مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

هوس جي وڌندڙ باهه ۽ سوچ جو زوال

Hakeem Prem Chandwani ڪالم نگار، شاعر

ايم.اي (اڪنامڪس)، ايل.ايل.بي (فاضل طب ۽ جراحت)

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

هوس جي، وڌندي ويندي آ، حاوي ٿي، سوچ بري ٿيندي آ.
مٿيون شاعراڻيون سٽون، حقيقت ۾ انسان جي اندر ٿيندڙ اُن خاموش تبديليءَ جو آئينو آهن، جيڪا آهستي آهستي خواهش کي ضرورت، ضرورت کي لالچ، لالچ کي هوس ۽ هوس کي زندگيءَ جو مقصد بڻائي ڇڏيندي آهي. انسان جڏهن پنهنجي خواهشن جو مالڪ رهڻ بدران خواهشن جو غلام بڻجي وڃي ٿو، تڏهن سندس سوچ جي سمت به بدلجڻ لڳي ٿي. پوءِ صحيح ۽ غلط جو فرق ڌنڌلو، ضمير جو آواز ڪمزور ۽ مفاد جو آواز بلند ٿيندو وڃي ٿو. هوس جي ڪا حد مقرر ناهي، جنهن وٽ ڪجهه ناهي، اهو ڪجهه حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن وٽ ڪجهه آهي، اهو وڌيڪ چاهي ٿو ۽ جنهن وٽ گهڻو آهي، اهو اڃان به وڌيڪ گڏ ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ لڳي وڃي ٿو. مسئلو خواهش رکڻ ۾ ناهي، مسئلو اُن وقت پيدا ٿئي ٿو جڏهن خواهش انسان جي عقل، اخلاق ۽ اصولن کان وڏي ٿي، ان تي حاوي ٿي وڃي ٿي. دنيا جي تاريخ شاهد آهي ته وڏيون تباهيون هميشه هٿيارن مان ئي پيدا نه ٿيون ٿين، ڪڏهن ڪڏهن هڪ ننڍڙي لالچ به وڏو فساد برپا ڪري ڇڏيندي آهي. هڪ ماڻهوءَ جو هوس خانداني سک ڦري سگهي ٿي، هڪ واپاريءَ جي بي ايماني ڪيترن خاندانن جو نقصان ڪري سگهي ٿي، هڪ آفيسر جي رشوت خوري معاشري جي حقن کي کائي سگهي ٿي ۽ هڪ طاقتور شخص جي خود غرضي هزارين ماڻهن جي مستقبل کي متاثر ڪري سگهي ٿي، پر سڀ کان خطرناڪ هوس اها آهي، جيڪا انسان کي پنهنجي غلط عمل لاءِ به دليل فراهم ڪرڻ سيکاري ڇڏي. جڏهن دل تي هوس حاوي ٿي وڃي، تڏهن انسان چوي ٿو ته ٻيا سڀ به ته ائين ئي ڪن ٿا. جڏهن ضمير ڪمزور ٿئي ٿو، تڏهن چوي ٿو ته موقعو مليو هو، مون به فائدو وٺي ورتو. جڏهن اخلاق پوئتي هٽي وڃي ٿو، تڏهن چوي ٿو ته جيڪو طاقتور آهي، اهوئي صحيح آهي. اهڙيءَ طرح غلط ڪم پهريان مجبوري بڻجي ٿو، پوءِ عادت، پوءِ روايت ۽ آخرڪار سماجي بيماري. اصل مسئلو دولت جو هجڻ ناهي، دولت انسان جي ضرورت پوري ڪري سگهي ٿي، پر هوس ڪڏهن به پوري نٿي ڪري سگهي. ضرورت چوي ٿي ته مون کي ايترو گهرجي جيترو زندگيءَ لاءِ ڪافي آهي. هوس چوي ٿي ته: جيڪو ڪجهه آهي، اهو ڪافي ناهي. ضرورت انسان کي سنڀالي ٿي، هوس انسان کي هلاڪ ڪري ٿي. ضرورت زندگيءَ کي آسان بڻائي ٿي، هوس زندگيءَ کي بيچين بڻائي ٿي. اڄ اسان کي پنهنجي معاشري جي ڪيترين ئي خرابين جي پاڙ ۾ اها ئي وڌندڙ هوس نظر اچي ٿي. ملاوٽ ڇو ٿيندي آهي؟ وڌيڪ نفعي جي هوس. رشوت ڇو ورتي ويندي آهي؟ ناجائز فائدي جي هوس. دوکو ڇو ڏنو ويندو آهي؟ ذاتي مفاد جي هوس. حقَ ڇو دٻايا ويندا آهن؟ طاقت ۽ اختيار کي پنهنجي ملڪيت سمجهڻ جي هوس ۽ جڏهن هوس اجتماعي سوچ بڻجي وڃي ٿي، تڏهن معاشرو صرف غريب نه ٿيندو آهي، اخلاقي طور به ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي ويندو آهي. انسان جي عظمت سندس مال جي مقدار سان نه، پر سندس اندر جي معيار ۽ ڪردار سان ماپي ويندي آهي. وڏو گهر، قيمتي لباس، شاندار گاڏي ۽ گهڻو بئنڪ بيلنس انسان کي وڏو نٿا بڻائين، وڏائي تڏهن پيدا ٿئي ٿي جڏهن انسان وٽ اختيار هجي ۽ هو انصاف ڪري، وٽس دولت هجي ۽ هو حق نه کسي، وٽس طاقت هجي ۽ هو ڪمزور کي نه دٻائي. اسان کي پنهنجي نئين نسل کي صرف ڪاميابيءَ جو سبق نه، پر ڪاميابيءَ جي حدن جو شعور به ڏيڻ گهرجي. کين ٻڌائڻو پوندو ته هر حاصل ڪرڻ لائق شيءِ حاصل ڪرڻ ضروري ناهي. هر خواهش پوري ڪرڻ آزادي ناهي. ڪڏهن ڪنهن شيءِ کان پاسو ڪرڻ ئي ڪردار جي وڏي فتح هوندي آهي.
هوس جي مقابلي ۾ سڀ کان وڏي طاقت قناعت آهي، پر قناعت جو مطلب ترقيءَ کان هٿ کڻڻ هرگز ناهي. قناعت جو مطلب آهي ته انسان محنت ڪري، اڳتي وڌي، بهتر زندگي حاصل ڪري، پر پنهنجي مقصد لاءِ ڪنهن ٻئي جو حق نه کسي. ترقي اها آهي جنهن ۾ منهنجو فائدو به هجي ۽ معاشري جو نقصان به نه ٿئي. اسان کي پنهنجي ضمير کان هڪ سوال روز پڇڻ گهرجي ته مان جيڪو چاهيان ٿو، ڇا اهو واقعي منهنجي ضرورت آهي يا منهنجي هوس؟ جيڪڏهن هي سوال انسان جي ضمير ۾ زنده رهي، ته ڪيترائي غلط قدم کڻڻ کان اڳ ئي رڪجي سگهن ٿا. سماج قانونن سان ضرور هلندو آهي، پر سماج کي خوبصورت ضمير بڻائيندو آهي. قانون هٿ کي روڪي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن دل اندر کان بيدار هجي ته انسان غلط ڪم ڪرڻ کان اڳ ئي پاڻ کي روڪي وٺندو. تنهنڪري معاشري جي اصلاح صرف قانون جي سختيءَ سان نه، پر سوچ جي پاڪيزگيءَ سان ٿيندي. اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان پنهنجي ٻارن کي اهو نه سيکاريون ته زندگيءَ ۾ ڪنهن به قيمت تي اڳتي وڌو، بلڪه اهو سيکاريون ته اصولن سان اڳتي وڌو. ڇو ته هوس انسان کي گهڻو ڏئي سگهي ٿي، پر سک نٿي ڏئي. هوس خزانو گڏ ڪرائي سگهي ٿي، پر دل جي دولت نٿي ڏئي. هوس طاقت ڏئي سگهي ٿي، پر عزت نٿي ڏئي. هوس دنيا کٽرائي سگهي ٿي، پر انسان جو پنهنجو پاڻ کان احترام کسي سگهي ٿي. زندگيءَ جي وڏي ڪاميابي اها ناهي ته اسان وٽ ڪيترو آهي، اصل ڪاميابي اها آهي ته اسان وٽ جيڪو ڪجهه آهي، اهو ڪهڙي طريقي سان حاصل ڪيو ويو آهي ۽ ان سان ٻين لاءِ ڪهڙي ڀلائي ڪئي وئي آهي. جيڪڏهن سوچ سٺي هوندي ته خواهش به حد ۾ رهندي، عمل به سٺو ٿيندو ۽ معاشرو به سنواريل ۽ مهذب رهندو، پر جڏهن هوس سوچ تي حڪومت ڪرڻ لڳندي، تڏهن انسان جي اندر جو انسان آهستي آهستي خاموش ٿي ختم ٿي ويندو. ان ڪري اڄ ئي پنهنجي اندر جي عدالت ۾ فيصلو ڪرڻو پوندو. خواهش اسان جي هٿن ۾ رهندي يا اسان خواهش جي هٿن ۾؟ ڇو ته هوس جي باهه ٻاهران ننڍڙي نظر اچي سگهي ٿي، پر جيڪڏهن ان کي وقت سر روڪيو نه ويو ته اها پهرين سوچ کي ساڙيندي، پوءِ ڪردار کي ۽ آخرڪار سڄي معاشرتي اخلاق کي ساڙي ڇڏيندي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو