مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پاڪستان ۾ وڌندڙ اليڪٽرانڪ فضلو، ماحولياتي گدلاڻ ۽ قانونسازي جي کوٽ

Wasiuddin Junejo ڪالم نگار

ايم.ايس.سي ( ڪيمسٽري)، رٽائرڊ ڊپٽي مينيجر (FFC)

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اڄوڪي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ واري دور ۾ جتي انسان پنھنجي لاءِ وڌ کان وڌ آسائشون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي، اتي اھي آسائشون کيس ماحولياتي گدلاڻ جي ڄار ۾ پڻ وڪوڙي رھيون آھن. دنيا ۾ وڌندڙ ماحولياتي گدلاڻ ڪوريئڙي جي ڄار مثل بڻجي رھي آھي، جنھن منجھان انسان جو نڪرڻ ڏينھون ڏينهن مشڪل ٿيندو پيو وڃي. ھن جو وڏو مثال اليڪٽرانڪ فضلو آھي. اليڪٽرانڪ فضلي مان مراد آھي اھڙو اليڪٽرانڪ جو سامان جيڪو پنھنجو مدو پورو ڪري چڪو ھجي، استعمال ۽ مرمت جي قابل نه ھجي. دنيا ۾ حڪومتون ۽ ادارا پنھنجا ڪم “پيپرليس” ماڊل تي تبديل ڪري رھيا آھن جيئن ڪاغذ جو استعمال گھٽ ۾ گھٽ ٿئي. ماھرن مطابق ائين ڪرڻ سان ھڪطرف ڪاغذي ڪچري جي پيداوار ۾ گھٽتائي ايندي ته ٻئي طرف وڻن جي واڍيءَ ۾ پڻ ڪمي ايندي، پر ائين ڪرڻ سان ھڪ ٻيو سنگين مسئلو پيدا ٿي رهيو آهي. “پيپرليس” ماڊل تي اچڻ لاءِ ڪمپيوٽرن، موبائيلن ۽ ٻين اليڪٽرانڪ جي سامان جو واھپو تمام گھڻو وڌي ويو. اھڙي طرح موسمياتي تبديليءَ جي ڪري ڌرتيءَ جي گرمي پد وڌڻ ڪري پکن ۽ ايئرڪنڊيشن جي استعمال ۾ تمام گھڻي واڌ آئي. جيئن ته انھن اليڪٽرانڪ جي سامانن ۾ استعمال ٿيندڙ پرزن جي تياريءَ لاءِ پلاسٽڪ ۽ ڳرن ڌاتن (ھيوي ميٽل) مثال طور: شيھي، پاري وغيره جو استعمال ڪيو ويندو آهي، ان ڪري وقت گذرڻ سان گڏ اھي ماحول لاءِ نقصانڪار ٿيندا ويندا آهن. اھي اليڪٽرانڪ جا سامان تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ ٽيڪنالاجيءَ جي ڪري ٿوري ئي وقت ۾ ناڪاره بڻجي وڃن ٿا، جنھن سبب انھن جي جاءِ تي نوان ماڊل خريد ڪرڻا پون ٿا ۽ پراڻا فضلي جي شڪل ۾ ضايع ڪيا وڃن ٿا.
گلوبل اليڪٽرانڪ ويسٽ مانيٽر جي مطابق، 2022 ۾ دنيا 62 ملين ٽن اليڪٽرانڪ فضلو پيدا ڪيو، جنھن جو صرف 22.3 سيڪڙو ري سائيڪل ٿيو. اھو فضلو جنھن ۾ ڪمپيوٽر، موبائيل فون، ريفريجريٽر، ٽيليويزن، مائيڪرو ويو اوون ۽ ٻيو اليڪٽرانڪ جو سامان اچي وڃي ٿو، سراسري طور تي 7.8 ڪلو گرام في شخص هو. اهو انگ 2010 ۾ پيدا ٿيل 34 ملين ٽن فضلي کان 82 سيڪڙو اضافي ھو. ھڪ محتاط اندازي موجب 2030 تائين، اليڪٽرانڪ فضلو 82 ملين ٽن تائين پهچڻ جو امڪان آهي، جيڪو 2022 جي پيداوار جي مقابلي ۾ 32 سيڪڙو اضافو آهي ۽ ري سائيڪلنگ جي ڪوششن کان وڌيڪ آهي. ڪجھه ڏھاڪا اڳ جيڪي اليڪٽرانڪ جا سامان عياشي سمجھيا ويندا هئا اھي ھاڻي ضرورت بڻجي چڪا آھن. دنيا ۾ وڌندڙ آباديءَ سان گڏ اھڙن اليڪٽرانڪ جي سامانن جي پيداوار ۾ ڏينھون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي. پاڪستان جھڙي ملڪ ۾ جڏھن اھڙو ناڪاره ٿيل سامان وڪامجي ٿو ته اھو اڪثر اھڙن واپارين وٽ پھچي ٿو جن کي ھن مان ٿيندڙ نقصانن متعلق ڪابه ڄاڻ نه ھوندي آھي. اھڙن سامانن کي جڏھن ٻيھر قابل استعمال ڪرڻ يا انھن ۾ موجود ڌاتو ڪڍڻ لاءِ يا ته انھن کي ڪنھن نامياتي ڪيميڪل ۾ وڌو ويندو آھي يا ساڙيو ويندو آھي جنھن دوران انھن مان تمام خطرناڪ گيسون خارج ٿينديون آھن جيڪي انساني صحت لاءِ انتھائي نقصانڪار ھونديون آھن. اھي گيسون ڪينسر، ڦڦڙن جي بيمارين ۽ دماغي مرضن جو سبب بڻجنديون آھن. اليڪٽرانڪ فضلي کي ضايع ڪرڻ يا ٻيھر قابل استعمال بڻائڻ لاءِ خاص مھارت جي ضرورت هوندي آهي، پر جيئن ته ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ اھڙن ڪمن جي ڄاڻ نه رکندڙ عورتن يا ٻارن کان ورتا ويندا آھن ان ڪري اهڙين بيمارين جو شڪار اڪثر ڳورھاريون عورتون ۽ ٻار ٿيندا آھن.
پاڪستان جي موسمياتي تبديليءَ ۽ ماحوليات واري وزارت ھن مسئلي تي اسلام آباد ۾ 8 جولاءِ 2025 تي ھڪ اعليٰ سطحي ميٽنگ گھرائي. ھن ميٽنگ ۾ موسمياتي تبديليءَ ۽ ماحوليات جي ڊائريڪٽر جنرل ٻڌايو ته “پاڪستان اليڪٽرانڪ فضلي جي تيزي سان وڌندڙ چئلينج کي منهن ڏئي رهيو آهي. پاڪستان ۾ ساليانو تقريبن 5 لک ٽن اليڪٽرانڪ فضلو پيدا ٿئي ٿو. ھن مسئلي تي عوامي شعور جي کوٽ سنگين ماحولياتي ۽ عوامي صحت جا خطرا پيدا ڪري رھي آهي.” ھن ميٽنگ ۾ اليڪٽرانڪ فضلي کي ٻيھر قابل استعمال بڻائڻ ۽ ٺڪاڻي لڳائڻ لاءِ قانون سازي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ھاڻي ڏسڻو اهو آهي ته اھا قانون سازي ڪڏهن ٿيندي ۽ ان قانون تي عملدرآمد به ٿيندو يا نه.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو