مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

بھتر سکيا جو سفر

Azhar Azad Mughal

استاد، مترجم، شاعر، ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان جي عام (سرڪاري توڙي نجي) اسڪولن ۾ مسئلا ۽ للڪارون تمام گهڻيون آهن. وسيلن جي کوٽ کان وٺي ٽيڪنالاجي جي رڪاوٽن تائين ۽ استادن جي تربيت جي گهٽ موقعن کان وٺي استادن جي تيزيءَ سان نوڪري ڇڏڻ تائين، پڙهائڻ ۽ سکڻ جو سمورو ماحول ڪيترن ئي مسئلن جو مقابلو ڪري رهيو آهي. شايد سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي جوڳو مسئلو ڪلاسن ۾ شاگردن جو تمام گهڻو تعداد آهي، جيڪو استاد کي هر شاگرد سان ذاتي طور تي واقف ٿيڻ نٿو ڏئي.
پراڻي ۽ روايتي پڙهائيءَ جي خوبصورتي ان لاڳاپي ۾ هئي جيڪو شاگردن جو پنهنجي استادن سان هوندو هو. اسان جهڙن ترقي پذير سماجن ۾ هي لاڳاپو ترقيءَ لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته استاد جو اثر صرف ٻارن تائين محدود ناهي رهندو، پر انهن جي خاندانن ۽ سڄي ڪميونٽي تائين پکڙجي ويندو آهي. ترقي پذير سماجن ۾ استادن کي اخلاقي قدرن، رهنمائي ۽ ذاتي نظرداريءَ ذريعي سماج کي اڏيندڙ سمجهيو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪو شاگرد اسڪول ڇڏي ڏيندو هو ته استاد سندس گهر وڃي والدين کي قائل ڪندو هو ته ٻار کي واپس اسڪول موڪليو وڃي. ارسطو چيو هو ته “اعليٰ ڪارڪردگي ڪڏهن به اتفاقي ناهي هوندي”. جيڪي استاد بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندا آهن، اهي عام طور تي اهي هوندا آهن جيڪي چئلينجن جي باوجود نوان طريقا ڳولڻ لاءِ تيار هوندا آهن. وڏن ڪلاسن ۽ محدود وسيلن جي ڪري اڪثر ڪري هر ٻار تي الڳ ڌيان ڏيڻ مشڪل ٿي پوندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ استاد لاءِ مختلف شاگردن جي ضرورتن مطابق الڳ الڳ طريقي سان پڙهائڻ جي صلاحيت گهٽجي ويندي آهي. تنهن هوندي به استاد تي وڌيڪ ٻوجھه وجهڻ کانسواءِ انهن ڏکيائن مان نڪرڻ جا ڪجهه طريقا موجود آهن.
پهريون طريقو اسڪول جي بنيادي ڍانچي سان ڪم ڪرڻ هوندو. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن جان ڊيوي شاگردن جي گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪلاس روم جي فرنيچر کي نئين سر ترتيب ڏنو ته ان هڪ سادي تبديليءَ جا حيران ڪندڙ نتيجا سامهون آيا. شاگردن کي گروپن ۾ ويهارڻ يا گول ميزن جي چوڌاري ويهارڻ، جتي اهي گڏجي ڪم ڪري سگهن، بحث ڪري سگهن ۽ عملي طور سکڻ جي عمل ۾ حصو وٺي سگهن، جان ڊيوي جي نظر ۾ استاد جو بنيادي ڪردار هو. فرنيچر جي هن نئين ترتيب کي سڄي دنيا جي اسڪولن ۾ اپنايو ويو. سندس اهي طريقا اڄ جي پاڪستان ۾ به اوترا ئي اهم آهن، جتي ٽيڪنالاجي ذريعي ڏني ويندڙ تعليم جي گهرج پڙهائڻ جي طريقن تي ٻيهر غور ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي.
اڪثر استاد هاڻي اهو سمجهن ٿا ته شاگردن کي پراڻن ۽ روايتي طريقن سان نٿو پڙهائي سگهجي. تعليمي ڪاميابيءَ جو دارومدار هر شاگرد جي انفرادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ تي آهي. نون طريقن جو مطلب پراڻيون عادتون ڇڏڻ آهي، جهڙوڪ اهي سست ڪلاس جتي شاگرد صرف استاد کي ٻڌندا رهندا آهن ۽ استاد ئي سڄو وقت ڳالهائيندو رهندو آهي. شاگرد هاڻي ڳالهائڻ، عملي ڪم ۾ شامل ٿيڻ، پڙهايل مواد تي بحث ڪرڻ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ پسند ڪن ٿا. واضح آهي ته اسان جي ڪلاس روم جي ماحول ۾ تمام گهڻي تبديليءَ جي ضرورت آهي. جان ڊيوي جي طريقي موجب، اها استادن جي ذميواري آهي ته هو اهڙو ماحول پيدا ڪن جيڪو سکڻ جي ثقافت کي تبديل ڪري ۽ شاگردن کي پڙهائيءَ ۾ مڪمل طور شامل ٿيڻ جا موقعا ڏئي. ان سان پڙهائي هڪ بار بڻجڻ بدران هڪ اهڙو مقصد بڻجي سگهي ٿي، جنهن کي شاگرد شوق سان حاصل ڪرڻ چاهين. جڏهن استاد شاگردن کي پنهنجي سکيا، پروجيڪٽس يا تصورن کي ڪلاس ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏين ٿا، ته اهي کين پنهنجي صلاحيتن کي ڏيکارڻ جو موقعو ڏين ٿا. جڏهن شاگرد ڪلاس جي اڳواڻي ڪن ٿا، ته سندن ساٿي کانئن سکن ٿا. جيڪو شاگرد استاد جي طريقي کي نٿو سمجهي سگهي، اهو پنهنجي هم ڪلاسيءَ جي پريزنٽيشن مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو. جيڪي ٻار جلدي سکن ٿا کين پڙهائڻ جو موقعو ملي ٿو، جنهن سان استاد کي اهو اندازو لڳائڻ ۾ مدد ملي ٿي ته ڪهڙا شاگرد پڙهائيءَ ۾ تيز آهن ۽ ڪهڙن کي وڌيڪ مدد جي ضرورت آهي. ڊيوي جو متعارف ڪرايل ٻيو بهترين طريقو “مارننگ ميٽنگ” (صبح جي ملاقات) ۽ “ڪلوزنگ سرڪل” (ڏينهن جي پڄاڻي واري گڏجاڻي) هو. انهن ٻنهي جو مقصد شاگردن کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏيڻ آهي، جنهن دوران استاد کين چيڪ ڪري ٿو ۽ اهو يقيني بڻائي ٿو ته ڏينهن جي شروعات ۽ پڄاڻي مثبت ۽ هاڪاري انداز ۾ ٿئي. ان سان سڄو ڏينهن شاگردن جي ڪلاس ۾ دلچسپي ۽ جواب ڏيڻ جي صلاحيت بهتر رهي ٿي. اهو صبر ۽ بردباري جيڪا هو شاگردن جي خراب رويي کي سڌارڻ دوران ڏيکاريندا آهن (اهو پڻ تمام اهم آهي). انهن مان هر هڪ طريقو ان استاد لاءِ تمام وڏي تبديلي آڻي سگهي ٿو جيڪو شاگردن کي اهو احساس ڏيارڻ ۾ ڪامياب ويو آهي ته سندن اهميت آهي، هو پڙهائيءَ سان جڙيل آهن ۽ پاڻ کي بهتر بڻائڻ لاءِ پراميد آهن. استاد سبق دوران شاگردن جي مختلف ذهني سطح مطابق پڙهائڻ جا پنهنجا طريقا تيار ڪري سگهن ٿا. ڪجهه شاگرد مثالن جي ذريعي سکن ٿا، ٻيا ڪيترائي عملي شين ۽ حوالي جي اشارن ذريعي يا وري هڪ ٻئي کي پڙهائي سکن ٿا. ڪجهه شاگرد تحقيق واري طريقي سان سکن ٿا، جتي کين اعليٰ ذهني سطح وارا سوال ڏئي چئلينج ڪيو ويندو آهي. پڙهائڻ جي انهن مڙني مختلف طريقن ۾ هڪ ڳالهه عام هوندي آهي: اهي شاگردن کي پڙهائيءَ جي مواد سان بهترين طريقي سان ڳنڍي ڇڏيندا آهن. پڙهائيءَ جي مواد سان شاگردن جو ائين جڙڻ سڀني مضمونن لاءِ اهم آهي، پر اهو خاص طور تي ان وقت وڌيڪ فائديمند ثابت ٿيندو آهي جڏهن اسان کين مسئلا حل ڪرڻ جي مهارت سيکارڻ ۽ ڪنهن جي مدد کانسواءِ پاڻمرادو پڙهڻ جو شوق ۽ تجسس پيدا ڪرڻ چاهيون ٿا. تعليم ۾ اعليٰ ڪارڪردگي صرف سبق ياد ڪرڻ جو نالو ناهي، پر ان تي پنهنجو ردعمل ڏيڻ، سکيل علم کي وڌائڻ ۽ ان کي اڳتي سيکارڻ جي قابل ٿيڻ جو نالو آهي. آخرڪار سڀ کان ڪامياب استاد اهي ناهن هوندا جيڪي نوان استاد پيدا ڪن، پر اهي هوندا آهن جيڪي بهترين سکندڙ پيدا ڪندا آهن.
موضوع:Better learning
تحرير: ندا ملجي
حوالو:ڊيلي ڊان نيوز پيپر
تاريخ:8 سيپٽمبر 2026

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو