والاريل فلسطين (اسرائيل) جي سياست ۾ عرب پارٽين جو وڌندڙ اثر
عرب دنيا ۾ سرڪاري، عوامي ۽ ميڊيا جي سطح تي اسرائيل کي اڪثر “والاريل فلسطين” سڏيو ويندو آهي. منهنجي خيال ۾ جڏهن اسان ڄمون ڪشمير لاءِ “والاريل ڪشمير” جو اصطلاح استعمال ڪريون ٿا ته اسرائيل لاءِ “والاريل فلسطين” چوڻ ۾ به ڪو اصولي تضاد نه هجڻ گهرجي.
والاريل فلسطين جي 2026ع وارين پارلياماني چونڊن کانپوءِ ملڪ جي سياسي منظرنامي ۾ عرب پارٽين جو ڪردار غير معمولي اهميت اختيار ڪري ويو آهي. انهن پارٽين گڏيل طور لڳ ڀڳ 19 سيٽون حاصل ڪيون آهن، جنهن کين حڪومت سازي ۽ وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو جي سياسي مستقبل بابت فيصلائتي حيثيت ڏني آهي.
عالمي ميڊيا رپورٽن موجب، چونڊن کانپوءِ نيتن ياهو جي سياسي بلاڪ کي 53، جڏهن ته گادي آئيزنڪوٽ جي اڳواڻيءَ واري مخالف ڌر کي 48 سيٽون مليون آهن. ڪنيسٽ (پارليامينٽ) ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 61 سيٽن جي حمايت ضروري آهي. اهڙي صورتحال ۾ عرب پارٽيون سياسي اصطلاح ۾ “ڪنگ ميڪر”، يعني حڪومت سازيءَ جو فيصلائتو ڪردار ادا ڪندڙ ڌريون بڻجي ويون آهن. اهي مخالف ڌر سان اتحاد ڪري سگهن ٿيون يا ڪنهن اقليتي حڪومت کي پارليامينٽ کان ٻاهر رهي حمايت فراهم ڪري سگهن ٿيون.
اسرائيل جي آباديءَ ۾ عرب شهرين جو حصو لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو آهي، جن مان اڪثريت پاڻ کي فلسطيني شهري اسرائيل طور سڃاڻائي ٿي. 2026ع جي چونڊن ۾ عرب ووٽرن جي شرڪت 70 کان 80 سيڪڙو تائين پهچڻ، جڏهن ته ڪجهه عرب شهرن ۾ اها لڳ ڀڳ 100 سيڪڙو رهڻ، سندن وڌندڙ سياسي شعور ۽ اجتماعي مفادن بابت حساسيت جو ثبوت آهي. ان جو هڪ اهم سبب نيتن ياهو جي ساڄي ڌر واري حڪومت جون پاليسيون پڻ آهن. خاص طور تي ايتامار بن غفير ۽ بتسلئيل سموتريچ جي سخت گير روين کي عرب شهرين پنهنجي شهري حقن ۽ برابريءَ واري حيثيت لاءِ خطرو تصور ڪيو، جنهن کين وڏي انگ ۾ چونڊن ۾ حصو وٺڻ تي آماده ڪيو.
عرب نمائندگيءَ ۾ ٻه سياسي ڌريون اهم آهن: گڏيل فهرست، جنهن ۾ حداش، تعال ۽ بلد شامل آهن ۽ راعم، جنهن کي متحده عربي فهرست پڻ چيو وڃي ٿو. گڏيل فهرست کي لڳ ڀڳ 11 کان 12، جڏهن ته راعم کي 7 کان 8 سيٽون مليون آهن. ياد رهي ته 2020ع ۾ گڏيل عربي فهرست 15 سيٽون حاصل ڪيون هيون، پر بعد ۾ سياسي ۽ نظرياتي اختلافن سبب ورهائجي وئي.
منصور عباس جي قيادت هيٺ “راعم” اسلامي ۽ سماجي طور قدامت پسند جماعت آهي، جيڪا نظرياتي بحثن کان وڌيڪ عرب برادرين جي عملي مسئلن، جهڙوڪ: ڏوهن جي خاتمي، سماجي خدمتن، شهري سهولتن، معاشي ترقي ۽ سياسي برابريءَ تي ڌيان ڏئي ٿي. 2021ع ۾ اها پهرين آزاد عرب جماعت بڻجي، جيڪا اسرائيل جي حڪومتي اتحاد ۾ شامل ٿي. ان جو موقف رهيو آهي ته عرب شهرين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ رڳو مخالف ڌر ۾ ويهڻ بدران حڪومتي عمل جو حصو بنجڻ به ضروري آهي. منصور عباس موجوده صورتحال ۾ پڻ آئيزنڪوٽ جي مخالف ڌر سان تعاون يا حڪومتي اتحاد ۾ شموليت لاءِ تيار نظر اچي ٿو، بشرطيڪه عرب شهرين جي حقن ۽ مطالبن کي اهميت ڏني وڃي.
ان جي ابتڙ گڏيل فهرست جو سياسي ۽ نظرياتي پس منظر وڌيڪ متنوع آهي. “حداش” کاٻي ڌر ۽ ڪميونسٽ روايت سان لاڳاپيل آهي، جڏهن ته “تعال” ۽ “بلد” فلسطيني قومي سڃاڻپ ۽ قومي حقن تي زور ڏين ٿيون. حداش ۾ عربن سان گڏ يهودي ميمبر پڻ شامل آهن. گڏيل فهرست جا بنيادي مطالبا شهري برابري، امتيازي پاليسين جو خاتمو، فلسطيني علائقن تي قبضي جي پڄاڻي ۽ آزاد فلسطيني رياست جو قيام آهن. غزه ۽ لبنان ۾ اسرائيلي فوجي ڪاررواين جي پسمنظر ۾ ان لاءِ ڪنهن صيهوني حڪومتي اتحاد ۾ سڌيءَ طرح شامل ٿيڻ ڏکيو ٿي سگهي ٿو. تنهنڪري ان جو ڪنهن اقليتي حڪومت کي ٻاهران مشروط سهارو ڏيڻ وڌيڪ ممڪن آهي.
عرب پارٽين سان تعاون بابت مخالف ڌر ۾ پڻ مڪمل اتفاق موجود نه آهي. يائير گولان جهڙا اڳواڻ انهن سان سياسي سهڪار جا حامي آهن، پر گادي آئيزنڪوٽ سميت ڪجهه اڳواڻ حڪومت جي صيهوني سڃاڻپ تي زور ڏيندي عرب پارٽين جي مڪمل شموليت بابت احتياط ڪن ٿا. اهو تضاد اسرائيلي سياست جي بنيادي مسئلي کي ظاهر ڪري ٿو: عرب شهري آباديءَ جو پنجون حصو هجڻ باوجود حڪومتي اتحاد ۾ سندن شموليت کي قومي ۽ نظرياتي بنيادن تي تڪراري بڻايو وڃي ٿو.
ٻئي طرف نيتن ياهو ۽ سندس ساڄي ڌر جا اتحادي عرب پارٽين جي سياسي ڪردار کي مشڪوڪ بنائڻ لاءِ چونڊن ۾ مبينا بي ضابطگين ۽ “ٻاهرين مداخلت” جا الزام لڳائيندا رهيا آهن، پر ڏنل رپورٽن موجب پوليس ۽ چونڊ ڪميشن انهن الزامن کي رد ڪيو آهي. اهڙي صورتحال عرب شهرين جي چونڊيل نمائندگيءَ جي جائز حيثيت بابت سياسي ڇڪتاڻ کي وڌيڪ نمايان ڪري ٿي. موجوده صورتحال ۾ حڪومت سازيءَ جا ٽي امڪان آهن. پهريون، آئيزنڪوٽ جي مخالف ڌر جون 48 ۽ عرب پارٽين جون 19 سيٽون گڏجي 67 ٿين ٿيون، جيڪي حڪومت ٺاهڻ لاءِ گهربل 61 سيٽن کان وڌيڪ آهن. اهڙي اتحاد سان نيتن ياهو کي اقتدار کان ٻاهر رکڻ ممڪن ٿي سگهي ٿو، پر ان لاءِ نظرياتي اختلافن تي اتفاق ضروري آهي. ٻيو، عرب پارٽيون سڌيءَ طرح حڪومت ۾ شامل ٿيڻ بدران ڪنهن اقليتي حڪومت کي ٻاهران حمايت ڏئي، پنهنجي برادرين جي مسئلن، بجيٽ ۽ شهري سهولتن بابت مطالبا مڃرائي سگهن ٿيون. ٽيون، جيڪڏهن مخالف ڌر ۽ عرب جماعتن ۾ اتفاق نه ٿيو ته سياسي تعطل پيدا ٿي سگهي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ نئين چونڊن جو امڪان پڻ موجود آهي.
هتي اها وضاحت به ضروري آهي ته اسرائيل جا سڀ عرب شهري مسلمان به ڪونهن. عرب آباديءَ ۾ مسلمانن جو حصو لڳ ڀڳ 80 کان 83 سيڪڙو، عيسائين جو 8 کان 9 سيڪڙو ۽ دروز جو لڳ ڀڳ 9 سيڪڙو آهي. دروز برادريءَ جي پنهنجي الڳ مذهبي ۽ اجتماعي سڃاڻپ آهي ۽ ان جا سياسي لاڙا پڻ مختلف ٿي سگهن ٿا؛ ان جو هڪ حصو يهودي قيادت وارين جماعتن جي حمايت ڪندو رهيو آهي. عرب پارٽين ۾ بنيادي طور مسلمان ۽ عيسائي عرب شامل آهن، جڏهن ته حداش ۾ يهودي ميمبر پڻ آهن. تنهن ڪري انهن پارٽين کي رڳو مذهبي بنيادن تي پرکڻ درست نه ٿيندو؛ سندن سياست جو بنياد قومي سڃاڻپ، شهري حقن ۽ مختلف سياسي نظرين تي آهي.
مجموعي طور 2026ع جي چونڊن عرب پارٽين کي اسرائيلي سياست جي مرڪز ۾ آڻي ڇڏيو آهي. سندن وڌندڙ پارلياماني قوت حڪومت جي قيام ۽ اقتدار جي تبديليءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. تنهن هوندي به، نظرياتي اختلاف، صهيوني سڃاڻپ جو سوال، فلسطين بابت بنيادي اختلاف ۽ تاريخي بداعتمادي گڏيل حڪمت عمليءَ جي راهه ۾ وڏيون رڪاوٽون آهن.
اصل سوال رڳو اهو ناهي ته عرب پارٽيون نيتن ياهو کي اقتدار کان هٽائڻ ۾ ڪامياب ٿينديون يا نه، پر اهو پڻ آهي ته ڇا اسرائيل جو سياسي نظام پنهنجي عرب شهرين کي رڳو ووٽرن ۽ پارلياماني انگن اکرن تائين محدود رکڻ بدران حڪومتي فيصلن ۽ قومي پاليسين ۾ برابر جو حصيدار تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهي؟ جيڪڏهن عرب پارٽيون پنهنجي پارلياماني طاقت کي شهري برابري، سياسي حقن، سماجي انصاف ۽ فلسطيني مسئلي بابت پنهنجي اصولي موقف جي حمايت ۾ استعمال ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيون ته اها اڳڀرائي علائقي جي سياسي صورتحال ۾ هڪ اهم موڙ ثابت ٿي سگهي ٿي. ان لحاظ کان 2026ع جون چونڊون رڳو حڪومت جي تبديليءَ جو امڪان نه، پر علائقي جي هٿ ٺوڪي جمهوريت، قومي سڃاڻپ ۽ عرب شهرين جي سياسي حيثيت بابت هڪ اهم بحث جو آغاز پڻ آهن.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟