مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ ۾ مولوي گيريءَ جو وڌندڙ رجحان ڪٿي دنگ ڪندو

Ali Ahmed Abro

اليڪٽريڪل انجنيئر ۽ بزنسمين (بينڪاڪ)

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ صدين کان صوفي روايت، برداشت، ثقافتي رنگا رنگي ۽ مختلف مذهبن ۽ مسلڪن جي گڏيل احترام جي حوالي سان سڃاتي وڃي ٿي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ لعل شهباز قلندر جهڙن صوفي بزرگن جي تعليم سنڌ جي سماجي سڃاڻپ ۾ محبت، انسان دوستي ۽ رواداري کي نمايان مقام ڏنو آهي، پر هلندڙ وقت ۾ مسلسل ڪجهه مذهبي اڳواڻن ۽ مذهبي گروهن جي سماجي ۽ سياسي اثر رسوخ ۾ يڪدم واڌ هڪ اهم سوال ضرور پيدا ڪيو آهي ته ڇا سنڌ جي روايتي اعتدال پسند سڃاڻپ آهستي آهستي هڪ وڌيڪ سختگير مذهبي ماحول ڏانهن وڌي رهي آهي؟
عام ڳالهه ٻولهه ۾ جنهن رجحان کي ڪجهه ماڻهو “مولوي گيري” جي اصطلاح طور بيان ڪن ٿا، ان مان مراد صرف ڪنهن مسجد جي امام يا عالمِ دين جو وجود نه آهي، پر اهڙو سماجي رويو آهي، جنهن ۾ مذهبي حيثيت کي اختلافِ راءِ کي دٻائڻ، ماڻهن جي ذاتي معاملن ۾ غير ضروري مداخلت ڪرڻ، سياسي فائدا حاصل ڪرڻ يا معاشري ۾ مذهب کي خوف ۽ دٻاءُ پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي.
هن مسئلي کي سمجهڻ لاءِ مذهب ۽ مذهبي اڳواڻيءَ ۾ فرق ڪرڻ ضروري آهي. مذهب ڪنهن به فرد جو عقيدو ۽ روحاني معاملو ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته مذهبي اڳواڻي ان وقت هڪ سماجي طاقت بڻجي وڃي ٿي، جڏهن ڪجهه ماڻهو پنهنجي مذهبي حيثيت جي بنياد تي اهو طئي ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ته معاشري ۾ ڪير ڇا پائيندو، ڪنهن سان تعلق رکندو، ڪهڙي سوچ رکندو ۽ ڪهڙي سياسي موقف جي حمايت ڪندو. سنڌ ۾ هن رجحان جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا. هڪ طرف رياستي ادارن جي ڪمزوري، معياري تعليم جي کوٽ، معاشي مسئلا ۽ مقامي سياست جو ڪمزور ٿيڻ جيڪو مذهبي اثر رسوخ لاءِ جاءِ پيدا ڪري رهيو آهي. ٻئي پاسي سوشل ميڊيا مذهبي تقريرن ۽ چڙ ۽ ڪاوڙ ڏياريندڙ مواد کي اڳ جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي تيزيءَ سان پکيڙڻ ممڪن بڻائي ڇڏيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن هڪ مقامي واقعو ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ سڄي معاشري لاءِ بحث جو موضوع بڻجي وڃي ٿو. هن صورتحال جو هڪ خطرناڪ پاسو اهو آهي ته مذهبي جذبن کي دليل ۽ قانون جي مقابلي ۾ استعمال ڪيو وڃي. ڪنهن ماڻهوءَ سان اختلاف هجڻ، سندس ڪردار يا عقيدي بابت سوال اٿارڻ يا ڪنهن معاشي مسئلي تي مختلف راءِ رکڻ، ڪنهن به صورت ۾ تشدد يا اجتماعي دٻاءُ جو جواز نٿو بڻجي سگهي. قانون جي بالادستي جو مطلب ئي اهو آهي ته الزام، اختلاف ۽ تڪرار جو فيصلو جذباتي ميڙ بدران قانوني طريقيڪار ذريعي ڪيو وڃي.
اهو پڻ ضروري آهي ته هن مسئلي تي ڳالهائيندي سڀني عالمن کي هڪ ئي نظر سان نه ڏٺو وڃي. سنڌ ۽ پاڪستان ۾ ڪيترائي اهڙا مذهبي عالم آهن، جن تعليم، فلاحي ڪمن، اخلاقي تربيت ۽ سماجي خدمتن ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي. تنقيد جو مقصد مذهب يا هر مذهبي شخصيت کي نشانو بڻائڻ نه هجڻ گهرجي، پر ان رويي تي سوال اٿارڻ گهرجي، جتي مذهبي اختيار کي ذاتي، سياسي يا سماجي طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي. ڇو ته مذهب جو ان پاسي وڃڻ سماج جي لاءِ تمام خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو.
سنڌ جي تاريخي سڃاڻپ شايد ان ڳالهه جي گهر ڪري ٿي ته مذهب کي معاشري ۾ احترام حاصل هجي، پر ساڳئي وقت هر شهري کي پنهنجي زندگي، سوچ ۽ راءِ بابت بنيادي آزادي پڻ حاصل هجي، جيڪا هڪ ترقي پسند معاشرو تعمير ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. هڪ صحتمند معاشري ۾ مسجد، مدرسو، يونيورسٽي، عدالت ۽ پارليامينٽ پنهنجن پنهنجن دائرن ۾ ڪم ڪن ٿا ۽ ڪنهن هڪ اداري يا طبقي کي سڄي معاشري تي غير معمولي اختيار حاصل نه هجڻ گهرجي.
ڏٺو وڃي ته مسئلو “مولوي” جي وجود جو نه، پر اختيار جي ناجائز استعمال جو آهي ۽ هتي مولوي ڪو فرد نه، پر هڪ اهڙي سوچ آهي جيڪا سماج ۾ آزاديءَ سان سوچڻ، سياسي اختيارن جي مٿان ڪنٽرول ڪرڻ ۽ سماج ۾ مختلف راءِ کي وڌڻ ويجهڻ کان روڪي ٿي. سنڌ جي صوفي ۽ روادار روايت کي زنده رکڻ لاءِ مذهبي آزادي سان گڏ اختلافِ راءِ، قانون جي حڪمراني، معياري تعليم ۽ شهري آزادين جو تحفظ پڻ ضروري آهي. مذهب جيڪڏهن اخلاق، خدمت ۽ انسان دوستي ڏانهن وٺي وڃي ته معاشري لاءِ قوت بڻجي سگهي ٿو؛ پر جڏهن مذهب کي ٻين مذهبن کي دٻائڻ جو ذريعو بڻايو وڃي ۽ هڪ مذهب ذريعي ٻين جي مذهبي سڃاڻپ ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته اهوئي اختيار معاشرتي ورهاست جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
سنڌ جي مستقبل لاءِ اصل چئلينج اهو ناهي ته مذهب معاشري ۾ ڪيترو موجود آهي، پر اصل سوال اهو آهي ته مذهب، قانون، سياست ۽ شهري آزادين وچ ۾ توازن ڪيئن برقرار رکيو وڃي؟ جنهن سان هڪ ترقي پسند معاشرو تعمير ٿي سگهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو