عھد وفا جي تاريخ سيد قائم علي شاهه جيلاني
Sadiq Dodo Soomro
ڪالم نگار، صحافي
سنڌ تڏھن آزاد ملڪ ھو، خيرپور رياست ۾ ھڪ عھدساز شخصيت جو جنم سيد رمضان شاھه جيلاني جي گھر ۾ ٿيو. جنھن جو نالو سيد قائم علي شاهه جيلاني رکيو ويو، اھو 13 سيپٽمبر 1933ع جو سال ھو، سندس ابتدائي تعليم ميٽرڪ تائين ميرن جي جوڙيل درسگاهه ناز ھاءِ اسڪول مان ٿي، جنھن بعد ڪراچي يونيورسٽي مان بي اي ۽ ايس ايم لا ڪاليج ڪراچيءَ مان ايل ايل بي ڪئي. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ 1957 ۾ خيرپور ۾ وڪالت شروع ڪيائين ۽ ساڳي سال سماجي سرگرمين جو بنياد وجھي “خدمت خلق” جي نالي سان تنظيم قائم ڪيائين، جنھن جو صدر چونڊيو ويو، سندس ڪوششن سان 1958ع ۾ پائيز ڪلب نالي تنظيم ٺھي، جنھن ۾ سندس دوستن ۽ شھر جي ماڻھن بھترين ڪردار ادا ڪيو، جنھن سبب مقامي ماڻهن کي ڪيترائي فائدا پھتا، صدر جنرل ايوب خان جي دور ۾ ميونسپل ڪميٽي خيرپور جو وائيس چيئرمين چونڊيو ويو. سندس سماجي خدمتن سبب شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کيس 1970ع ۾ قومي اسيمبليءَ جي ٽڪيٽ ڏني، جنھن تان ھو اڪثريت سان سوڀارو ٿيو، کيس وفاقي ڪابينا ۾ صنعت ۽ ڪشمير افيئرس جو وزير مقرر ڪيو ويو. ان دوران ھن 1976 ۾ ريڊيو اسٽيشن خيرپور جو بنياد رکيو. آمر جنرل ضياءُ جڏھن جمھوريت تي راتاهو ھنيو ته به پارٽيءَ جو ساٿ نه ڇڏيو ۽ محترمه بينظير ڀٽو جو ساٿ ڏنو ۽ ايم آر ڊي جي جدوجھد ۾ به سرخرو ٿيو. هو 1988، 1990، 1993، 1996، 2002، 2008، 2013، 2018 ۽ 2023 ۾ اليڪشن وڙهيو ۽ ڪامياب ٿيندو رھيو. اليڪشن کٽي صوبائي اسيمبلي جو ميمبر ٿيو. 1997 ۾ کيس سينيٽر مقرر ڪيو ويو، ھو ڪيترو ئي عرصو پيپلزپارٽي سنڌ جو صدر رھيو، سيد قائم علي شاهه ٽي دفعا سنڌ جو وزير اعليٰ ٿيو، ھڪ دفعو محترمه جي دور ۾ ۽ ٻه دفعا صدر آصف زرداري جي دور ۾. ان کان علاوه ڪيتريون ئي وزارتون سندس ھٿ ھيٺ رھيون، سندس دلچسپيءَ سان شاھه لطيف يونيورسٽي خيرپور، سنڌ يونيورسٽي ۽ ڪراچي يونيورسٽي ۾ شھيد بينظير ڀٽو چيئرز قائم ڪرڻ لاءِ فنڊ جاري ڪيا ويا.
پاڻ تمام تمام سادو ۽ گھٽ خوراڪ کائيندڙ شخص چئن پٽن ۽ اٺن نياڻين جو والد آهي. سندس پهرين شادي ننڍپڻ ۾ خاندان مان ٿي. ٻي شادي نامور قانوندان اي. ڪي بروهيءَ جي ڀيڻ حُسن افروز سان ٿي، جيڪا 1970ع ڌاري وفات ڪري وئي. ڪجھه سالن کانپوءِ سندس پهرين گهر واري به گذاري وئي ته خاندان جي بيحد اصرار تي شاھه صاحب ٽين شادي به ڪئي.
سيد قائم علي شاھ صاحب جي نياڻي سيده نفيسه شاھ صاحبه سياسي ۽ سماجي اڳواڻ، صحافي ۽ ليکڪا هئڻ سان گڏ نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ (NCHD) جي چيئرپرسن به رھي آهي. هن “ڪارو ڪاري” جي موضوع تي پي. ايڇ. ڊي پڻ ڪئي آهي ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي. هوءَ گذريل دور ۾ ضلعي خيرپور جي ناظمه به رهي چڪي آهي، جيڪا پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ چونڊيل ايم اين اي آھي، جنھن 2023ع واري جنرل اليڪشن ۾ ھڪ لک ٽيھٺ ھزارن کان وڌيڪ ووٽ کنيا.
سـيد قائـم عـلـي شاھه صاحب جون ٻه نياڻيون ڊاڪـٽر نـصـرت شاھه ۽ ڊاڪٽر نگهت شاھه گائناڪالاجسٽ آهن. سندس هڪ ڌيءَ ناهيد شاھه سول سروس ۾ اعليٰ عهدي تي فائز رھي آهي. هوءَ سيڪريٽري تعليم به رهي چڪي آهي. سندس مڙس اقبال دراني صاحب سيڪريٽري سروس ۽ ٻين ڪيترن اهم ادارن جو سيڪريٽري رهي چڪو آهي. سيد قائم علي شاھ جي پٽن مان اسد علي شاھه پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف چارٽرڊ اڪائونٽنٽ (ICAP) جو صدر ۽ ڪجھه بين الاقوامي ادارن جو ميمبر پڻ رهيو آهي. ڊاڪٽر لياقت علي شاھه اکين جو ماهر ۽ مظفر علي شاھه زراعت ۽ زمينداريءَ سان لاڳاپيل رهيو، جڏهن ته افضل شاھه سائنسدان جي حيثيت سان آمريڪا ۾ رهائش پذير آهي.
عھد وفا جو مثال سيد قائم علي شاهه جيلاني جي سياسي جدوجھد ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پارٽي سان ٿي، منسٽري جو دور به ڏٺائين ته جيلن جون سختيون به. ڪيتريون ئي معتبر شخصيتون شھيد ڀٽو جي شھادت کانپوءِ پارٽي به ڇڏي ويون، پر ضيائي مارشلا ۾ به سندس نياڻي شھيد بينظير ڀٽو جي جان نثار ساٿي ٿي بيٺي. جڏھن اقتدار جو دور آيو ته قائم علي شاهه پيپلزپارٽي جو ترجمان ٿي بيٺو. لکين نوجوانن کي روزگار ڏنائين، يونيورسٽيون ۽ ادارا قائم ڪيائين، گڏوگڏ پنھنجو نسل به ڊاڪٽر نفيسه شاھه جيلاني ۽ اسد شاھه جيلاني جي صورت ۾ پارٽي کي ڏنائين، جيڪي پارٽيءَ جا سفير ٿي محترمه سان ٻانھن ٻيلي ٿي رھيا، جيڪا ٽن نسلن جي وفاداري ۽ محبت جو ثبوت آهي. مشرف ۽ ڄام صادق جي دور ۾ چڱن ڀلن وڃي ٻيا وڻ وسايا، پر ھي ڀٽو ازم جو عاشق صادق محترمه سان گڏ ڇپر ڇانو ٿي بيٺو. ڪارساز جي ڌماڪي ۾ به سر جي سين ھڻي اڳ کان اڳرو ٿي بيٺو، شھادت بينظير کانپوءِ سندس ور آصف علي زرداري ۽ سندس ٻچن بلاول، بختاور ۽ آصفه کي اڪيلو نه ڇڏيو. پارٽي کيس جيڪي ذميواريون ڏنيون سي خوش اصلوبي سان پوريون ڪيون. وزير اعليٰ جي دور ۾ سندس ڪوشش ھئي ته لکين نوجوانن کي روزگار ڏجي، سندس اھا ڪوشش ڪامياب ٿي. سندس ڪوشش سان ڪيترن ئي گھرن ۾ علمي ۽ معاشي خوشحالي آئي. صرف زرداري دور ۾ سيد قائم علي شاهه جي جدوجھد سان سنڌ ۾ تيرھن يونيورسٽين جو بنياد پيو. ھن سنڌ ۾ ڪيترائي نوان ميڊيڪل، انجنيئرنگ، ڪيڊٽ، ٽيڪنيڪل، ايگريڪلچر ڪاليج کوليا. سندس ڪوشش ھئي ته جيڪي شاگرد گھر ڇڏي ٻين شھرن ۾ ٽرانسپورٽ ۽ ھاسٽلن جي تڪليف سھن ٿا، انھن جو مسئلو حل ڪجي ۽ انھن کي پنھنجن شھرن ۾ اھي تعليمي سھولتون ڏجن ته جيئن ھو اتي بغير ڪنھن تڪليف جي علم حاصل ڪري سگھن. ھن اتر سنڌ ۾ ايڪنامڪ زون جھڙو ادارو ٺاھيو، جنھن ۾ سوين فيڪٽريون لڳڻ جي گنجائش آھي، ھن جي مھرباني سان لطيف يونيورسٽي کي بلڊنگس ۽ شعبن جو علمي شھر ٺاھيو. ٽيڪنيڪل ڪاليج کي يونيورسٽي ۾ تبديل ڪيو ۽ نيون ٽيڪنالاجيز ڏنيون، ھن ميڊيڪل، انجنيئرنگ، ڪيڊٽ ۽ ايگريڪلچر ڪاليجز جھڙا تعليمي ادارا ڏنا، سندس ڪوششن سان بلاول پارڪ جھڙا خوبصورت گلن جا باغ ڏنا. سندس ڪوششن سان شھر کي ٽي فلاءِ اوور پل مليا، جنھن سبب شھر جي ٽريفڪ ۾ رواني آئي. ادارن جي قائم ٿيڻ سان شھر ۾ ٻاهريان ڊاڪٽر، پروفيسر ۽ ٽيڪنيڪل عملو آيو، انھن جي رھڻ سبب شھر ۾ ڪيتريون ئي هائوسنگ سوسائٽيون ٺھيون ۽ شھر جي بي مثال ترقي ٿي ۽ ڪاروبار جي سطح بھتر ٿي. سندس ڪوشش سان بينظير اوپن ٿيٽر جھڙو ادارو ٺھيو، جنھن ۾ علم، فن سان لاڳاپيل شاعر، اديب، سگھڙ، فنڪار، راڳي، اسٽيج اداڪار ۽ ٻيا آرٽ لور پنھنجي فن کي روشناس ڪندا آهن. سندس ڪوششن سان شھر ۾ تمام وڏا ۽ ڪيترائي شعبا رکندڙ سول اسپتال ٺھي، جنھن کي ڏسي ڪراچي جي ڪنھن وڏي اسپتال جو گمان ٿيندو آهي، ان سان گڏ اين آءِ سي وي ڊي دل جي علاج جي مفت اسپتال ٺاھي وئي. سندس ڪوششن سان کجين جي آبادگارن ۽ واپارين لاءِ نئين منڊي ٺاھي وئي، جيئن واپاري ڪمپنيون عالمي سطح تي ڪاروبار ڪري سگھن. سندس قائم ڪيل ادارن ۽ مليل روزگار مان جڏھن عوام لاڀ وٺندو ھوندو ته ضرور فخر سان سيد قائم علي شاھ کي ياد ڪندو ھوندو.
اڄ به سندس سنڌ جي بچاءُ لاءِ ساڳي چنگھاڙ جي گونج سنڌ اسمبلي ۾ گونجي ٿي جيڪا 1972 ۽ 1988 جي وڳوڙن ۾ گونجندي ھئي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟