سنڌ کي قربانين عيوض ملندڙ نفرتون !!
Qasim Khaskheli
ڪالم نگار
چيو وڃي ٿو ته تاريخ ڏاڍي بي رحم هوندي آهي ۽ اها تاريخ ئي آهي جنهن کي نه ڪو ميساري سگهي ٿو نه ان کان ڪو انڪار ڪري سگهي ٿو. تاريخ جو اهو به وڏو سچ آهي ته پاڪستان جي حق ۾ قرارداد کان وٺي ان کي قائم ڪرڻ سميت ان جي چئني صوبن کي هڪ تسبيح جيان ڳنڍي رکڻ ۾ سنڌ جو هڪ الڳ ڪردار آهي، ان جو مثال اهو آهي ته پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهائڻ وارا بنا ڪنهن رنگ نسل ذات پات ڪنهن به فرق ۽ نفرت جي سنڌ ۾ رهن ٿا، سنڌ پاڪستان جو اهو واحد صوبو آهي جتي ڪشمير گلگت بلتستان کان ويندي دنيا جي ٻين ملڪن جا به ماڻهو نه رڳو رهن ٿا، پر هتي هو بنا ڪنهن رڪاوٽ جي ذاتي ڪاروبار ۽ گهرن جا مالڪ به آهن ان ئي سنڌ صوبي مان هو بهترين ناڻو ڪمائي پنهنجي اباڻن علائقن ۾ به موڪلين ٿا. هتي جي رهڻي ڪهڻي هتان جي پيار محبت واري اصول تحت هو نه رڳو خوشحال آهن، پر سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي ۾ هڪ مطمئن زندگي به گذارين ٿا، سنڌ صوبي پاڪستان ٺهڻ وقت هندستان کان هجرت ڪري ايندڙ ماڻهن کي پنهنجو مسلمان ڀاءَ سمجهي سندن نه رڳو آجيان ڪئي، پر سنڌي قوم انهن هجرت ڪري ايندڙ ڀائرن کي جيءَ ۾ جايون ڏئي آڌر ڀاءَ ڪري پنهنجي ملڪيتن مان حصو پڻ ڏنو، هتي انهن لاءِ ڪاروبار جا موقعا پيدا ڪيا، ان سان گڏو گڏ ملڪ جي ٻين صوبن مان پڻ آيل ماڻهن کي هتي اچڻ ۽ ڪاروبار ڪرڻ ۾ ڪڏهن به ڪا رنڊڪ نه وڌي، انهن هتي اچي روزگار ڪيو، پنهنجون ملڪيتون خريد ڪيون، ايتري قدر جو سنڌ ڌرتي جا هو مڪمل باشندا ٿي رهائش پذير به ٿي ويا، پر سنڌ ۽ سنڌي قوم ڪڏهن به انهن سان تعصب نه ڪيو نه ئي ڪڏهن نفرت جو اظهار ڪيو، پر وقت گذرڻ سان گڏو گڏ انهن ڌارين جن کي سنڌ ڌرتي پناھه ڏني سنڌي ماڻهن جن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون، انهن مان چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن ذاتي مفادن خاطر سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان سياست وارو ڪردار ادا ڪندي آهستي آهستي پاڻ کي مضبوط ڪري پنهنجا پير پختا ڪيا، جنهن کانپوءِ هتان جي پراڻن توڙي نون لڏي ايندڙ سنڌين ۾ نفرت جو ٻج ڇٽڻ شروع ڪري ڇڏيو. نتيجي ۾ وقت بوقت ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ سنڌ سان دشمني وڌندي وئي، اها سنڌ جيڪا هزارين سالن جي هڪ تاريخ رکي ٿي، جنهن سنڌ جي عظيم تاريخ رکندڙ موهن جي دڙي مان محبتن ڀريا ساز مليا ھجن. جتي نفرت ڪڏهن جنم ئي نه ورتو، اتي گهر گهر ۾ دشمني جي باھه ڀڙڪائي ڪجھه ماڻهن پنهنجا سياسي مفاد ماڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پر تن کي سدائين سنڌ ناڪام بڻائيندي رهي، جڏهن انهن مفاد پرستن کي اتي پنهنجي دال ڳرندي نظر نه آئي ته مختلف هيلن بهانن سان سنڌ ٽوڙڻ ۽ الڳ صوبي ٺاهڻ جا آواز به اٿارڻ شروع ڪيا ويا جيڪي سنڌي قوم جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڻ برابر هئا، سنڌ جنهن هر هڪ کي سيني سان لائي پنهنجو امرت پياريو. انهن سنڌ جي سيني ۾ خنجر هڻڻ لاءِ وسان ناهي گهٽايو، پر وقت ۽ حالتون سدائين سنڌ کي سرخرو ڪنديون رهيون آهن. سنڌ ڌرتي دعا ٿيل ۽ هزارين سالن کان آزاد وطن جي حيثيت ۾ رهي چڪي آهي، اها پنهنجي غدارن کي چڱي ريت سڃاڻي به ٿي ۽ ناڪام به ڪري ٿي، جڏهن سنڌ پنهنجي حقن جي ڳالھه ڪري ٿي ته موٽ ۾ سنڌ کي سدائين تعصبي هجڻ جو مهڻو ملندو رهيو آهي، پر سوال اهو آهي ته ڇا پوري پاڪستان کان ويندي دنيا جي ٻين ملڪن جي مسلمانن جو رڳو هڪ سنڌ صوبي ٺيڪو کنيو آهي؟ ڇا پاڪستان جا ٻيا صوبا ناهن؟ جتي ڌاري آبادي کي آباد ڪري سنڌ جي ڳاٽي مان اهو ڳٽ لاٿو وڃي، جڏهن سنڌ جا ماڻهو حقن جي ڳالھه ڪن ٿا ته انهن کي نسل پرست قومپرست ۽ ٻيو الائي ڇا ڇا سڏي تذليل ڪئي ٿي وڃي. اصولي طور سنڌ جي رهواسين جي تذليل ڪرڻ جو ڪنهن کي به ڪو حق ڪونهي، ڇو ته سنڌ سنڌين جي هئي سنڌين جي آهي ۽ سنڌين جي ئي رهندي، جيڪڏهن ڪو به هتي سنڌي ٿي رهڻ چاهي ٿو ته سنڌ جي دل ۽ اکين ۾ انهن لاءِ لکين جايون آهن، پر جيڪو سنڌ ۾ نفرت جي سياست ڪري ٿو، ماڻهن کي هٿيار کڻي ويڙهائڻ لاءِ اتساهي ٿو يا نفرت جو ٻج ڇٽي سنڌ جي وحدت تي وار ڪرڻ جو سوچي ٿو ته اهو سنڌ جي نظر ۾ غدار آهي. سنڌ اها تاريخ رکندڙ ڌرتي آهي جنهن ڪڏهن به هار ناهي مڃي، هن ڌرتي سدائين پيار جو ٻج پوکيو آهي، اڄ به پيار جي ڇانوَ ۾ گڏ رهڻ لاءِ هي ڌرتي پنهنجو سينو حاضر ڪري ويٺل آهي، پر هتي نفرت جي ڪابه گنجائش موجود ناهي، نه ئي سنڌ جا ماڻهو ايترا بيوقوف آهن جيڪي چند سياسي رانديگرن جي غلط اننگ ۾ شڪست کائي ماٺ ڪري ويهي رهندا، سنڌ صدين کان هئي ۽ تاقيامت رهندي، ان کي ٽوڙڻ جو خواب ڏسڻ وارا پاڻ ئي ختم ٿي ويندا، ان ڪري جن سياسي قوتن جي ذهن ۾ آهي ته صوبو الڳ کپي اهي ڀلي پنهنجي علائقن ۾ واپس موٽي وڃن جتان هو آيا هئا، هي سنڌ ڪنهن جي ٽڪرن تي پلجڻ واري ناهي، پر هي سنڌ گهڻن کي پنهنجي ماني مان حصو ڏئي پيٽ ڀريندي رهي آهي، وقتي مفاد جا قائل ماڻهو به اهي پيٽ ڀرائي جون خبرون ڇڏي ڏين جن سدائين سنڌ جو نمڪ کائي سنڌ ۾ نفرتن جو ٻج پوکيو آهي، اهي مايوس ٿيڻ کانسواءِ ڪجھه به حاصل ڪري ڪونه سگهندا، ملڪ جا ٻيا صوبا به آهن اهي به پاڪستاني ۽ مسلمان ڀاءَ سمجهي انهن ماڻهن کي قبول ڪن، انهن کي اتي نوڪريون ڏين، ڪاروبارن ۾ حصو ڏين، گهر ڏين، ملڪيتون خريد ڪرڻ جو حق ڏين ته مڃبو ته هتي سڀ برابر آهن، باقي جيڪي سدائين سنڌ جو کائين به ٿا ۽ نفرتون به وڌائين ٿا اهي پنهنجي ارادن ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندا، جڏهن سنڌ ڪو حق جو سوال ٿي ڪري يا انهن وڳوڙين جي نيڪالي جو مطالبو ٿي ڪري ته اتي وري پاڪستاني ۽ مذهبي لباس پائي وري ڪجھه مفادي ڌريون وڏا ليڪچر ڏيڻ شروع ڪري ٿيون ڇڏين، انهن ليڪچرن کي سنڌ ۽ سنڌي قوم مسلسل ٻڌي ٻڌي ھاڻ سندن اندر جي ابليس کي چڱي ريت سمجهي چڪي آهي، ان ڪري سنڌ جي محبتن کي مجبوري بجاءِ وڏي دل ڪري قبول ڪرڻ گهرجي، نفرتن جي سياست، هتان جي پيار محبت ۽ امن سان رهندڙ رهواسين کي نفرتن جي اوڙاھه ۾ ڌڪڻ کان پاسو ڪري مستقبل جي بهتر ترقي يافته سنڌ کي هڪ ٿي گڏجي مضبوط ڪرڻ گهرجي، جنهن سان رڳو هڪ سنڌ مضبوط نه ٿيندي، پر اهي قومون جيڪي هن ڌرتي سان جڙي چڪيون آهن، اهي به مضبوط ٿينديون، پوءِ جڏهن اهي مضبوط ٿينديون ته پورو پاڪستان نه رڳو مضبوط، پر مستحڪم ٿيندو جنهن سان دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ٿيندو، ان جي بدلي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري به وڌندي روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، عام ماڻهو به سکي ستابي زندگي گذاريندو، تعليم هنر ۽ صحت جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، ان ڪري تاريخ جو اصول اهو آهي ته ان ۾ پاڻ کي داغدار ڪرڻ بجاءِ تاريخ جي ورقن ۾ سنڌ جي ڏنل لازوال قربانين محبتن ۽ پنهنجائپ جو جواب نفرتن ۽ وحدانيت تي وار ڪري ڏيڻ بجاءِ محبتن ۽ محنتن سان ڏيڻ گهرجي، جنهن سان سنڌ جو ڪنڌ فخر سان بلند هجي ۽ پاڪستان سميت سنڌ ۽ سنڌ جي سڀني رهواسين جي تاريخ سونهري اکرن ۾ شاندار نموني لکي وڃي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟