انگريزي ٻوليءَ جي مقابلي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو علمي ذخيرو
Saeem Ali Bhellar استاد، محقق، ڪالم نگار
اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ، حڪومت سنڌ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ سنڌي. سنڌي لسانيات ۾ ايم.ايس (ماسٽر آف اسٽڊيز)، بي.ايس (آنرز) سنڌي ۾. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور.
ابلاغ جي مختلف ذريعن مان سُڌِ پوي ٿي ته سنڌي ٻوليءَ جي ڀيٽ ۾ دنيا جي ٻين مختلف ٻولين (خاص طور انگريزي ٻولي) ۾ ادبي ۽ سائنسي موضوعن ۾ تحقيق ڪندڙ اسڪالرن کي گهٽ محنت ڪندي به سٺو لاڀ حاصل ٿئي ٿو. سنڌي ٻوليءَ ۾ مختلف موضوعن تي تحقيق ڪندي اسان جي عالمن پنھنجي اکين جو نور نچوئي ڇڏيو آھي، ان جي باوجود به سنڌ جي عالمن، مفڪرنِ، اديبن ۽ شاعرنِ کي عالمي مڃتا ملي نه سگهي آھي.
انگريزي ٻوليءَ ۾ دنيا جي ھر شعبي جو علم ملي ٿو، ان ڪري ان ٻوليءَ وٽ تعليمي، سائنسي، ادبي ۽ سماجي اصطلاح تمام گهڻا موجود آھن ۽ حالتن پٽاندڙ اھي اصطلاح وڌندا رھن ٿا ۽ ان ٻوليءَ جو دنيا جي ھر ڪتب خاني ۽ اِي بُڪ (سافٽ ڪاپي) ۾ بھترين قسم جو ڊيٽابيس موجود آھي، جيڪو به اسڪالر باٽني شعبي يا ڪنھن به سائنسي شعبي ۾ تحقيق ڪري ٿو (جنھن جو مواد جو ذريعو انگريزي ٻوليءَ ۾ ھجي) ان کي وڏي آساني ٿئي ٿي. موجودہ دور ۾ ھٿرادو ڏاھپ، چيٽ جي. پي. ٽي، گوگل، جمناءِ وغيره تان سنڌي کانسواءِ ٻين سڀني ٻولين وارا باآساني پنھنجي ڪم ۽ مقصد وارو متن حاصل ڪري سگهن ٿا، ان جي ڀيٽ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿيل ڪم ٻين اسڪالرن تائين باآساني پھچڻ ۾ ڪي ٽيڪنيڪل مسئلا درپيش آھن. سنڌي ٻوليءَ جو گڏ ٿيل ڊيٽابيس نه ھجڻ برابر آھي يا انگريزي ٻوليءَ کان تمام گهٽ آھي. سنڌي ٻوليءَ جي نج لفظن جي ڪابه لائبريري اڃان تائين نه جڙي سگهي آھي. ان ڪري سنڌي ادب ۾ تحقيق جا موضوع ساڳيا گٺل ۽ نواڻ کان وانجهيل آھن، ھڪ يونيورسٽي جا منظور ڪيل تحقيقي موضوع ٻي يونيورسٽيءَ ۾ ٿوري رد و بدل سان پيش ٿين ٿا.
اسان جي شاھڪار ٻوليءَ جو ڊيٽابيس مختلف دورن ۾ حملا آورن ۽ ڦورن جي ھٿان سڙندو، لٽبو ۽ ڦربو رھيو آھي، موجوده وقت ۾ اِي بُڪ سافٽ ڪاپي يا گوگل ِڊيٽابيس تي سنڌ جا عالم انفرادي طور تي پنھنجي ھڙان وڙان ڏئي ڏيئي مان ڏيئو ٻارڻ جا جتن ڪندا رھن ٿا، پر ان نيڪ ڪم ۾ اجتماعي طور تي ڪم جي ضرورت آھي.
جيڪڏھن سنڌ جي سڀني يونيورسٽين، ڪاليجن، ھائر سيڪنڊري اسڪولن، ھاءِ اسڪولن ۽ پرائمري اسڪولن جا استاد، شاگرد ۽ سول سوسائٽي جا ماڻھو گڏجي سنڌي ٻوليءَ جي ڪنھن به ھڪ پروجيڪٽ تي سنڌي ٻوليءَ جو ڊيٽابيس گڏ ڪرڻ جي نيت ڪن ته ڪو ڏکيو ڪم نه آھي.
مثال طور: سنڌي ٻوليءَ جي معياري اچارن جو ڊيٽابيس، سنڌي ٻوليءَ جي ٺيٺ/نج لفظن جو ڊيٽابيس، لوڪ ڏاھپ وارين ڳالھين جو ڊيٽابيس، سائنسي اصطلاحن جو ڊيٽابيس وغيره. ڪاليجن، ھائر سيڪنڊري اسڪولن ۽ يونيورسٽين کي گهرجي ته ڪمپيوٽر سائنس سان جڙيل ماھرن کان سنڌي ٻوليءَ جا مختلف پروجيڪٽ وٺي، انھن کي وقت سر شاگردن ۽ استادن جي مدد سان پورو ڪري ٻوليءَ جي ماھرن ۽ ڪمپيوٽر جي ماھرن جي حوالي ڪيو وڃي، جنھن سان اھي ٽيڪنڪي ماھر سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ ڪيل ڪم کي اڳتي وڌائيندا.
سنڌ جي مڙني يونيورسٽين کي گهرجي ته مونوگراف، ايم ايس، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جا عنوان اڳواٽ ٻولي ماھرن جي صلاح مشوري سان منتخب ڪري محفوظ ڪيا وڃن، وقت سر ڪم ڪندڙ اسڪالرن کي سائنسي بنيادن تي ٻڌل موضوع ڳولھڻ ۾ ڪنھن بہ قسم جي ڏکيائيءَ کان بچائي سگهجي.
سنڌي ادب ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي شروع ٿيڻ کان ويندي اڄ تائين مختلف اسڪالرن جن به عنوانن تي ايم. ايس، ايم. فل ۽ پي. ايڇ ڊي جا مقالا لکي ڊگريون حاصل ڪيون آھن، تحقيقي عنوانن جي ان لسٽ کي مڪمل ڪري شايع ڪرائڻ گهرجي، جيڪا نئين پي ايڇ ڊي ڪندڙ جي رهنمائي ڪري سگهي ٿي. ان عمل سان موضوع چونڊڻ ۾ ڪنھن به قسم جي دھراءَ کان بچي سگهبو.
شايع ٿيل ايم. فل پي. ايڇ. ڊي جي مقالن کي ڊيٽابيس ۾ رکيو وڃي ته جيئن مطالعو ڪرڻ وارن ۽ تحقيق ڪرڻ وارن لاءِ آساني ٿي سگهي. تحقيقي ڪم کي ڊيٽابيس ۾ شامل ڪرڻ سان معياري ٻولي، لھجي، اپَ لھجي ۽ ٺيٺ سنڌي لفظن جو ذخيرو وڌندو جنھن مان مُوڙ/مادي لفظن Roots words جي چونڊ ڪرڻ ۾ ھاڪاري مدد ملندي.
روزانو، ھفتيوار ۽ پندرھن وار شايع ٿيندڙ اخبارن ۽ رسالن جو متن گوگل تي ٽيڪسٽ جي شڪل ۾ رکيو وڃي، جنھن سان ھر روز ھزارين لفظ سنڌي ٻوليءَ جي اِي ڊيٽابيس ۾ جمع ٿيندا. انگريزي ٻوليءَ ۾ مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندڙ اصل ۾ نوي سيڪڙو ٿيل ڪم مان فائدو حاصل ڪن ٿا ۽ ڏھ سيڪڙو پنھنجي نواڻ، سوچ، فڪر، خيال، تخيل يا تخيلق کي شامل ڪن ٿا: ان جي ڀيٽ ۾ سنڌي ٻوليءَ جا عالم اديب، محقق ۽ تنقيد نگار نوي سيڪڙو محنتَ، جفاڪشي ۽ سخت مطالعو ڪن ٿا ۽ ڏھ سيڪڙو ٿيل ڪم منجهان فائدو حاصل ڪن ٿا.
انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪم ڪرڻ وارن کي تمام گهڻو ساراهيو وڃي ٿو، ان جي ڀيٽ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ تحقيقي ڪم ڪندڙ اسڪالرن جي حوصلن کي پست ڪيو وڃي ٿو، سماجي روين سان انھن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو، تحقيقي ڪم ڪندي ان کي بار بار دل شڪسته ٿيڻو پوي ٿو.
سنڌي ادب جي انيڪ ٿيسزن جي پيش لفظن ۽ پنھنجي پاران ۾ لکيل آھي ته: “ھي تحقيقي ڪم ڪندي ڪيترائي ڀيرا دل ۾ خيال آيو ته ھن ڪم کي اڌ ۾ ڇڏي ڏيان.” منھنجي وس وت جي ڳالهه نه آهي. جڏھن ته انگريزي ادب جي عالمن وٽ ان قسم جا خيال درج ڪيل نٿا ملن.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟