مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

وقت جي اهميت ۽ اسان جو سماجي شعور

Wasiuddin Junejo ڪالم نگار

ايم.ايس.سي ( ڪيمسٽري)، رٽائرڊ ڊپٽي مينيجر (FFC)

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پھريون منظر: شام جا ساڍا اٺ ٿي رھيا آھن. ھڪ شادي ھال ۾ ٻه مھمان ھڪ ٽيبل تي ويٺل آھن. ھنن کانسواءِ ھال ۾ ڪوبه مھمان موجود نه آھي. ايتري قدر جو ميزبان به اتي موجود نه آھن. ھڪ مھمان ٻئي کان پڇي ٿو “ادا ڪارڊ ۾ ته شام اٺين وڳي جو ٽائيم لکيل ھو نه؟” ٻيو مھمان وراڻي ڏئي ٿو ته “ھائو ادا، اٺين وڳي جو ٽائيم لکيل ھو، الائجي ڇو ميزبان به نه پھتا آھن.”
ھڪ ٻيو منظر: صبح جا ڏھ ٿي رھيا آھن، ھڪ نوجوان جنھن جي ھٿ ۾ ڪجھه ڪاغذ آھن، ھڪ سرڪاري آفيس جي ٻاھران بيٺل آھي. دروازي تي موجود پٽيوالو کيس ٻڌائي ٿو ته جنھن صاحب سان نوجوان کي ملڻو آھي، اھو صاحب اڃان آفيس نه پھتو آھي. نوجوان پٽيوالي کان پڇي ٿو ته “آفيس جو وقت ته نوين وڳي شروع ٿي ويندو آھي نه؟” پٽيوالو کيس ٻڌائي ٿو ته “ٽائيم ته نوين وڳي جو آھي، پر صاحب 12 وڳي ڌاري ايندو آھي. توکي ٻه ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پوندو، انتظار ڪر يا 12 وڳي اچ.”
اھڙا منظر اسان جي روزمره جي زندگيءَ جو معمول بڻجي چڪا آھن. ڇاڪاڻ جو اسان کي وقت جي اھميت، قدر ۽ قيمت جو ڪو به اندازو ڪونهي. وقت دنيا جي تمام قيمتي دولت آھي. ٻي دولت ۽ ملڪيتون ضايع ٿيڻ بعد واپس اچي سگھن ٿيون، پر وڃايل وقت ڪڏھن به واپس نٿو اچي سگھي. وقت جي اھميت کي نظر ۾ رکندي مختلف ادارا پنھنجي عملي لاءِ وقت بوقت “ٽائيم مئنيجمينٽ” جا ڪورس ڪرائيندا رھندا آھن، جن ۾ وقت جي بھتر منصوبابندي ۽ بھترين استعمال متعلق آگاهي ڏني ويندي آهي. بدقسمتيءَ سان پاڪستان ۾ اڪثر ڪري وقت کي اھميت نٿي ڏني وڃي. سرڪاري آفيسون ھجن يا غير سرڪاري گڏجاڻيون، اڪثر ماڻھن جي ڪوشش ھوندي آھي ته اھي مقرر وقت کان به ٽي ڪلاڪ دير سان پھچن. شايد ائين ڪرڻ سان سندن انا کي اھو سوچي تسڪين ملندي آھي ته ائين ڪرڻ سان سندن مان مرتبي ۾ واڌ ايندي. اھڙا ماڻھو اھو نه سوچيندا آهن ته سندن وقت جي پابندي نه ڪرڻ ڪري اھڙن ماڻھن کي ڪيتري تڪليف ۽ پريشانيءَ کي منھن ڏيڻو پوندو آهي، جيڪي وقت جي پابندي ڪندا آهن. ھن ڏس ۾ جيڪڏھن سرڪاري ۽ خانگي ادارن جو تقابلي جائزو وٺبو ته اھا ڳالهھ واضح ٿي ويندي ته خانگي ادارا پنھنجا ھدف سرڪاري ادارن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بھتر طريقي سان پورا ڪري وٺن ٿا. ڇاڪاڻ جو انھن ۾ وقت کي وڌيڪ ڪارائتي نموني استعمال ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏھن دنيا جي ڪامياب ترين ماڻھن جي زندگيءَ تي نظر وجهبي ته اھا ڳالھه چٽي نموني واضح ٿيندي ته انھن جي ڪاميابيءَ جي رازن ۾ وقت جي پابندي ۽ بھتر رٿابندي سر فھرست رھي آھي.
ھونئن ته اسان جي معاشري ۾ وقت ضايع ڪرڻ ھڪ معمول ۽ قابلِ فخر ڪم رھيو آھي جنھن جو مثال شھرن، ڳوٺن ۽ روڊن رستن تي واندن ماڻھن جو چانھن جي ھوٽلن ۽ اوطاقن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويھي ٽي وي ڏسڻ ۽ ڪچهريون ڪرڻ مان ثابت آھي، پرگذريل ڪجھه ڏهاڪن دوران، انٽرنيٽ جتي اسان جي ڪم ڪرڻ، خريداري ڪرڻ، رابطي قائم ڪرڻ ۽ ميڊيا جي استعمال جي طريقن ۾ انقلاب آندو آهي ۽ گهڻي ڀاڱي اسان جي زندگيءَ کي تيز ۽ آسان بڻايو آهي، اتي ان جا ڪجھه چئلينج ۽ ثانوي اثر به سامهون آيا آھن.
موجوده دور ۾ انٽرنيٽ لاءِ استعمال ٿيندڙ ڊجيٽل ڊوائيسن ذريعي انسان تائين پهچندڙ اليڪٽرانڪ ميڊيا وقت جي ذيان ۾ اھم ڪردار ادا ڪري رھي آھي، جنھن جو گھڻو شڪار ترقي ڪندڙ ملڪن جو نوجوان نسل ٿي رھيو آھي. ڊجيٽل ڊوائيسن کي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ ۽ وقت بچائڻ لاءِ اوزارن جي طور تي مارڪيٽ ڪيو ويندو آهي. اھي ڊوائيسون ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جتي انسان ذات لاءِ عالمي معلومات حاصل ڪرڻ جو ھڪ ڪارائتو ذريعو آھن، اتي انھن ذريعي حاصل ٿيندڙ مختلف سوشل ميڊيا جا پليٽ فارم نوجوان نسل کي منفي سوچ به ڏئي رھيا آھن. نتيجي ۾ اڪثر نوجوان پنھنجو قيمتي وقت مختلف رانديون کيڏڻ ۽ وڊيو ڏسڻ ۾ ضايع ڪري ڇڏين ٿا. انسان لاءِ زندگيءَ ۾ تفريح حاصل ڪرڻ پڻ انتھائي اھم آھي، پر ھن جو مقصد وقت کي ضايع ڪرڻ بلڪل نه آهي. ھيٺئين نموني وقت جي منصوبابندي بھترين نتيجا ڏئي سگھي ٿي.
(۱) روزانو جي بنياد تي پنھنجي ڪم کي مختلف حصن ۾ ورھائڻ گھرجي.
(۲) سڀ کان وڌيڪ ترجيح پنھنجي روزگار جي ذريعن کي ڏيڻ گھرجي پوءِ اھا ڪا ملازمت ھجي يا ڪاروبار. آفيسن ۽ مارڪيٽن جي وقت مطابق پنھنجي ڊيوٽيءَ واري جاءِ تي پھچي وڃجي ۽ نيڪ نيتيءَ سان پنھنجو ڪم شروع ڪجي. اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نه ڇڏجي.
(۳) ٻي ترجيح پنھنجي گھر ۽ خاندان کي ڏجي. گھر جي ڪمن لاءِ به منصوبابندي انتھائي اھميت جوڳي آھي.
(۴) تفريح ۽ آرام پڻ انسان لاءِ تمام اھم آھن. شام جو ٿورو وقت خاندان سان گڏ ويھي انھن جا ڏک سک ٻڌڻ ۽ انھن سان گڏ ويھي ٽي وي ڏسڻ، ماني کائڻ ۽ ڪنھن ويجھي پارڪ ۾ وڃي تازي ھوا ۾ پنڌ ڪرڻ انسان جي صحت ۽ مزاج تي سٺو اثر وجھي ٿو.
(۵) رات جو جلدي سمھڻ ۽ صبح جو جلدي اٿڻ انسان کي ٻئي ڏينھن جي ڪمن ڪارين لاءِ تيار رکي ٿو. سمھڻ کان اڳ ٻئي ڏينهن جي ڪمن جي رٿا بندي ڪرڻ، وقت جي سٺي استعمال لاءِ ڪارائتا نتيجا ڏيندي.
وقت جي پابنديءَ جي حوالي سان حڪومت کي پڻ سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آھي. ملازمن جي وقت تي آفيسن ۾ حاضري، شادي ھالن ۽ مارڪيٽن تي وقت جي پابندي ڪرائڻ حڪومت جي ذميواري آھي. ھن ڏس ۾ حڪومت طرفان اڪثر نوٽيفڪيشن به جاري ڪيا ويندا آھن، پر انھن تي عمل ٿيندو نظر نه ايندو آھي. شايد ھن جو سبب حڪومت ۾ ويٺل طاقتور طبقو آھي جن وٽ وقت جي اھميت جو ڪوبه احساس نه آھي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو