳوٺن ڏانهن ڊوڙ پائڻ لاءِ ترسن ٿا، پري رهڻ جو عذاب ڀوڳين ٿا ۽ اندر ئي اندر ۾ پاڻ لڇندي پڄرن ٿا..!!
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟