مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

والٽيئر جي جيون ڪٿا (قسط چوٿين)

Kamran Jatoi انجنيئر، تعليمدان، مفڪر، ليکڪ

اليڪٽريڪل انجنيئر (فلسفو، سائنس، اينٿروپالاجي پسنديده موضوع)

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

فرانس جي بادشاهه لوئي پندرهين تي هڪ گمنام ۽ عام شخص قاتلاڻو حملو ڪيو هو ان شخص کي سخت ترين سزا ڏئي قتل ڪيو ويو. بادشاهه تي ٿيندڙ حملي سڄي يورپ جي سياستدانن ۽ حڪمرانن ۾ خوف جي لهر ڊوڙائي ڇڏي. هڪدم قانون کي وڌيڪ سخت ۽ ظالماڻو بڻايو ويو ۽ پريس تي سينسرشپ هنئي وئي. هڪ چريي ماڻهو جي ڪم سان نبيرڻ جو رڳو هڪ ئي طريقو هو ته هزارين بيگناهه ماڻهن کي اذيتون ڏنيون وڃن ۽ کين نشانو بڻايو وڃي. اها ڳالهه ٻه سئو سال پراڻي آهي. ساڳي طرح آمريڪا جو هر سزا وارو قانون اڳي کان وڌيڪ وحشياڻو ان ڪري بڻايو ويو آهي ۽ ممڪن آهي ته اتان جا ماڻهو اڃان به وڌيڪ بيدرد ۽ غير منطقي ٿي ويا آهن، صرف ان ڪري جو هڪ ديواني شخص آمريڪا جي صدر کي قتل ڪري ڇڏيو هو! ۽ پوءِ هيءَ دنيا ڪيئن نه بدلجي ٿي وڃي!
ڪيترن ئي سالن تائين ‘فرني’ جو شهر دنيا جي عالمن ۽ عظيم انسانن لاءِ هڪ مقدس شهر جي حيثيت رکندو هو. والٽيئر پنهنجي گهر جا دروازا سڀني لاءِ کولي ڇڏيا هئا. کيس يقين هو ته انسان کي هر حال ۾ متحرڪ رهڻ گهرجي، چاهي سندس سوچون يا ڪوششون ڪهڙيون به هجن. هن کي اها پروڙ هئي ته لڳاتار مصروفيت ۽ تحرڪ ئي “زندگي” جو اصل مقصد آهي. جيئن هڪ هنڌ لکيائين ته: “سڪون هڪ حسين شيءِ آهي، پر بيزاري ان جي ويجهي مائٽ ۽ سنگتياڻي آهي.” فرني ۾ پنهنجي رهائش دوران، هن پنهنجي ڀاڻيجِي ‘ميڊم ڊينس’ کي پاڻ وٽ رهايو يا ائين کڻي چئجي ته هوءَ پاڻهي اچي اتي قابض ٿي وئي. هوءَ اڻ سڌريل، گهڻ ڳالهائيندڙ ۽ عيش و عشرت جي شوقين هئي. کيس وڏن ماڻهن سان ملڻ جو شوق هو، پر هوءَ جنهن سان به ملندي هئي، ان کي بيزار ڪري ڇڏيندي هئي. هن والٽيئر جي گهر ۽ زندگي تي پنهنجو قبضو ڄمايو هو. والٽيئر جون ڪيتريون ئي سرگرميون رڳو ان ڪري هونديون هيون ته جيئن هوءَ خوش رهي ۽ خاموش رهي سگهي؛ پر گهٽ ۾ گهٽ هن ميڊم ڊينس جي ڪري والٽيئر مصروف رهيو ۽ پنهنجو ڪم جاري رکيائين. انهن سالن دوران مسافرن جو هڪ اڻ کٽ لشڪر ‘فرني’ ڏانهن ايندو رهيو. والٽيئر وٽ اٽڪل سٺ نوڪر هئا، ان کان علاوه ٻيا ڪم ڪندڙ پڻ هئا، جيڪي ايندڙ ويندڙ مسافرن ۽ دوستن جي خدمت ۾ مشغول رهندا هئا. ڪنهن کي به اچڻ کان روڪيو نه ويندو هو، چاهي اهو امير هجي يا غريب، پادري هجي يا ڪو ڪافر. سڀني کي رهائش ۽ کاڌو مهيا ڪيو ويندو هو. جڏهن جنيوا جا هوٽل بند ٿي ويندا هئا ته ماڻهو ‘فرني’ جو رخ ڪندا هئا، جتي کين رهائش ۽ ماني مفت ملندي هئي. والٽيئر چوندو هو ته چوڏهن سالن تائين هُو “يورپ جو ميزبان” رهيو آهي. هتي هن پنهنجو ٿئيٽر اڏيو ۽ تنهن وقت جي عظيم اداڪارن ۽ اداڪارائن کي گهرايائين، پاڻ به ڪردار ادا ڪيائين ۽ پنهنجي سنگت ۽ دوستن جي دل وندرائيندو رهيو. جنيوا کان ايندڙ ماڻهن جي رش ‘فرني’ جي رونقن کي وڌائي ڇڏيو هو، ايستائين جو ميڊم ڊينس به ان هلچل جي ڪري بيزاريءَ کان بچي وئي.
جنيوا ۾ ئي ‘جين جيڪس روسو’ رهندو هو. هُو به هڪ باغي هو ۽ پنهنجي جوهر ۾ نهايت سگهارو ۽ توانو هو. والٽيئر وڌيڪ ذهين، حاضر جواب، گهَرو ۽ عظيم هو، پر روسو وڌيڪ جوشيلو، جذباتي ۽ ولولي واري طبيعت جو مالڪ هو. اهي ٻئي اصل ۾ هڪ ئي عظيم مقصد جا ويڙهاڪ هئا. هنن ٻنهي ٽي ميل پري، پنهنجي الڳ الڳ مرڪزن تان، پنهنجي فڪر جا اهڙا تجلا موڪليا، جن ننڊ ۾ ستل دنيا کي جاڳائي ڇڏيو. جڏهن دنيا سجاڳ ٿي ۽ لُڏِي وئي ته پراڻيون گِرجائون، تخت و تاج، ادارا، قانون ۽ رسمون ان لرزش ۾ دفن ٿي ويون. ڪجهه ماڻهن ان تباهيءَ جو ذميوار والٽيئر کي قرار ڏنو ته ڪجهه وري روسو کي. هي ٻئي شخص، جيڪي هڪ ئي مقصد لاءِ وڙهندا هئا ۽ جن جا ويري به ساڳيا هئا، پر پاڻ ۾ ڪڏهن به متفق نه ٿي سگهيا. روسو جنيوا جي پادرين سان وڃي مليو ته جيئن والٽيئر جي ٿيئٽر ۽ ڊرامن کي بدنام ڪري سگهي. والٽيئر به لفظي هٿيارن سان اهڙا جوابي حملا ڪيا، جيڪي روسو جي پهچ کان ٻاهر هئا. شايد ٻه وڏا ڏاها ايترو ويجهو گڏ نٿا رهي سگهن. حقيقت ته اها آهي ته هي دنيا ايتري ڪُشادي ناهي، جو هڪ ئي وقت ٻن جينئس ماڻهن کي برداشت ڪري سگهي. جيئن وينڊيل فلپس چيو هو: “ڪوبه شخص هڪ اصلاح پسند سان ايتري نفرت نٿو ڪري سگهي، جيتري ٻيو اصلاح پسند ڪندو آهي.” هنن ٻنهي جي جنگ ڊگهي ۽ تلخ هئي، جا رڳو موت سان ختم ٿي. ٻنهي کي پئرس آندو ويو ۽ ‘پنٿيون’ ۾ هڪٻئي جي ڀرسان دفن ڪيو ويو. اتي اهي خاموشيءَ سان گڏ تيستائين رهيا، جيستائين هڪ جنوني مذهبي ٽولي سندن مقبرن تي حملو ڪيو، انهن کي مسمار ڪيو ۽ سندن باقيات کي ساڙي ڇڏيو. انهن ماڻهن ڄڻ پنهنجي پر ۾ انهن مئلن کان اهو انتقام ورتو، جو اهي سندن زندگيءَ ۾ ڪڏهن به نه وٺي سگهيا هئا.
فرني ۾ پنهنجي جاگير جي سڌاري ۽ مرمت دوران، والٽيئر هڪ نئون چرچ تعمير ڪرايو. جاگير ۾ اڳ ئي هڪ قديم ۽ زبون حال چرچ موجود هو، جيڪو نئين ماحول سان مطابقت ۾ نه هو، جيئن ته والٽيئر کي هڪ چرچ جي ضرورت هئي، تنهنڪري هن چاهيو ٿي ته اها عمارت ان جاءِ جي زينت بڻجي. هن ان ڪم جو آغاز پنهنجي زندگي جي هر ڪم وانگر، وڏي جوش ۽ جذبي سان ڪيو. هن هڪ اهڙو چرچ چاهيو پئي، جيڪو واقعي هڪ چرچ هجي ۽ سڄي عيسائي دنيا جي ڪليسائن وانگر مذهبي روايتن تي پورو لهندڙ هجي. هڪ ڊگهي عرصي تائين هُو باقاعدگيءَ سان هر آچر تي مذهبي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪندو رهيو. هو پنهنجي گود ورتل ٻار ۽ گهر جي ٻين ڀاتين کي به پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو ته جيئن رياست جي ماڻهن لاءِ هڪ سٺو مثال قائم ڪري سگهي. هن چاهيو پئي ته سندس چرچ ايترو ئي اهم ۽ مُقدس هجي جيترو ‘ناٽر ڊيم’ آهي. ان مقصد لاءِ هن پوپ سان رابطو ڪيو ۽ هڪ شاهي فرمان جي گهر ڪئي ته کيس پنهنجي چرچ جي صحن تي مڪمل اختيار ڏنو وڃي، گڏوگڏ هن ڪجهه مقدس تبرڪات جي به گُهر ڪئي. سندس اها درخواست قبول ڪئي وئي ۽ ‘هولي فادر’ کيس سينٽ فرانسس آف اسيسي جي لباس جو هڪ ٽڪرو تبرڪ طور موڪليو. ساڳئي ئي ڏينهن کيس ميڊم ڊي پومپيڊور جي هڪ تصوير به تحفي ۾ ملي. والٽيئر چيو ته: “ڏسو، مان هن جهان ۽ ايندڙ جهان، ٻنهي لاءِ تيار آهيان.” هن پنهنجو چرچ صرف “خدا جي نالي” منسوب ڪيو ۽ اڪثر چوندو هو ته ڪائنات ۾ هي واحد چرچ آهي، جيڪو ڪنهن ولي يا سينٽ جي بدران رڳو خدا جي نالي منسوب آهي. هن چيو ته، “منهنجي خيال ۾، مون کي نوڪرن بدران مالڪ لاءِ عبادتگاهہ اڏڻ گهرجي.” تنهن کانپوءِ هن پاڻ لاءِ هڪ مقبرو تيار ڪيو، جيڪو چرچ جي ڀت سان مليل ۽ ٻاهر تائين نڪتل هو. هن مسڪرائيندي چيو، “شرپسند ماڻهو چوندا ته مان نه اندر (هِتان جو) آهيان ۽ نه ئي ٻاهر (هُتان جو).”
بعد ۾ هن پاڻ مذهبي تقرير ڪرڻ لاءِ منبر تي ويهي ڌرمي ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو. هن نه رڳو چرچ اڏيو هو، پر هن وٽ پنهنجو هڪ خانگي پادري به هو، جيڪو ساڻس گڏ رهندو هو. اهو پادري هڪ خوش مزاج ۽ سٻاجهو ماڻهو هو، جنهن کي مذهبي معاملن ۾ ڪا خاص دلچسپي نه هئي. ان جو نالو ‘آدم’ هو. پادري جي وڏي ذميواري والٽيئر سان شطرنج کيڏڻ هئي ۽ جڏهن والٽيئر جي دل چاهيندي هئي ته هو شطرنج کيڏي ته هو زور سان سڏ ڪري چوندو هو، “آدم، تون ڪٿي آهين؟” هِن پادرين کي گھڻو مجبور ڪري وڌو ته اهي سندس اعتراف ٻڌن ۽ کيس دُعا ڏين، پر جتي هو پنهنجي چرچ سان کيڏي رهيو هو، پادرين سان رلي ملي رهيو هو ۽ دعائن ۾ شريڪ ٿي رهيو هو، اتي هو مسلسل چرچ (جي اداري) جي خلاف پنهنجا سخت تنقيدي نشتر به هلائي رهيو هو.
پنهنجي زندگيءَ جي آخري پنجويهن سالن دوران، توهم پرستي، جهالت ۽ سڀ کان وڌيڪ چرچ جي ظلم ۽ ستم جا خيال هميشه سندس ذهن تي سوار رهيا. هن شايد ئي ڪو اهڙو خط، رسالو يا ڪتاب لکيو هجي، جنهن ۾ هن انهن ڳالهين جو بار بار ذڪر نه ڪيو هجي. سندس سڀني پيچيدگين ۽ عملن جي باوجود، والٽيئر جي لکڻين ۾ ڪٿي به توهم پرستي جي حمايت، ظلم يا بربريت جي پٺڀرائي نه ملندي. هن هميشه انسان جي آزادي ۽ روشن خياليءَ جي وڪالت ڪئي. فرنيءَ ۾ سندس زندگي مسلسل ڪم ۽ محنت سان عبارت هئي. سڄو ڏينهن هُو پنهنجي ڪتابن، لکڻين ۽ ٻني ٻاري جي ڪمن ۾ مشغول رهندو هو. شام جو وقت هو سماجي محفلن ۽ اُن “انسائيڪلوپيڊيا” لاءِ وقف ڪندو هو، جنهن کي فرانس جا ذهين ترين ماڻهو اڳتي وڌائي رهيا هئا. هتي هن “فلسفياڻي لغت” جا جلد تي جلد لکيا، جنهن جو هر صفحو ڪليسا تي هلڪن، پر فلسفياڻن حملن سان پُر هوندو هو. هتان ئي هن اڻ ڳڻيا پمفليٽ يا پتر جاري ڪيا، جيڪي انقلاب ۽ بغاوت جا ٻج ڇٽي رهيا هئا. والٽيئر لکيو هو ته: “اهو ڪتاب ڪهڙو نقصان پهچائي سگهي ٿو، جنهن جي قيمت سئو ڪرائون هجي؟ ويهن جلدن واري وڏي ڪتاب سان ڪڏهن انقلاب نٿو اچي. خطرو ته انهن ننڍڙن کيسي ۾ اچي وڃڻ وارن پمفليٽن مان آهي، جيڪي رڳو ٽيهن سوس (سِڪن) جا ملن ٿا.” هتان ئي هن پنهنجا خط لکيا. اهي خط، جيڪي عالمن کان وٺي حڪمرانن تائين هر قسم جي ماڻهن ڏانهن هئا، اهي خط دنيا جي ڪنهن به ٻئي لکندڙ جي لکتن کان مقدار ۾ وڌيڪ هئا. انهن مان ست هزار خط اڄ به محفوظ آهن ۽ ڪير ٿو ڄاڻي ته ڪيترا هميشه لاءِ وڃائجي ويا. هن جا اهي خط ۽ سندس ڪتاب، هميشه رواداري، روشن خيالي ۽ ذهن جي آزاديءَ جو پرچار ڪندا رهيا.
والٽيئر کي جيل ۽ جنگ کان نفرت هئي. هو هڪ سخت دشمن ته هو، پر معاف ڪرڻ ۾ هميشه تڪڙو ۽ سخي هو. پنهنجي جاءِ تي هُو پنهنجن ملازمن سان انتهائي مهربان ۽ نرم دل هو. هڪ ڀيري، گهر جي ٻن ملازمن پنهنجي مالڪ کي لُٽيو. پوليس کي خبر پئجي وئي ۽ اهي سندن پٺيان لڳا. والٽيئر پنهنجي سيڪريٽريءَ کي حڪم ڏنو ته ملازمن کي ڳولي کين ڀڄي وڃڻ جو چوي. هن چيو: “جيڪڏهن اهي گرفتار ٿي ويا، ته مان کين ڦاسيءَ کان بچائي نه سگهندس.” هن کين سفر لاءِ پئسا ڏنا ۽ هر ممڪن طريقي سان سندن مدد ڪئي.
سندس انسانيت جا بيشمار واقعا تاريخ ۾ درج نه ٿي سگهيا، پر جين ڪالاس لاءِ سندس جاکوڙ هن دور يا ڪنهن به دور جو سڀ کان بهادريءَ وارو ڪارنامو آهي. ڪالاس “تولوز” جو هڪ پراڻو رهواسي هو. “تولوز”، سڄي فرانس وانگر، هڪ انتهائي مذهبي شهر هو، جتي سرڪاري مذهب جو مڪمل غلبو هو. ڪالاس هڪ پروٽسٽنٽ ۽ اتان جو هڪ معزز واپاري هو. سندس سڄو خاندان پروٽسٽنٽ هو، سواءِ هڪ پٽ جي، جنهن ڪيٿولڪ چرچ ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي. سندس ٻئي پٽ، جيڪو پنهنجي پيءُ وانگر پروٽسٽنٽ هو، قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، پر جيستائين هو سرڪاري چرچ ۾ شامل نه پئي ٿيو، تيستائين کيس وڪالت جي اجازت نه پئي ملي سگهي. هو نا اميد ٿي ويو ۽ هن پاڻ کي ڦاهي ڏئي ڇڏي. ان وقت خودڪشي هڪ وڏو ڏوھہ سمجهي ويندي هئي. سندس گهر وارن ۽ دوستن ان عمل کي لِڪائڻ جي ڪوشش ڪئي. تنهن دور ۾ ماڻهن جو خيال هو ته خودڪشي ڪندڙ جي روح کي جهنم نصيب ٿيندو، پر ان سان گڏ سندس جسم کي گهٽيءَ ۾ گهليو ويندو هو ۽ ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڪتن اڳيان اڇلايو ويندو هو. ڪن ماڻهن، يعني ان هجوم، اها افواهه پکيڙي ته ڪالاس جو اهو پٽ ڪيٿولڪ ٿيڻ وارو هو ۽ پيءُ کيس قتل ڪري ڇڏيو آهي. اها ڳالهه ايتري ته وڌي وئي جو سڄو شهر ان لاچار ٻڍڙي ۽ سندس خاندان جي خلاف جنوني ٿي ويو. مئل پٽ جي لاش کي گهر مان کڻي ڪيٿولڪ چرچ جي تمام رسمن سان وڏي ديول ۾ دفن ڪيو ويو. ڪالاس کي گرفتار ڪيو ويو، مقدمو هلايو ويو ۽ ظاهر آهي ته کيس سزا ٻڌائي وئي. هو ڪمزور ۽ ٻڍڙو هو، هو اهڙو فعل ڪري ئي نه پئي سگهيو، چاهي ان پويان سندس ڪو مقصد يا خواهش ئي ڇو نه هجي. يقينن ڪوبه پختو ثبوت موجود نه هو. ڪنهن شاهدي ڏني ته هڪ پاڙيسري کيس ٻڌايو هو ته هڪ ٻئي پاڙيسريءَ چيو هو ته هڪ پيرسن واپاريءَ، ڪالاس کي ان ڪمري مان نڪرندي ڏٺو هو، جتي سندس پٽ ٽنگيل هو، پر حقيقت ۾ نه اهو واپاري مليو ۽ نه ئي اهو ماڻهو جنهن سان هن ڳالهه ڪئي هئي.
ان زماني ۾، افواهن تي ٻڌل شاهديون وڏي اهميت رکنديون هيون. گذريل ٻن سئو سالن ۾ اسان انصاف جي عدالتن مان افواهن تي ٻڌل شاهدين کي تڙي ڪڍيو آهي، پر اڄ اهي رڳو تنگ نظر سماج وٽ ئي مقبول آهن، جيڪي دنيا جا سڀ کان وڌيڪ طاقتور حاڪم آهن. ڪالاس کي تشدد ۽ موت جي سزا ڏني وئي هئي. هن جي ٻانهن کي لوهي ڪَڙي سان، جيڪو پٿر جي ٿنڀي ۾ لڳل هو، ٻڌو ويو، هن جا پير فرش ۾ لڳل هڪ ٻي ڪَڙي ۾ جڪڙيا ويا هئا. پوءِ هنن اهو چرخو ايترو ڦيرايو، جو هن جي هٿن ۽ پيرن جو هر سَنڌ پنهنجي جاءِ تان نڪري ويو. کيس ٻيهر هوش ۾ آندو ويو ته جيئن هو پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪري، پر هن انڪار ڪيو. هنن مٿس وڌيڪ تشدد جا اهڙا حربا استعمال ڪيا، جيڪي کانئس اعتراف ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيا.
آخرڪار، جلاد کيس ڪاٺ جي صليب تي ٻَڌي ڇڏيو، لوهي سيخ سان هن جون ڄنگهون ۽ ٻانهون ڀڃي ڇڏيون ۽ سندس ڳاٽو گُهٽي ماري ڇڏيو ۽ ان کانپوءِ هنن سندس لاش کي هڪ ڪاٺ جي ٿنڀي سان ٻڌي ساڙي ڇڏيو. هن جي ملڪيت ضبط ڪئي وئي، هن جي پٽن ۽ ڌيئرن کي ڪيٿولڪ ادارن ۾ موڪليو ويو ۽ هن جي بيواهہ کي در در جي ٺوڪرن کائڻ لاءِ ڇڏيو ويو.
…(هلندڙ)…
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو