عشق جي منزل اڳي او قاضيان هن لفظ جي مفهوم کي سمجهڻ لاءِ صوفي ازم جي ڊڪشنري جو مطالعو ڪرڻو پوندو، هتي جنهن عشق جي ڳالھ ڪئي پئي وڃي اهو عشق خالق حقيقي، جنهن ۾ روحاني وجديت ۽ پريت جو پيغام سمايل هجي ٿو. اڄ تازو منهنجي ڪچهري هڪ پينو فقير سان ٿي جنهن جي ڳچيءَ ۾ مڻڪا موتي، پيرن ۾ گهنگرو، ڊگهي جبي سان سڄو جسم اوڍيل هئس ۽ هٿن ۾ يڪتارو وڄائي دڪان دڪان تان خيرات وٺندو رهيو. جڏھن اهو فقير اسان وٽ خيرات وٺڻ آيو ته مون سندس ادب سان اٿي بيهي استقبال ڪيو ۽ کانئس ڪجھ منٽ ڪچهري لاءِ گهريا.