مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ميڪاولي جي نظريي جا اسان جي سياست ۾ اولڙا

Tufail Magsi

ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

بدنام زمانه سياسي مفڪر ميڪاولي جنهن جي نظرين اسان جي اڄوڪي سياست ۾ بنيادي اهميت حاصل ڪئي آهي، اهو به عوام تي زبردستي ٿاڦيل مهانگائي ۽ ٽيڪسن کي رياست جي لاءِ تباهي ۽ بربادي قرار ڏيندي لکي ٿو، جڏهن عوام تي ناجائز ۽ زبردستي ٽيڪسن جو بار وڌي وڃي ۽ بنا سبب جي مهانگائي جي وسيلي انهن جي معاشي سهپ کي تار تار ڪيو وڃي ته رياست جا بنياد پاڻهي پاڻ ڪمزور ٿيڻ لڳن ٿا.
تاريخ هن ڳالھه جي شاهد آهي ته رياست صرف جاگرافي، فوج يا قانون جي زور تي نه، بلڪه عوامي راضپي، معاشي انصاف ۽ سماجي توازن تي قائم رهندي آهي ۽ جڏهن اهو توازن ڊاوانڊول ٿيندو آهي ته رياست جي سالميت خطري ۾ پئجي ويندي آهي. انهيءَ پسمنظر ۾ مفڪر ميڪاولي جو نالو چٽي حيثيت رکي ٿو. ميڪاولي جيتوڻيڪ هو هڪ حقيقت پسند سياسي مفڪر هو ۽ هن حڪمرانن کي اقتدار جي تحفظ جي لاءِ سخت قدمن کڻڻ جي اجازت ڏني، پر هن وٽ به هڪ بنيادي نقطو چٽو آهي ته حڪمران کي عوام جي نفرت نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي.
هو پنهنجي مشهور لکڻي ۾ لکي ٿو ته ماڻهن جي مال ۽ عزت تي هٿ وجهڻ حڪومت جي لاءِ سڀ کان وڏو خطرناڪ عمل آهي. ڇاڪاڻ ته اهو سڌو سنئون عوام جي دلين ۾ نفرت پيدا ڪري ٿو. جيتوڻيڪ ناجائز ٽيڪس ۽ معاشي استحصال اهو بارود جو ڍير آهي، جيڪو رياست جي اندر ئي اندر بغاوت جون چڻنگون پيدا ڪري ٿو. جيڪڏهن اسان ميڪاولي جي فڪري پسمنظر کي ڏسون ته هو پاڻ رومن تاريخ جي ڳوڙهي مطالعي کان متاثر هو ۽ رومن سلطنت جو مثال هن جي دليلن ۾ بار بار اڀري ٿو.
رومن سلطنت جي زوال جو هڪ وڏو سبب اهوئي هو ته رياست پنهنجي ڪشادگي ۽ عياشي کي برقرار رکڻ لاءِ عوام تي ڳرن ٽيڪسن ۽ مسلسل مهانگائي جو بار وجهي ڇڏيو، جنهن کان عام شهري جي معاشي ڪرنگهي وارو هڏو ٽٽي پيو. نتيجي طور نه صرف عوام ۾ بي آرامي ۽ بغاوت جنم ورتو، بلڪه رياست جي دفاعي ۽ انتظامي ڍانچا به اندر کان ڪمزو ٿيڻ لڳا. ميڪاولي جي انهيءَ تاريخي تجزيي مان اهو سبق نڪري ٿو ته جڏهن رياست پنهنجي بقا جي لاءِ عوام کي ئي نپوڙڻڻ لڳي ته اها اصل ۾ پنهنجا بنياد کوٽي رهي آهي ۽ اهڙو نظام نيٺ پنهنجي ئي بار هيٺيان دٻجي وڃي ٿو.
هو وڌيڪ لکي ٿو ته عوام جون ڪچيون آباديون ويران ڪرڻ، غريبن جو زمينون کسڻ ۽ ماڻهن کي بي گهر ڪرڻ اصل ۾ انهيءَ سوچ جي پيداوار آهي جيڪا رياست کي محض انگن اکرن، نقشن ۽ منصوبن تائين محدود ڪري ڇڏي ٿي. اها اهڙي ئي غير انساني ڍنگ واري حڪمراني آهي جنهن کي اڪثر ٽيڪنوڪريٽ ذهينيت اختيار ڪري ٿي، جتي انسان نه، بلڪه پروجيڪٽ اهم هوندو آهي، مگر سياسي حڪومت، جيڪڏهن واقعي سياسي هجي ته انهيءَ کي عوام جي ڏک ۽ درد جو فهم ٿيندو آهي. هو ڄاڻندي آهي ته بي گهر ڪيل انسان صرف هڪ ڇت نٿو وڃائي، بلڪه پنهنجي سڃاڻپ، عزت ۽ مستقبل به داءُ تي لڳائي ڇڏي ٿو. ميڪاولي جهڙو سخت گير حقيقت پسند مفڪر به هن ڳالھه کان انڪار نٿو ڪري ته حڪمران جي لاءِ عوام جي نفرت کان بچڻ ضروري آهي ۽ جڏهن رياست پاڻ پنهنجي ڪمزور شهرين جي خلاف بيهي رهي ته اها نفرت ضروري ٿي وڃي ٿي.
اهڙيون پاليسيون وقتي طور تي ته شهر کي صاف ته ڪري سگهن ٿيون، پر حقيقت ۾ اهي رياست جا اخلاقي سبب کوکلا ڪري ڇڏين ٿيون ۽ هڪ ڏينهن اهي ئي بي گهر ڪيل ماڻهو رياستي ڍانچي جي لاءِ سڀ کان وڏو سوال بڻجي بيهي رهن ٿا. وڌيڪ ميڪاولي هن ڳالھه تي به زور ڏئي ٿو ته هڪ عقلمند حڪمران اهوئي آهي جيڪو وقتي فائدي جي بجاءِ ڊگهي عرصي واري مضبوطي کي اوليت ڏئي. جيڪڏهن رياست پنهنجي آمدني وڌائڻ لاءِ عوام کي ئي نپوڙڻڻ شروع ڪري ڇڏي ته اها حڪمت عملي ظاهر ۾ مالياتي مضبوطي ته آڻي سگهي ٿي، مگر حقيقت ۾ اها سماجي لُڇ پُڇ، بي اعتمادي ۽ سياسي ڪمزوريءَ کي جنم ڏئي ٿي. نتيجي طور رياست جو اهوئي ڍانچو، جنهن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اهي قدم کنيا ويا هئا، اندر کان کوکلو ٿي وڃي ٿو. ٻيا سياسي مفڪر به انهيءَ خيال جي حمايت ڪن ٿا. عمراني معاهدي جي نظريي جي مطابق رياست ۽ عوام جي وچ ۾ هڪ بنا لکيل معاهدو هوندو آهي، جنهن جي تحت عوام پنهنجين ڪجھه آزادين جي بدلي تحفظ ۽ انصاف حاصل ڪندا آهن. جڏهن رياست ان معاهدي جي روح جي خلاف وڃي عوام تي غير منصفاڻو بوجھه وجهي ٿي ته اهو معاهدو ٽٽڻ لڳي ٿو ۽ هتان کان بغاوت، احتجاج ۽ انارڪي جنم وٺن ٿيون. مهانگائي خاص طور تي جڏهن اها هٿرادو يا پاليسي جي ناڪامي جو نتيجو هجي، عوام جي لاءِ ٻيڻو عذاب بڻجي وڃي ٿي. هڪ پاسي آمدني گهٽ موقعا محدود هوندا آهن ته ٻئي پاسي ضرورت جي شين جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳنديون آهن.
ان صورتحال ۾ عوام جي لاءِ رياست هڪ محافظ جي بجاءِ جابر قوت بڻجي ڪري اڀرندي آهي ۽ اهوئي ويڳاڻپ وارو احساس رياستي ڍانچي کي ڪمزور ڪري ڇڏيندو آهي. تت اهو آهي ته رياست جي اصل قوت هن جا عوام هوندا آهن. جيڪڏهن انهن کي معاشي پريشر، ناجائز ٽيڪسن ۽ ڪنٽرول کان نڪرندڙ مهانگائي جي وسيلي چٿيو وڃي ته رياست جو قائم رهڻ محض هڪ رسمي وجود تائين محدود ٿي وڃي ٿي. ميڪاولي جي حقيقت پسندي به انهيءَ نقطي کي رد نٿي ڪري ته عوامي حمايت کان بنا اقتدار محض هڪ وقتي پاڇولو آهي. هڪ مضبوط ۽ پائيدار رياست اهائي آهي، جيڪا پنهنجي عوام کي سان انصاف ڪري، نه ته ان کي پنهنجي بقا جي قيمت ڏيڻي پوندي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو