شجرن ۽ ذاتين جي صنعت ۽ ڪاروبار
Tufail Magsi
ڪالم نگار
ننڍي کنڊ خاص طور تي پاڪستان جو مسلمان شايد دنيا جو اهو واحد انسان آهي، جيڪو پنهنجي سڄي زندگي پنهنجي نالي سان گڏ هڪ فرضي پٽيءَ کي سنڀالڻ ۾ گهاري ڇڏي ٿو. ڇو ته هن وٽ نه ڪو سائنسي ڪارنامو آهي، نه ڪا فڪري دريافت آهي، نه ڪو ادبي شاهڪار، نه ڪا سماجي خدمت، پر هن جي نالي جي پڇاڙيءَ ۾ “سيد”، “شاهه” “نقوي”، “ڪاظمي”، “قريشي”،“فاروقي” “انصاري” ضرور موجود هوندو آهي، جيڪو سندن خيال ۾ سندن شخصيت جو سڀ کان وڏو تعارف آهي.
عجيب تماشو آهي ته جنهن مذهب انسان جي فضيلت کي عمل، اخلاق ۽ تقويٰ سان ڳنڍيو هو، انهيءَ مذهب جي پوئلڳن فضيلت کي نالن، نسلن ۽ خيالي شجرا پنهنجي نالي سان ٻڌي ڇڏيا آهن. ڄڻ ته ڪردار جي جاءِ خانداني ليبل وٺي ڇڏي آهي ۽ ذهني قابليت جي جاءِ پيءُ ڏاڏن جي فرضي داستانن ورتي آهي. مديني جي گهٽين ۾ گهمڻ وارا ماڻهو “مدني” ڪونه لکندا هئا، مڪي جا رهواسي پنهنجن نالن سان گڏ “مڪي” جا بورڊ کنيو ڪونه گهمندا هئا، شروعاتي معاشرن ۾ انسان کي ان جي عمل سان سڃاتو ويندو هو، نه ڪي ان جي نالي جي پٺيان لڳل لقب يا قبيلي سان، پر ننڍي کنڊ ۾ پهچندي پهچندي مذهب به ذات پات جي بازار ۾ داخل ٿي ويو ۽ هتي هڪ اهڙي صنعت وجود ۾ اچي وئي، جنهن کي “روحاني اشرافيه سازي” چئجي ته غلط نه ٿيندو. اها اهڙي صنعت آهي جنهن ۾ انسان پنهنجي اصل سماجي پسمنظر کي دفن ڪري ٿو، پوءِ هڪ شجرو خريد ڪري ٿو، ان کانپوءِ پنهنجي نالي سان گڏ ڪو عاليشان لقب ڳنڍي ڇڏي ٿو ۽ پڇاڙيءَ ۾ پاڻ کي عام انسانن کان هڪ درجو مٿي سمجهڻ لڳي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اسان جي ننڍي کنڊ ۾ جيڪي هنرمند ماڻهو مختلف ڌنڌن ڌاڙين سان سڃاتا ويندا هئا، انهن جي سڃاڻپ انهن ڌنڌن سان ٿيڻ کانپوءِ اهي سندن ذات جي نسبت سان سڏجڻ لڳيون ۽ پوءِ هڪڙو وقت اهڙو آيو جو ڪنهن کي نيچ ته ڪنهن کي تمام گهڻو اوچو ڪري سمجهيو ويو. جيترو غريب اوترو نيچ، جيترو پئسي وارو اوترو معتبر.
مزي جي ڳالھه اها آهي ته جيترو معاشرو علمي، سائنسي ۽ تهذيبي طور تي ڪمزور ٿيندو وڃي ٿو، اوترو ئي اهو پنهنجي ماضي جي خيالي سهارن سان چنبڙي وڃي ٿو، جن قومن هوائي جهاز، ڪمپيوٽر، دوا، فلسفو ۽ جديد ادرا ٺاهيا، اهي پنهنجي سڃاڻپ ڪم سان ٺاهين ٿا ۽ جن ڪجھه نه ٺاهيو، اهي شجرن جي سهاري چندو گڏ ڪري پاڻ کي عظيم ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. پاڪستان ۾ ائين محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ ملڪ ۾ انجنيئر، سائنسدان، فلسفي ۽ محقق گهٽ آهن، پر سيد، شاهه، قريشي، نقوي ۽ فاروقي ضرورت کان وڌيڪ آهن. جيڪڏهن نالن جا اهي لقب واقعي ڏاهپ، اخلاق ۽ قابليت منتقل ڪن ها ته شايد هي پرڳڻو دنيا جو سڀ کان وڏو علمي، ادبي ۽ دانش جو خطو بڻجي وڃي ها.
اصل الميو اهو ناهي ته ڪنهن جي نالي سان گڏ ڪهڙي نسبت لڳل آهي، بلڪه اصل الميو اهو آهي ته اها نسبت ان جو اڪيلو سرمايو بڻجي وڃي. جڏهن انسان وٽ زماني کي ڏيڻ لاءِ ڪو فڪر، ڪو علم، ڪا تخليق ۽ ڪو ڪردار نه بچي ته اهو پنهنجن ابن ڏاڏن جي سهاري زنده رهڻ لڳي ٿو. جيتوڻيڪ پاڻ ڪجھه نه بڻجي سگهيو ته قبرستان جي سرن تي بيهي ڪري قد ڊگهي ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو ۽ پوءِ ڪيتريون ئي قبرون ڪمائڻ لڳيون، ڇو ته اتي گاديون ٺهي ويون. اهو رويو صرف هڪ سماجي مسئلو ناهي، بلڪه فڪري ڏيوالپڻي جي نشاني آهي. ڇو ته انهن ماڻهن کي اهو اوج انهن ماڻهن ڏنو آهي، جيڪي سندن ان شجري واري سڃاڻپ کان تمام گهڻا متاثر آهن. زنده معاشرا پنهنجي سڃاڻپ مستقبل کان وٺن ٿا، جڏهن ته مرده ۽ ڍونڍ جهڙا معاشرا ماضيءَ جي شجرن مان پنهنجي لاءِ فخر جون نشانيون ڳولهين ٿا.
سوال اهو ناهي ته اوهان سيد آهيو، شاھ آهيو، قريشي آهيو يا فاروقي. سوال اهو آهي ته اوهان پنهنجي نالي کان علاوه دنيا کي ڇا ڏنو آهي؟ ڇاڪاڻ ته تاريخ شجرن کي نه، ڪردارن کي ياد رکندي آهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟