رياست جو مثال انڌي جي هٿ ۾ لٺ برابر آهي، سمجھ ۾ نٿو اچين ته ڇا ڪن؟ يا ڪير ان کي صحيح دڳ تي لائيندو؟ مثال جيڪي به سياستدان آهن، اهي سڀ پاڻ صنعتڪار به آهن، انهن جون اوورسيز صنعتون به آهن، اهي سڀ سمجهن ٿا ڪمپنيون ڊفالٽ ڪڏهن، ڇو ۽ ڪيئن ڪنديون آهن. انهن کي خبر آهي ته ڪارخانن جي زوال پذير معيشت کي ڪيئن بهتر ڪري سگهجي ٿو؟ اهي اها ڳالھ ڀلي ڀَتِ سمجهن ٿا ته ڪمپنيءَ ۾ خرابي ڪٿي ڪٿي ٿي سگهي ٿي يا ڪٿي ڪٿي ممڪن آهي، مسئلو مشينري سان آهي يا ماڻهن سان آهي، شيون جي ٺهن ٿيون ته کپن ڇو نٿيون ۽ جي کپن ٿيون ته ڪچو مال دير ڇو ٿو ڪري يا خرابي جا ڪارڻ ڇا آهن يا ڇا ٿي سگهن ٿا ۽ اهي سڀ خرابيون ڪيئن دور ڪري سگهجن ٿيون؟ اهي پنهنجي ڪمپنين جي سالياني آڊٽ رپورٽ ڪرائي، انهن ڪمپنين جي لاءِ تحقيقي رپورٽون ٺهرائي، انهن کي نفعي بخش ڪري ويندا آهن، انهن کي خبر پوندي آهي ته گڙٻڙ ڪٿي آهي ۽ ڪٿي ٿي سگهي ٿي يا ڪٿي هئي ۽ اهي ماڻهن ۽ مشينريءَ کي هڪدم تبديل ڪري وٺندا آهن.