لان ٽينس ۽ ومبليڊن گرانڊ سِلم جي تاريخ
هڪ پاسي پهرئين دنيا جا ملڪ آهن جتي ٻين شعبن سان گڏ راندين سان به عشق جي حد تائين پيار ڪيو وڃي ٿو. ٻئي پاسي ٽين دنيا جا ملڪ آهن جنهن جي حڪمرانن جي ڪرپشن انهن کي کِکيءَ جو کارو بڻائي ڇڏيو آهي. کِکيءَ جو کارو بڻجڻ کانپوءِ وري اهي ئي حڪمران پنهنجي پريس ايجنٽن جي ذريعي اهو بيانِيوNarative) ) ڏياريندا آهن ته اسان کي اهڙي حالت ۾ پهچائڻ وارا به اِهي ئي پهرئين دنيا جا ملڪ اٿوَ. هنن جو بيانيو ايئن لڳندو آهي جيئن ڪو گناهه ڪندڙ گناھه ته پاڻ ڪندو آهي، پر لعنتون شيطان تي هڻندو آهي. هاڻي اهڙين خشڪ ڳالهين کي هڪ پاسي تي رکي اچون ٿا ومبليڊن جي ٽرافي ڏي جنهن تي پوري دنيا جي لان ٽينس شوقينن جو مرڪز بڻيل آهي. اِها ڏسئون ٿا ته هن دفعي ڪير ٿو کٽي. لان ٽينس راند ۾ ومبليڊن دنيا جو وڏي ۾ وڏو ٽورنامينٽ آهي. لان ٽينس شروعات ۾ ته هٿن سان کيڏي ويندي هئي، پوءِ گلووز سان ۽ هيئنر ان کي ريڪيٽ سان کيڏيو وڃي ٿو . ههڙيون رانديون صحتمند سرگرمين کي جنم ڏين ٿيون ۽ اسپتالن کي ويران ڪن ٿيون.
لان ٽينس راند جا سال ۾ ومبليڊن، فرينچ اوپن، يو.ايس اوپن ۽ آسٽريلين اوپن چار وڏا گرانڊ سِلم کيڏيا ويندا آهن، پر انهن سڀني ۾ تمام گهڻو اوائلي، مشهور ۽ وڏي ۾ وڏو گرانڊ سلم ومبليڊن آهي. جڏهن ته آسٽريلين اوپن ۽ يو.ايس اوپن هارڊ ڪورٽ ۾ کيڏيو ويندو آهي، فرينچ اوپن وري ڪِلَي ڪورٽ ۽ ومبليڊن گراسِ ڪورٽ تي کيڏي ويندي آهي.
29 جون کان ومبليڊن ٽورنامينٽ شروع ٿيو آهي.
هڪ نظر ومبليڊن جي تاريخ تي: ومبليڊن هڪڙو ٽائون آهي جيڪو لنڊن شهر ۾ موجود آهي. ومبليڊن کي چيمپين شپ ڪپ به ڪوٺيو وڃي ٿو. جيڪو لان ٽينس جي تاريخ جو پراڻي ۾ پراڻو ٽورنامينٽ به آھي. ومبليڊن جي شروعات 1877 ۾ ٿي. جڏهنAll England Lawn وارن ومبليڊن ۾ موجود ڪروڪيٽ Croquet لان جي مرمت جي لاءِ پئسا گڏ ڪرڻ جي لاءِ ٽينس راند جي ٽورنامينٽ ڪرائي. ڪروڪيٽ Croquet هڪ قسم جي راند آهي جنهن ۾ لڪڙيءَ جي مدد سان گاهه تي موجود ڪيترن ئي رنڊڪن مان بال کي گذارڻو هوندو آهي. آل انگلينڊ لان وارن ڪروڪيٽ Croquet لان جي مرمت جي لاءِ پئسا گڏ ڪرڻ لاءِ هيءَ ٽورنامينٽ ڪرائي جنهن ۾ پهرئين سال ٻاويهه رانديگرن حصو ورتو. پهرئين سال ھيءَ ٽورنامينٽ صرف مينس سنگل فارميٽ تحت کيڏي وئي ۽ تمام گهڻي مشهور ٿي. ھيءَ ٽورنامينٽ اسپينسر گورِ Spencer Gore وليم مارشل کي هارائي کٽي هئي. ان کانپوءِ ومبليڊن ٽورنامينٽ ۾ 1884 ۾ وومينس سنگل ۽ مينس ڊبل جو به واڌارو ڪيو ويو. 1913 ۾ وري وومينس ڊبل ۽ مڪسڊ ڊبل جو به واڌارو ڪيو ويو. 1922 تائين هن ٽورنامينٽ ۾ جيڪو دفائي چيمپين هوندو هو اهو صرف فائينل کيڏندو هو جنهن کي ختم ڪري ٽورنامينٽ ۾ وڌيڪ جان وڌي وئي. 1937 ۾ هن ٽورنامينٽ کي ٽيليويزن تي ڏيکاريو ويو. 1968 ۾ هن کي اوپن ارا گرانڊ سلم Open Era Grand Slam جو نالو ڏنو ويو. جنهن ۾ پروفيشنلس ۽ اَميتِيرس ٻئي حصو وٺڻ لڳا. جنهن جي ڪري ومبليڊن پوري دنيا ۾ تمام گهڻو مشهور ٿيو.
ومبليڊن ٽورنامينٽ گراس/گاههَ تي ٽينس کيڏڻ جي ڪري به تمام گهڻو مشهور آهي. ومبليڊن ٽورنامينٽ ۾ سڀني رانديگرن کي اَڇي رنگ واري ڊريس ضروري پائڻي هوندي آهي ۽ سڀني رانديگرن کي آئيس ڪريم لڳل اسٽرابيري به پيش ڪندا آهن. جيڪا ومبليڊن ٽورنامينٽ جي هڪ ثقافت به آهي. هن ٽورنامينٽ جي وڏي خوبي اها به آهي ته راند کي پسند ڪندڙ وڌ ۾ وڌ راند ڏسڻ ايندا آهن جنهن ۾ ٻين راندين سان وابسته وڏا وڏا سيليبرٽي به ايندا آهن.
ومبليڊن جينٽل مينس سنگل وڌ ۾ راجر فيڊرر Roger Federer اٺ دفعا کٽيو آهي. وومينس سنگل مارٽينا نئوراٽِلووا Martina Nauratilova نَوَ دفعا هي اعزاز ماڻيو آهي. عورتن ۾ ننڍي ۾ ننڍي عمر ۾ هي ٽورنامينٽ مارٽينا هنگز صرف سورهن ورهين جي عمر ۾ کٽيو ۽ مردن ۾ بورس بيڪر سترهن سالن جي عمر ۾ کٽيو آهي.
جيڪو ومبليڊن کٽيندو آهي ان جي مٿان پئسن جو ڄڻ مينهن وسندو آهي. هن دفعي جينٽل مينس سنگل ونر جي پرائز ٽي ملين پائونڊ رکي وئي آهي . ڏسون هن دفعي ومبليڊن ڪير ٿا کٽن..!
هي مضمون ڪيئن رهيو؟