مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

والٽيئر جي جيون ڪٿا (آخري قسط)

Kamran Jatoi انجنيئر، تعليمدان، مفڪر، ليکڪ

اليڪٽريڪل انجنيئر (فلسفو، سائنس، اينٿروپالاجي پسنديده موضوع)

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

هي انتهائي خوفناڪ واقعو “فرني” ۾ رهندڙ والٽيئر جي عِلم ۾ آندو ويو. جين ڪالاس ته مري چڪو هو، پر اھو پراڻو نظام اڃان زنده هو. والٽيئر جين ڪالاس جي هڪ پٽ کي پنهنجي گهر وٺي آيو، جنهن سڀ حقيقتون سندس آڏو بيان ڪيون. والٽيئر يورپ جي سمورن معزز ماڻهن سان خط و ڪتابت ڪئي، وڏي محنت سان ڪيس تيار ڪيو، وڪيل جون خدمتون حاصل ڪيون ۽ ڪيس جي نظرثاني لاءِ پئرس جي پارليامينٽ ۾ درخواست پيش ڪئي. هن ڪيس ۾ هن فريڊرڪ اعظم، روس جي ڪيٿرائن ۽ سڄي يورپ جي ٻين ڪيترن ئي نامور شخصيتن کي پنهنجو ساٿي بڻايو. ڇهن سالن تائين والٽيئر جو جوش ۽ جذبو گهٽ نه ٿيو. هڪ کي ڇڏي، باقي سڀني ججن ڪالاس کي ڏوهي قرار ڏنو هو، پر اهو هڪ جج، جيڪو ٻين وانگر چرچ جو ئي ماڻهو هو، پر هن ناانصافيءَ تي راضي نه ٿيو. هن والٽيئر سان گڏجي عدالت جي فيصلي کي رد ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي. ڇهن سالن جي لڳاتار جدوجهد کانپوءِ، پئرس جي پارليامينٽ متفق راءِ ٿي فيصلو ڏنو ته ڪالاس هر قسم جي ڏوهہ کان پاڪ ۽ بيگناهہ هو. سندس ملڪيت خاندان کي واپس ڪئي وئي ۽ ٻار پنهنجي ماءُ وٽ پهتا. والٽيئر ڪيس دوران خاندان جي سنڀال لاءِ وڏي رقم گڏ ڪئي هئي ته جيئن معاملو ختم ٿيڻ کانپوءِ هو هڪ سٺي زندگي گذاري سگهن. اڃان هي ڪيس ختم ئي مس ٿيو هو ته هڪ ٻيو اهڙو ئي خوفائتو معاملو هن جي آڏو مدد لاءِ پيش ٿيو. هڪ اوڻيهه سالن جي نوجوان “لابار” تي ٻين ڪجهه ڇوڪرن سان گڏ، هڪ مقدس صليب کي نقصان پهچائڻ جو الزام لڳايو ويو هو. ان ڳالهه جو ڪوبه ثبوت نه هو ته هن اهڙو ڪو وڏو ڏوهہ ڪيو هو، پر هن تسليم ڪيو ته هن ڪجهه غير مذهبي گيت ڳايا هئا. لابار، والٽيئر جي “فلسفياڻي لغت” ۽ عظيم محقق ڊيڊرو جو پڙهندڙ هو. رڳو اها ڳالهه ئي کيس مجرم ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي هئي. کيس موت جي سزا ٻڌائي وئي. سندس زبان تپيل لوھي پڪڙ سان ٻاهر ڪڍي وئي، سر قلم ڪيو ويو ۽ سندس لاش کي ان ئي “فلسفياڻي لغت” سميت باهہ ۾ اڇلايو ويو، جنهن مذهبي جنونيت کي اهو وحشي فعل ڪرڻ تي اڀاريو هو. ان دوران، لابار جا ساٿي والٽيئر ڏانهن ڀڄي ويا هئا. والٽيئر اهو ڪيس پڻ هٿ ۾ کنيو، فيصلو مَٽرايو، لابار جي ساٿين جي جان بچائي ۽ ان مري ويل نوجوان تان “خوفناڪ ڏوهه” جو ڪارو داغ ھميشه لاءِ صاف ڪري ڇڏيو. والٽيئر جي توجهه ۾ ڪيترائي ٻيا اهڙا واقعا پڻ آيا، جيڪي لڱ ڪانڊاريندڙ هئا ۽ هن انهن ۾ ڀرپور مدد ڪئي. يقينن انهن واقعن ۾ شڪار ٿيل ماڻهو فوت ٿي چڪا هئا ۽ زنده ماڻهوءَ جي ڀيٽ ۾ مئل ماڻهوءَ کي (الزامن کان) پاڪ قرار ڏيارڻ وڌيڪ آسان هو. وحشي ۽ ظالم ترين ماڻهو به جڏهن ڪو ڪارو ڪارنامو ڪري وٺندا آهن ته پوءِ پڇتاءُ محسوس ڪرڻ ۽ سوچڻ لڳندا آهن، پر انهن مقتولن جي ياد ۾ وڙهيل والٽيئر جي عظيم جنگ، بنا ڪنهن شڪ جي، ٻين ڪيترن ئي بي گناهه انسانن کي ساڳئي وحشياڻي مقدر کان بچائي ورتو ۽ هن دنيا مان ظلم ۽ بربريت جي خاتمي لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو. والٽيئر کي ان ڳالهه جو اندازو هو ته سندس سالن جي محنت ئي انهن ڪيترن ئي مظلومن تي لڳل “ڪفر” جي الزامن جو سبب بڻي هئي. انهن ماڻهن رڳو ان ڳالهه تي ايمان آندو هو، جا والٽيئر سيکاري هئي. هن پنهنجي “فلسفياڻي لغت” لکي هئي، جيڪا طنز ۽ گهري علم سان ڀريل هئي. اها نهايت ئي جرئت منداڻي ۽ پنهنجي دور جي وهم پرستيءَ تي هڪ موتمار حملو هئي. هن اهو ڪتاب ڳجهي نموني جنيوا پهچايو هو ۽ پوءِ ان جي ليکڪ هئڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. والٽيئر چيو هو ته: “جيڪڏهن ان ۾ ذرو به خطرو هجي ته مهرباني ڪري مون کي خبردار ڪجو، تنهن کانپوءِ مان پنهنجي معمولي سادگي ۽ معصوميت سان عوامي اخبارن ۾ ان تان دستبردار ٿي ويندس.” اڄوڪي دنيا، عدالتن جي اندر توڻي ٻاهر، ساڳي ان منطق تي عمل ڪري ٿي، جنهن تي والٽيئر جي زماني ۾ فرانس جا جج ڪندا هئا، جيڪي ماڻهو ڳالهائين ٿا، انهن کي اڪثر انهن ماڻهن جي انقلابي عملن جو ذميوار قرار ڏنو ويندو آهي، جن کي هنن ڪڏهن ڏٺو به ناهي هوندو ۽ نه ئي ڪڏهن انهن بابت ٻڌو هوندو اٿن. اهو ڪيڏو نه ظلم آهي ته انسانن کي سندن لفظن ۽ خيالن جي نتيجي ۾ ڏوهاري قرار ڏنو وڃي. بنا ڪنهن شڪ جي، جتي تقرير ۽ پريس جي آزادي هوندي، اتي ڪجهه خام خياليون ۽ تڪڙيون لکڻيون به ضرور هونديون. ڪنهن به دور جا سياسي، مذهبي ۽ سماجي نظريا، ايستائين جو معاشري جي سڀ کان ريڊيڪل ميمبرن جا خيال به سندن وقت کان گهڻو اڳ پيدا ٿيل هوندا آهن، جن ماڻهن الفابيٽ ۽ ڇاپ خاني جو بنياد وڌو، اهي اڻ سِڌيءَ طرح تبديل ٿيندڙ سماجي رياست جي تشدد جا ذميوار آهن؛ پر ساڳئي وقت، اهي ئي دنيا جي ترقيءَ، روشن خياليءَ، تهذيب ۽ ان سڀ ڪجهه جا به ذميوار آهن، جيڪي اڄ جي دور کي ماضيءَ کان بهتر بڻائين ٿا. عظيم تبديليون ڪڏهن به تيستائين نه آيون آهن ۽ نه ئي اچي سگهن ٿيون، جيستائين انهن سان گڏ تشدد، ظلم، پيڙا ۽ تڪليف نه هجي. اهي انساني نسل جي ارتقا جو حصو آهن؛ اِهي اُهي تڪليفون آهن، جيڪي هڪ نئين تهذيب ۽ بهتر سماجي زندگيءَ جون پيشرو آهن. والٽيئر وڏي ڄمار باوجود فرنيءَ ۾ زندگي سڪون سان گذاري رهيو هو. هن خوشحال ۽ جفاڪش شهر ۾، پروٽيسٽنٽ ۽ ڪئٿلڪ، ڪافر ۽ مومن، سڀ گڏجي هم آهنگي ۽ امن سان رهندا هئا. هن پنهنجي گهر ۾ ۽ پنهنجي آسپاس آزادي ۽ رواداريءَ کي هٿي ڏني. هن اتي ان خواب کي عملي روپ ڏنو، جيڪو هن سڄي انساني نسل لاءِ ڏٺو هو. هُو سڄي زندگي هڪ اهڙي ٻار وانگر رهيو، جيڪو راندين ۽ خيالن سان ڀريو پيو هجي. هُو نوجوانن جي هر خوشيءَ ۾ شريڪ ٿيندو هو. فرني شهر خوشين جي ڳولها ڪندڙ ماڻهن جي هجوم سان ڀريل رهندو هو. پنهنجي ٻين سرگرمين سان گڏوگڏ، هو هڪ بهترين “رشتو ڪرائيندڙ” پڻ هو. هن پاڻ چيو هو ته هن لڳ ڀڳ چاليهه کان وڌيڪ شاديون ڪرايون، پر پنهنجي لاءِ ڪڏهن ڪو جوڙ نه ڳولهي سگهيو. هو سڄي عمر نهايت هوشيار ۽ چالاڪ رهيو. هن کي روس جي حڪمران پاران زور ڀريو ويو هو ته هو ان ملڪ جي تاريخ لکي، جنهن کي ‘فريڊرڪ دي گريٽ’ “جهنگلي سر زمين” ڪوٺيندو هو، پر هن جلد ئي ان وسيع ۽ اڻ ڏٺل قوم جي امڪانن ۽ ان جي پٺيان لڪل روسي قوت ۽ ذهانت کي پرکي ورتو هو. روس جي راڻي ‘ڪيٿرين’ سندس دوستن مان هئي. هوءَ فلسفياڻي طبيعت رکندڙ، شڪي مزاج، محنتي، ظالم ۽ بي رحم هئي، پر هوءَ دنيا جي هر جديد خيال کان باخبر هئي. هوءَ والٽيئر جي فلسفي کان متاثر هئي ۽ بنيادي طور تي هن پنهنجي ذهانت کي ان نئين سر زمين جي مستقبل جي عظمت لاءِ استعمال ڪيو. اهو گُمان ڪيو ويندو هو ته ‘ڪيٿرين دي گريٽ’ پنهنجي ڪمزور ٿيندڙ مڙس کي ان لاءِ قتل ڪرايو هو ته جيئن هوءَ سندس جاءِ تي حڪومت ڪري سگهي. والٽيئر جي ڪجهه چاهيندڙن کي اهڙي قسم جي عورت سان هن جي ويجهڙائيءَ تي اعتراض هو. جنهن تي هن وراڻيو: “اهو مڙس وارو معاملو ته محض هڪ معمولي قصو آهي. اهي گهريلو معاملا آهن، انهن ۾ مان پاڻ کي شامل ڪرڻ نٿو چاهيان.” والٽيئر صاف ڏِسي رهيو هو ته دنيا ۾ نئين ذهني بيداريءَ جا ڪهڙا اثر پئجي رهيا هئا. هن کي خبر هئي ته سندس سالن جي محنت جو فرانس لاءِ ڪهڙو نتيجو نڪرندو. اهي انيڪ پمفليٽ جيڪي سٺ سالن تائين ان سر زمين تي سياري جي ڪڪرن جي برفباريءَ جيان وسندا رهيا، هن کي پورو ويساهہ هو ته اهي ضرور رنگ لائيندا. والٽيئر توڻي روسو، ڊيڊرو ۽ ان دور جي ٻين ليکڪن ۽ مفڪرن جيڪو ڪجهه به ذهني پورهيو ڪيو هو، تنهن جو دنيا تي مستقل اثر پوڻ لازمي هو. تنھن وقت، ائين به هو ته هيءَ ڌرتي ۽ ڌرتي واسي انهن بادشاهن ۽ شهزادن مان ٿڪجي پيا هئا، جيڪي غريبن جي مفت پورهئي تي پلجي رهيا هئا. اهي انهن پادرين ۽ وهم پرستيءَ مان به بيزار ٿي چڪا هئا، جن سڄي ملڪ کي اونداهيءَ جي چادر ۾ ويڙهي ڇڏيو هو. فرانس سجاڳ ٿي رهيو هو، نئون ڏينهن اڀري رهيو هو.
فرينچ انقلاب جي گجگوڙ سان باهه ۽ تلوار سان ڌرتيءَ تي نمودار ٿيڻ کان ڪجهه سال اڳ هن لکيو هو: “جيڪو ڪجهه مان ڏسي رهيو آهيان، سو ان انقلاب جون نشانيون آهن، جيڪو اٽل ۽ يقيني آهي. مون کي شايد ان کي ڏسڻ جي خوشي نصيب نه ٿئي. فرانسيسي هر شيءِ تائين دير سان پهچندا آهن، پر آخرڪار پهچي ويندا آهن. نوجوان خوش نصيب آهن، اهي عظيم منظر ڏسندا. مان ايستائين گهرن جي ڇتين تان رواداريءَ جو درس ڏيڻ کان نه مُڙندس، جيستائين ظُلم ۽ ڏاڍ جو خاتمو نه ٿئي. سچائيءَ جو رستو سُست آهي ۽ تعصب جون پاڙون تمام گهريون آهن. مان ڪڏهن به پنهنجين ڪوششن ۽ محنتن جو ثمر ڏِسي ۽ چَکي نه سگهندس، پر انهن جا ٻج هڪ ڏينهن ضرور ڦٽندا.” فرنيءَ ۾، ٽياسي سالن جي عمر ۾، والٽيئر پنهنجو آخري ڊرامو “آئرين” لکيو. هي ڊرامو پئرس جي نيشنل ٿيئٽر ۾ پيش ٿيڻو هو. هن خيال سان گڏ، پئرس کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڏسڻ جي تڙپ مٿس غالب اچڻ لڳي. ميڊم ڊينس به واپس وڃڻ لاءِ بيتاب هئي؛ جيتوڻيڪ هوءَ پوڙهي ٿي رهي هئي، پر اڃان تائين هُجوم پاران هل هنگامو ۽ گوڙ شور ٻڌڻ لاءِ بيتاب هئي. هن والٽيئر کي وڃڻ لاءِ زور ڀريو. سندس سڀني دوستن به کيس تاڪيد ڪئي. والٽيئر چيو : “پئرس جي ڳالهه ٿا ڪريو! ڇا توهان نٿا ڄاڻو ته اتي چاليهه هزار اهڙا جنوني آهن، جيڪي مون کي ساڙڻ لاءِ چاليهه هزار ڪاٺين جا مچ ٻاريندا؟ اها ته منهنجي لاءِ اعزاز جي سيج هوندي.” تڏهن تخت تي لوئي سورهون ويٺل هو. منجهس پراڻي بادشاهه جون تقريبن سڀ خاميون موجود هيون، پر انهن نقصن سان گڏ، هو ذهني طور تي ڪم عقل به هو. هُو والٽيئر کان نفرت ڪندو هو. هُو ڄاڻندو هو ته والٽيئر ۽ روسو جي لکڻين جو دنيا لاءِ ڪهڙو مطلب هو. بادشاهه چيو : “انهن ٻن ماڻهن فرانس کي برباد ڪري ڇڏيو آهي.” تنهن هوندي بہ، والٽيئر وڃڻ چاهيو. هُو پاڻ “آئرين” کي اسٽيج تي پيش ٿيندي ڏسڻ، ان جي ريهرسل ۾ موجود رهڻ ۽ ان جي پيشڪش جي هر ننڍي وڏي تفصيل کي پاڻ پرکڻ چاهيندو هو. تنهن ڪري فيبروري 1778ع ۾، هو پئرس لاءِ روانو ٿيو. سندس ننڍڙي وسنديءَ جا ماڻهو سندس روانگيءَ تي ڏاڍا غمگين هئا. جيتوڻيڪ هن چيو هو ته هو وڌ ۾ وڌ ڇهن هفتن ۾ واپس ايندو، پر انهن کي اها اميد ڪونه هئي ته هو سندس چهرو وري ڏسي سگهندا. پئرس تائين جو سفر پنج ڏينهن هليو. فرنيءَ کان وٺي گاديءَ جي هنڌ تائين، اهو هڪ شاهي جلوس هو، جنهن ان بزرگ ماڻهوءَ جو استقبال ڪيو. هر شهر ۾ مرد، عورتون ۽ ٻار سندس اعزاز لاءِ نڪري آيا. اهو شخص جيڪو قيد ۾ رهيو هو، جنهن کي بار بار جلاوطن ڪيو ويو هو ۽ پنهنجي شهر ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو هو، اٺاويهه سالن کانپوءِ پنهنجي جنم ڀومي ڏانهن واپس اچي رهيو هو. هُو جيڪڏهن سڄي دنيا جو علمي ۽ فڪري بادشاهه نه به هو ته فرانس جو ضرور هو. مارلي، والٽيئر جي پئرس جي آخري ياترا کي “هن صديءَ جي تاريخي واقعن مان هڪ” قرار ڏئي ٿو. فيلسوف، ناٽڪ نويس، اڪيڊميءَ جا رڪن ۽ سڀ کان وڌيڪ عام ماڻهو سندس آستاني تي عقيدت جا گل نڇاور ڪرڻ لاءِ ميڙ ڪري بيٺا هئا. امير ۽ مذهبي پيشوا بيزار، شوخ ۽ منحوس نظرن سان اتي موجود هئا. مذهبي منبر تان مٿس لعنت ملامت ڪئي وئي ۽ کيس “يسوع مخالف” سڏيو ويو؛ اهي خوشيءَ سان کيس ٻيهر باسٽيل جي جيل ۾ موڪلين ها، پر سندن همت نه ٿي. اهي چڱيءَ ريت ڄاڻن پيا ته پراڻي نظام کي ھميشه لاءِ خاڪ ڪرڻ لاءِ رڳو هڪ تِيليءَ جي ضرورت هئي. هوٽل وليٽ ۾ سندس ڪمرا ڏينهن رات گاديءَ واري شهر جي دانشورن سان ڀريا پيا هوندا هئا. هتي ئي ڊاڪٽر فرينڪلن پنهنجي سترهن سالن جي پوٽي کي ساڻس ملايو. والٽيئر پنهنجو هٿ ان ڇوڪري جي مٿي تي رکيو ۽ کيس “خدا” ۽ “آزادي” جي لفظن سان دعا ڏني. اديب، اداڪار ۽ سفير سڀ کيس خراجِ تحسين پيش ڪرڻ لاءِ آيا هئا. ميڊم ڊي بيري پنهنجي جلاوطنيءَ جي جاءِ تان هن فڪري بادشاهه کي ڏسڻ لاءِ آئي هئي. ميڊم ڊي پومپاڊور فوت ٿي وئي هئي ۽ ميڊم ڊي بيري ان جي جاءِ والاري هئي، جيڪا درٻار تي راڄ ڪندڙ عورتن ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور هئي؛ پر انقلاب جي آمد کي ڏسندي، عوام کي شانت ڪرڻ لاءِ کيس جلاوطن ڪيو ويو هو. اهو سڀ ڪجهه پوڙهي والٽيئر لاءِ برداشت کان ٻاهر هو. هو بيمار ٿي پيو ۽ سندس دوستن کي سندس زندگيءَ جو فڪر ٿيڻ لڳو. پادري والٽيئر کان گناهن جو اعتراف ڪرائڻ لاءِ آيو. سندس اعتراف ڪنهن به پادريءَ لاءِ وڏي شهرت جو باعث بڻجي ها. 28 فيبروريءَ تي، جڏهن کيس يقين ٿي ويو ته سندس آخري گهڙي اچي پهتي آهي، تڏهن هن پنهنجي سيڪريٽريءَ جي موجودگيءَ ۾ پنهنجي ايمان جو اعتراف لکيو : “مان خدا جي تعظيم ڪندي، پنهنجن دوستن سان محبت ڪندي، پنهنجن دشمنن سان نفرت نه ڪندي ۽ وهم پرستيءَ کان بيزاري ڪندي مران ٿو.” ان تي تاريخ ۽ صحيح ٿيل هئي، جيڪا پئرس جي نيشنل لائبريريءَ ۾ محفوظ آهي. ڪجهه ڏينهن تائين ائين لڳو، ڄڻ هو بيماريءَ مان صحتياب ٿي ويو آهي. بستري تي هجڻ دوران ئي هن پنهنجي ناٽڪ “آئرين” ۾ واڌارو ڪيو ۽ ان جو ڪجهه حصو ٻيهر لکيو. هن اداڪارن جو بندوبست ڪيو ۽ ان جي پيشڪش جي تفصيلن جي نگراني ڪئي. هن پاڻ ۾ ايتري سگهه پيدا ڪئي، جو ٿيئٽر تائين وڃي سگهي. والٽيئر هميشه پنهنجي لباس ۽ ظاهري روپ جو ڏاڍو شوقين هو. هو ستارن سان مڙهيل هڪ بگيءَ ۾ سوار ٿيو، جنهن تي سفيد چمڙيءَ جو استر لڳل ڳاڙهو ڪوٽ پهريل هئس؛ هن اڇا ريشمي جوراب ۽ چانديءَ جي بڪلن وارا جوتا پاتا هئا. هو ننڍڙو، ڏٻرو ۽ پوڙهو هو. سندس نڪ، جيڪو ڪانوَ جي چهنب جهڙو هو، تقريبن سندس کاڏيءَ کي ڇُهي رهيو هو، پر سندس چهري تي اها ئي هميشه رهڻ واري مرڪ هئي. هُل هنگامي سان ڀريل هجومن مان گذرندي، هُو اڪيڊمي پهتو، جتي کيس وڏي جوش ۽ خروش سان جيءُ ڪري آيا چيو ويو، اها اڪيڊمي جنهن کيس ميمبر بنائڻ کان بار بار انڪار ڪيو هو، پر هاڻي سندس ذهانت ۽ مقبوليت سبب سندس پوڄا ڪري رهي هئي. هن ميمبرن سان خطاب ڪيو ۽ فرينچ ٻوليءَ جي لغت تيار ڪرڻ جو منصوبو پيش ڪيو، جيڪا لغت اڄ يورپ جي سڀني لغتن جو بنياد آهي. ان کانپوءِ هو پنهنجو ناٽڪ ڏسڻ لاءِ ٿيئٽر ويو. عمارت گوڙ شور ۽ گهٽ ٻوسٽ پيدا ڪندڙ هجوم سان ڀريل هئي. اهي ماڻهو فرانسيسي سماج جي هر طبقي جي نمائندگي ڪري رهيا هئا. والٽيئر جو استقبال ڪنهن بادشاهه وانگر ڪيو ويو. رنگ منچ تي سندس مُورتي رکي وئي؛ ماڻهن بار بار ان بزرگ کي صندوق تان خطاب ڪرڻ لاءِ سڏيو. سندس مٿي تي هڪ تاج رکيو ويو ۽ ماڻهو جوش ۾ ديوانا ٿي ويا. جڏهن هو ٿيئٽر مان نڪتو ته هُجوم ساڻس گڏ هليو، سندس بگيءَ پٺيان واکاڻ جا نعرا هڻندا ۽ لڙڪ وهائيندا ويا، تان جو بزرگ پنهنجي ڪمري تائين پهچي ويو. والٽيئر پاڻ هڪ ٻار وانگر روئڻ لڳو: “جيڪڏهن مون کي اها خبر هجي ها ته ماڻهو اهڙي حماقت ڪندا، ته مان ڪڏهن به ٿيئٽر نه وڃان ها.” ڪجهه ڏينهن تائين ائين لڳو، ڄڻ کيس طاقت ملي وئي آهي. هن پئرس ۾ هڪ گهر خريد ڪيو ۽ اتي رهڻ جو پڪو ارادو ڪيو، پر مئي ۾ بيماريءَ جو مٿس ٻيو حملو ٿيو. پادري کيس ڏسڻ لاءِ آيو. ڪجهه چون ٿا ته هن اعتراف ڪيو، ڪجهه چون ٿا ته هن انڪار ڪري ڇڏيو. اهو سڀ گهٽ اهميت رکي ٿو. هن پنهنجي آخري گهڙين ۾ ڇا ڪيو، ان جو سندس گذري ويل زندگيءَ سان ڪو واسطو ناهي. انسان کي سندس زندگيءَ مان پرکڻ گهرجي، نه ڪي موت جي تڪليفن ۽ اذيتن مان.
والٽيئر جي زندگي ايتري ته متحرڪ ۽ طويل هئي، جو ان جي مقصد بابت ڪو شڪ نٿو ڪري سگهي. وري والٽيئر کي اها به خبر هئي ته جيڪڏهن کيس پاڪ زمين (قبرستان) ۾ دفن ٿيڻو آهي ته کيس ڪليسا جي دعائن سان ئي مرڻو پوندو. سڄي عمر کيس اهو خوف رهيو ته متان کيس مرڻ کانپوءِ ڪنهن گندي نالي ۾ اڇلايو وڃي. پڇاڙيءَ تائين هن پوڙهي ماڻهوءَ جي ذهن ۾ يقينن اهوئي خيال هوندو. هو ڪيئن مئو، اهو ٻڌائڻ ناممڪن آهي. ڪي چون ٿا ته هو انتهائي اذيت ۾ مئو، ڪي چون ٿا ته هن سڪون سان دم ڏنو. شاهدن جي شاهدي گهڻو ڪري انهن جي مذهبي خيالن تي ٻڌل هوندي آهي. هن جي موت بابت خبرن کي شايع ڪرڻ کان روڪيو ويو هو ۽ اها خبر ماڻهن کان لڪائي وئي هئي. پادري جي شاهديءَ جي بنياد تي، جنهن چيو هو ته والٽيئر توبهه ڪئي هئي ۽ پنهنجي ايمان جو اقرار نامو لکيو هو، کيس پئرس کان سئو ميل پري روميلي آن سين نالي هڪ پاڪ زمين ۾ احترام سان دفن ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. هي اها ئي جڳهه هئي، جتي دفن ٿيڻ جي هن سڄي عمر خواهش ڪئي هئي. ٻئي ڏينهن ڪليسا طرفان هڪ حڪم نامو موڪليو ويو ته کيس ان پاڪ زمين ۾ دفن ٿيڻ کان روڪيو وڃي، پر تيسين تائين دير ٿي چڪي هئي. کيس اتي دفن ڪيو ويو هو. تيرهن سالن کانپوءِ، قومي اسيمبليءَ جي حڪم تي، جيڪا ان وقت پراڻي نظام کي ختم ڪري انقلاب آڻڻ جي شروعات ڪري رهي هئي، سندس جسدِ خاڪي کي واپس پئرس آندو ويو. مان هتي ان واپسيءَ بابت لکيل لفظن کي هوبهو نقل ڪرڻ کان نٿو رهي سگهان، جيڪي ان عظيم انگريز خاتون “ٽيلنٽائر” والٽيئر جي شاندار سوانح عمريءَ ۾ لکيا آهن: “6 جولاءِ، 1791ع تي، هڪ جنازي واري گاڏي، جيڪا گلن ۽ زيتون جي پنن سان سينگاريل هئي، جنهن کي چار گهوڙا ڪاهي رهيا هئا ۽ نيشنل گارڊ جو هڪ دستو ان سان گڏ هو، روميلي آن سين کان رواني ٿي ۽ پئرس ڏانهن پنهنجي پروقار فتحمنديءَ جو سفر شروع ڪيائين. گاڏيءَ جي سامهون لکيل هو: ‘والٽيئر جي ياد ۾’ هڪ پاسي لکيل هو: ‘جيڪڏهن انسان آزاد پيدا ٿيو آهي ته کيس گهرجي ته هو پنهنجي مٿان پاڻ حڪمراني ڪري!’ ۽ ٻئي پاسي: ‘جيڪڏهن انسان مٿان ظالم حڪمران حڪمراني ڪن ٿا ته کيس گهرجي ته انهن کي تخت تان لاهي ڦٽو ڪري!’ جڏهن اها گاڏي ڳوٺن مان لنگهي ته ماڻهو هٿن ۾ گل کڻي ان جو استقبال ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪري آيا. مائرن پنهنجن ٻارن کي مٿي کنيو ته جيئن اهي به چئي سگهن ته هنن هي عظيم انسان ڏٺو هو؛ پوڙها ماڻهو اڳتي وڌيا ته جيئن کيس ڇهي سگهن ۽ شفاياب ٿي سگهن. رات جو اهي ڳوٺ، جن مان اهو قافلو لنگهيو، روشن ڪيا ويا؛ ڏينهن جو فتح جا محراب، اڇن ڪپڙن ۾ ملبوس ڇوڪريون ۽ گلن جا هار نظر اچي رهيا هئا. پنهنجي بدحالي ۽ لاچاريءَ مان نڪري، انهن غريب ماڻهن کيس سڃاڻي ورتو هو، جن روئي روئي سڀني انسانن جي حقن جي گهر ڪئي هئي ۽ آزاديءَ کي انهن لاءِ ممڪن بڻايو هو. 11 جولاءِ جي رات، اهو قافلو پئرس پهتو. سندس تابوت کي باسٽيل جي ان قلعي جي کنڊرات تي هڪ تخت تي رکيو ويو، جتي والٽيئر به ڀيرا قيدي ٿي رهيو هو. ان تخت تي هيءَ عبارت لکيل هئي: “هن هنڌ تي، جتي ظلم تنهنجي پيرن ۾ زنجيرون وڌيون هيون، اتي هڪ آزاد قوم جي عقيدت قبول ڪر.” آچر جي سڄيءَ رات ان تابوت کي اتي رکيو ويو. سومر جي ڏينهن منجهند جو ٽين وڳي، ان کي هڪ اهڙيءَ گاڏي تي رکيو ويو، جنهن کي مشهور چترڪار ڊيود ڊيزائين ڪيو هو. ان کي پئرس جي رستن تان گذاريو ويو، جنهن سان گڏ هڪ تمام وڏو قافلو گڏ هو، جيڪو انتهائي منظم هو ۽ ان ۾ هر طبقي ۽ رتبي جا ماڻهو شامل هئا. هتي اهي ماڻهو به هئا، جن باسٽيل جي قلعي کي ڊاهي پٽ ڪيو هو، پنهنجا جهنڊا کڻي هلي رهيا هئا؛ ۽ انهن جي وچ ۾ اها بهادر عورت به هئي، جنهن جنگ ۾ انهن جي اڳواڻي ڪئي هئي. هتي عام شهري، سوئس، جيڪوبنز، اداڪار ۽ سپاهي به هئا. ڪجهه ماڻهن وٽ والٽيئر جي لکڻين مان چونڊيل جملن وارا بينر هئا. ڪجهه يوناني لباس ۾ هئا، جن جي هٿن ۾ مشهور مجسمي ساز هوڊن جي ٺاهيل مجسمي جو سنهري نمونو هو. گاڏيءَ جي اڳيان ڳائڻا ۽ موسيقار هلي رهيا هئا. اها گاڏي، جيڪا پتل رنگ جي چئن وڏن ڦيٿن تي ٻڌل هئي، هڪ عظيم قربان گاهه وانگر نظر اچي رهي هئي. ان جي چوٽيءَ تي والٽيئر جو هڪ مڪمل قد وارو مجسمو هو، جيڪو آرام جي حالت ۾ سمهيل هو ۽ هڪ پرن واري ابدي فرشتي کي سندس مٿي تي تارن وارو تاج رکندي ڏيکاريو ويو هو. ان جلوس ۾ هڪ لک ماڻهو شامل هئا، جڏهن ته ڇهه لک ماڻهن ان جو نظارو ڪيو. اهو سڀ کان پهريان اوپيرا هائوس وٽ رُڪيو، جتي اوپيرا ڪمپني جي فنڪارن اڳتي وڌي والٽيئر جي ڊرامي “سيمسن” جو گيت ڳايو، جيڪو “مارسيلز” سان گڏ انقلاب جو گيت بڻجي ويو… “اي انسانو، جاڳو! پنهنجون زنجيرون ٽوڙي ڇڏيو!” اوپيرا هائوس کانپوءِ جڏهن هي قافلو تُلريز وٽان گذريو، ته هر هڪ دري تماشائين سان ڀريل هئي، سواءِ ان هڪ دريءَ جي جتي بدقسمت بادشاهه لوئي ۽ ماري انتونيت، پنهنجي تباهيءَ جو انتظار ڪندي، بند ڪمرن ۾ ويٺا هئا. آخرڪار، رات جو ڏهين وڳي، برسات جي هلڪي بوندا بانديءَ ۾ قافلو پينٿيون پهتو. والٽيئر جو تابوت ڊيڪارٽ ۽ ميرابو جي قبرن جي ويجهو مخصوص ڪيل جاءِ تي رکيو ويو. پينٿيون ۾ هُو 1814ع تائين مڪمل سڪون سان آرامي رهيو، پر جڏهن انقلاب ختم ٿيو ۽ بوربن خاندان ٻيهر اقتدار ۾ آيو ته والٽيئر ۽ روسو ٻنهي جي مقبرن کي ٽوڙي، سندن قبرن کي زبردستي کوليو ويو. سندن باقيات کي رات جي اونداهيءَ ۾ هڪ ٻوريءَ ۾ وجهي شهر کان ٻاهر کڻي ويا، جتي کين هڪ کڏ ۾ اڇلائي مٿان چُونو وڌو ويو ته جيئن سندن وجود مِٽجي وڃي. اهڙيءَ طرح هن جي خاڪ ان انجام کي پهتي، جنهن کان هُو سڄي عمر ڊڄندو رهيو هو. والٽيئر جي زندگيءَ جو تت بيان ڪرڻ نهايت ضروري آهي. هو هڪ اهڙي دور ۾ پيدا ٿيو، جيڪو وحشت، وهم پرستي، بدترين تعصب ۽ انڌي عقيدي جو دور هو. هن پنهنجو پهريون ڊرامو ارڙهن سالن جي ڄمار ۾ لکيو ۽ پنهنجو آخري ڪم چوراسي سالن جي ڄمار ۾، پنهنجي وفات کان ڪجهه وقت اڳ مڪمل ڪيو. انهن سٺ سالن تائين هن بغير ڪنهن ٿڪاوٽ جي ڪم ڪيو، سچ ڳالهايو ۽ انهن وهم پرستين تي ڪاري ضرب هنئين، جن انسانن جي ذهنن کي جڪڙي رکيو هو. هو فرانسيسي انقلاب جي صبح جو فوت ٿيو، اهو انقلاب جيڪو ڪنهن ٻئي انسان جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ والٽيئر جي خيالن کان متاثر هو.
جيڪڏهن هو ڪجهه سال وڌيڪ حياتي ماڻي ها ته شايد هو پڻ انهن ڪيترن ئي معصومن وانگر گلوٽين جي ور چڙهي وڃي ها. هي اهي نوجوان هئا، جيڪي آزاديءَ جي ان جوش ۾ قربان ٿي ويا. والٽيئر فرانس جي مٽيءَ کي هڪ اهڙي تهذيب ۽ رواداريءَ لاءِ تيار ڪيو، جيڪا اڳي دنيا ڪڏهن نه ڏٺي هئي. والٽيئر قد جو ننڍو، ڏٻرو ۽ جسماني طور تمام چست هو. هن جو تيز فهم ذهن سڄي زندگي سرگرم رهيو. هن هر فڪري ميدان ۾ وڏي بهادريءَ سان مقابلو ڪيو. اهو سچ آهي ته هُو ڪيترائي ڀيرا جُهڪيو، ڪوڙ ڳالهايو ۽ حيلن سان پنهنجو بچاءُ ڪيو ته جيئن هو زنده رهِي، ڪم ڪري سگهي. هن جا ڪيترائي مداح سندس ان ڳالهه کي معاف نٿا ڪري سگهن. هو چاهين ٿا ته والٽيئر به برونو يا سرويٽس وانگر پنهنجي عقيدي تي اٽل رهي ها، ڀلي پوءِ سندس زنده جسم کي باهه ۾ ساڙيو وڃي ها، پر والٽيئر والٽيئر هو، برونو برونو هو ۽ سرويٽس سرويٽس هو. دنيا جو ڪم فيصلا ڪرڻ نه، پر انهن سڀني کي هڪ جهڙو مانُ ڏيڻ آهي. انهن سڀني پنهنجي پنهنجي انداز ۾ زندگي گذاري، پنهنجو ڪم ڪيو ۽ هن مورک پائي ۽ مجبوريءَ ۾ ورتل انسانيت کي عظيم امڪانن ۽ بلندين تائين پهچايو. والٽيئر جذباتي ۽ مهربان هو، کيس شفقت واري دل ۽ حساس جسم ۽ تخيلاتي ذهن هو. والٽيئر جو وجود هڪ دور جي پڄاڻي هو. هن جي زندگي ۽ هن جو ڪم پراڻي ۽ نئين دور جي وچ ۾ هڪ ديوار وانگر بيٺل آهي. جڏهن هو رخصت ٿيو، تڏهن وهم پرستي مري ته نه هئي، پر اها موت جهڙو گهاءُ کائي چڪي هئي. هاڻي وحشت ڪڏهن به انسانن جي ذهنن ۽ خيالن تي قبضو ڪري نه سگهندي. هاڻي قيد خانا، عذاب جا اوزار ۽ شڪنجا انسانن جي روحن کي بچائڻ جا اوزار نه بڻجندا. انهن عظيم سورمن ۾، جن مغربي دنيا مان هن وحشت کي ختم ڪيو، والٽيئر جهڙو بلند ۽ چمڪندڙ نالو ٻيو ڪو به نه آهي. فرانس جي نيشنل ٿيئٽر ۾ والٽيئر جو هڪ مشهور مجسمو لڳل آهي، جيڪو عظيم مجسمي ساز هوڊن جو تيار ڪيل آهي. ان ۾ هو ننڍڙو، ضعيف ۽ پوڙهو نظر اچي ٿو. هن جي کل هڏن سان چنبڙيل آهي، نڪ ۽ کاڏي هڪ ٻئي جي ويجهو آهن. هن جي چپن تي هڪ طنزيه مرڪ ۽ منهن تي هڪ بيباڪ مسڪراهٽ آهي. هن مجسمي جون ڪاپيون سڄي دنيا ۾ پکڙيل آهن ۽ اها ئي والٽيئر جي اها صورت آهي، جنهن کي سڄي دنيا سڃاڻي ٿي. هي اهو والٽيئر آهي، جنهن جا اڻٿڪ هٿ، محبت ڪندڙ دل ۽ دکندڙ دماغ، جنهن جي مسڪراهٽ ۽ طنزيه چپ ان وقت تائين پنهنجو ڪم ڪندا رهندا، جيستائين هن ڌرتيءَ تان ظلم ۽ وهم پرستي هميشه لاءِ ختم نٿا ٿين.
…(پورو ٿيو)…
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو