پرنٽنگ پريس جي ايجاد
Sufi Rahman Ali
ڪالم نگار
انساني تهذيب جي ارتقا ۾ لکڻ جي فن جي ايجاد هڪ اهڙو انقلابي موڙ ثابت ٿي، جنهن علم کي حافظن جي قيد مان آزاد ڪري دائمي وجود عطا ڪيو. آثارِ قديمه جي تحقيق موجب، لکڻ جي باقاعده شروعات قديم ميسوپوٽيميا جي عظيم تھذيب سميري تهذيب جي شهر اوروڪ ۾ تقريبن 3400/3200 قبل مسيح دوران ٿي، جتي مٽيءَ جي تختين تي ڪاني جي قلم سان اُڪريل پچر نما نشانين انساني فڪر کي پهريون ڀيرو مستقل تحرير جو روپ ڏنو. اهي ابتدائي تحريرون رڳو واپار، زراعت يا انتظامي حساب ڪتاب تائين محدود نه رهيون، بلڪه وقت سان گڏ علم، ادب، قانون، مذهب، فلسفي ۽ تاريخ جي بنيادن ۾ تبديل ٿي ويون، انهيءَ عظيم ايجاد انسان کي پنهنجي فڪر، تجربن ۽ تهذيبي ورثي کي نسل در نسل محفوظ رکڻ جو اهڙو وسيلو عطا ڪيو، جنهن کانسواءِ اڄ جي علمي ۽ تمدني دنيا جو تصور به ممڪن نه هجي ها، ان کان عظيم سنڌو سڀيتا راڄڌاني موھن جو دڙو مان دريافت ٿيل مھرن تي واپاري مقصدن لاءِ پاليسيون تجارتي مال جي مٽاسٽا جون رڪارڊ ٿيل لکڻيون انڊس اسڪرپٽ دريافت ٿيون، جيڪي موجود وقت ھٿرادو ذھانت جي جديد ترين دور ۾ پڙھي نه سگهيون آھن، پوءِ مصر ۾ پيپرس، چين ۾ ڪاغذ ۽ پوءِ ڪاٺ جي بلاڪن وسيلي ڇپائيءَ جا ابتدائي طريقا وجود ۾ آيا، لکڻ جي فن انسان کي پنهنجي تاريخ، تجربن، قانونن، عقيدن ۽ فڪر کي ايندڙ نسلن تائين محفوظ طريقي سان منتقل ڪرڻ جي صلاحيت ڏني، جنهن سان تهذيبن جي ارتقا کي نئون رخ مليو، پندرهين صديءَ ۾ جرمن موجد جوهانس گوٽنبرگ يورپ ۾ (Movable Type) تي ٻڌل جديد مشيني پرنٽنگ پريس کي عملي شڪل ڏني، لڳ ڀڳ 1455ع ۾ سندس ڇپيل گوٽنبرگ پرنٽنگ پريس مشين سان آسماني ڪتابن بائيبل کي پرنٽ ڪري ان علم فڪر جي تاريخ ۾ هڪ نئين دور جي شروعات ڪئي، هٿ سان لکيل ڪتابن جي ڀيٽ ۾ هاڻي ٿوري ئي وقت ۾ هڪ ئي ڪتاب جون هزارين ڪاپيون ڇپجڻ ممڪن ٿي پيو، جنهن علم کي محدود خانقاهن ۽ محلاتن مان ڪڍي عام ماڻهن تائين پهچايو، پرنٽنگ پريس رڳو هڪ مشين نه هئي، پر انساني شعور ۾ آيل هڪ خاموش انقلاب هئي، تعليم تيزيءَ سان پکڙجي، فلسفي جا مقالا، سائنسي تحقيقون ۽ فڪري بحث وسيع حلقن تائين پهتا، ماڻهن کي مختلف مذهبي عقيدن، فلسفياتي ۽ سماجي نظرين سان واقفيت حاصل ٿي. يورپ ۾ نشاةِ ثانيه، مذهبي سڌارن، سائنسي انقلاب ۽ جديد فڪر جي واڌ ويجهه ۾ ڇپائيءَ جي فن بنيادي ڪردار ادا ڪيو. انهيءَ دور ۾ مسلم دنيا، خاص طور عثماني سلطنت، سياسي ۽ فوجي لحاظ کان پنهنجي عروج تي هئي ۽ ٽن کنڊن تائين پکڙيل هئي، پر علمي دنيا ۾ ڇپائيءَ جي فن بابت اختلاف موجود هئا، سلطنت عثمانيه جي ڪيترن ديني عالمن عربي رسم الخط ۽ مذهبي ڪتابن جي ڇپائيءَ پرنٽنگ پريس ذريعي ڇاپڻ تي خدشا ظاهر ڪري فتوائون جاري ڪيون ۽ ڪجهه وقت تائين ان تي پابنديون به رهيون. نتيجي طور ڇپائيءَ جي ٽيڪنالاجي کي عثماني معاشري ۾ اها تيزيءَ سان قبوليت نه ملي، جيڪا يورپ ۾ حاصل ٿي، تاريخدانن جو وڏو حصو ان ڳالهه سان متفق آهي ته ڇپائيءَ جي دير سان قبوليت علم جي عام ٿيڻ، تحقيق ۽ فڪري ترقي جي رفتار کي سلطنت عثمانيه جي دور حڪومت ۾ ضرور متاثر ڪيو. بعد وارن دورن ۾ اهي پابنديون آهستي آهستي ختم ٿينديون ويون ۽ ارڙهين صديءَ ۾ ابراهيم متفرقه جي ذريعي عثماني سلطنت ۾ غير مذهبي ڪتابن جي باقاعده ڇپائيءَ جي شروعات ٿي. ان کانپوءِ ڇپائيءَ جو فن اسلامي دنيا ۾ به آهستي آهستي رائج ٿيندو ويو، پر ان وقت تائين يورپ علم، تحقيق، يونيورسٽين ۽ سائنسي ايجادن جي ميدان ۾ گهڻو اڳتي نڪري چڪيون هيون. تاريخ جو مقصد ڪنهن قوم يا مذهب کي ملامت ڪرڻ نه، پر ماضي مان سبق حاصل ڪرڻ آهي. جڏهن به ڪو سماج نون خيالن، سائنسي ايجادن ۽ علمي تحقيق کان خوفزده ٿي روايتن کي تنقيدي سوچ تي ترجيح ڏئي ٿو، تڏهن ان جي فڪري اوسر سست ٿي وڃي ٿي. ڇپائيءَ جي مشين بابت پيدا ٿيل هٻڪ ۽ اختلاف به انهيءَ تاريخي حقيقت جو هڪ مثال آهن. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان جي نصاب ۾ اهڙن اهم تاريخي واقعن تي گهري علمي بحث تمام گهٽ ملي ٿي، نئون نسل جيڪڏهن پنهنجي ماضي جي ڪاميابين سان گڏ ڪمزورين کي به سمجهندو، تڏهن ئي هو مستقبل لاءِ بهتر فيصلا ڪري سگهندو. قومون پنهنجي عظمت صرف ماضي جي فتوحات سان نه، پر علم، تحقيق، تنقيدي شعور، آزاد فڪر ۽ مسلسل سکڻ جي صلاحيت سان حاصل ڪنديون آهن. سائنس جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته تقريبن هر وڏي ايجاد کي شروعات ۾ ڪنهن نه ڪنهن قسم جي مخالفت، شڪ يا مذهبي ۽ سماجي اعتراضن کي منهن ڏيڻو پيو، پر آخرڪار اهي ئي قومون اڳتي ترقي جي منزل طرف گامزن رھيون، جن علم کي محدود ڪرڻ بدران ان جي حوصلا افزائي ڪئي، جديد دنيا ۾ طاقت جو اصل سرچشمو هٿيار نه، پر ڪتاب، تحقيقي ادارا، يونيورسٽيون، سائنسي ادارا ۽ آزاد فڪر آهن. جيڪڏهن اسين به ترقي چاهيون ٿا ته جديديت، تحقيق ۽ تنقيدي سوچ کي پنهنجي قومي مزاج جو حصو بڻائڻو پوندو. ڇو ته قومن جي مستقبل جو فيصلو تلوارون نه، پر قلم ڪندو آهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟